دنيا ڀر ۾ رهڻ وارو سنڌي دوستو!
              اسين توهان سان هن بارود ڀريل دنيا ۾ امن، خوشحالي، انسانيت جي احترام جي اميد سان مخاطب آهيون ته خدا ڪري هي دنيا امن جو گهوارو بنجي. بارود جي بارش ۽ معصوم جانين کي خون ۾ وهنجارڻ وارا مذمت لائق عمل بند ٿين، عالمي طاقتون انسانيت جو احترام اپنائي آزاد ۽ خودمختيار قومن جي حقن جو احترام ڪن.
        ساٿيو! جئين ته اسان ۽ توهان بحثيت سنڌي هجڻ جي ڪري ڏيهه ۾ امن جي علامت ۽ پرڏيهه ۾ امن جا سفير آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان جو تعلق انهي ديس سان آهي جتي هميشه امن جي آبياري ڪئي وئي آهي. نفرت، هوڏ، انتها پسندي جو ٻڄ ان ڌرتي تي ڇٽيو ئي ناهي ويو. اُخوت، رواداري ۽ انسانيت جي احترام جا عنصر ان ديس جي مٽي ۾ ڳوهيل آهن. جتان جيڪڏهن ڪو آواز گونجي ته ان جي پڪار اهائي هجي ته؛
                                 سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
                                  دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

يا پوءِ اهو آواز هي هجي ته؛
                               جنهنجو نالو جنگ، اُن جو انگ انگ آڳ آ،
                             تنهن کان سڀڪو تنگ، او شل، باهه تباهه ٿئي!
      اسان انهي سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ پنهنجي سنڌڙي ڏي نهارينداسين ته اُها به موجوده بارود ڀريل دنيا ۾ مظلوميت جو هڪ نشان نظر ايندي. جتي جي خوشحالين جو ضامن ۽ سنڌ جي هميشه جو ساٿي ”سنڌو دريا“ پنهنجيون لهرون موجون ۽ دهشت وڃائي چڪو آهي. سنڌو جي پيٽ مان اُڏامندڙ واري تيز هوائن جي جهوڪن ۾ واڪا ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي تباهي جا مرثيه ٻڌائندي محسوس پئي ٿئي. سنڌ جي ٻهڙاري جي حالت ڏسڻ کانپوءِ اهو عقل تسليم ئي نٿو ڪري ته هي اُها سنڌ آهي جنهن جي آمدني مجموعي ملڪي آمدني جي 70 سيڪڙو مڃيل آهي. پر ساٿيو! اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته ايترين وسيلن سان ڀرپور هئڻ باوجود به سنڌ غربت ۾ آهي ۽ اُتي جا رهواسي غريب آهن. اهو ڪو مٿائين تقدير جو عمل ناهي پر واڳ ڌڻين جون بنايل ڪي پاليسيون آهن جن جي ڪري دانسته طور تي سنڌ جا ماڻهو نظر انداز ٿيندي غربت جي دلدل ڏانهن ڌڪبا وڃن پيا. ۽ ان جو ٻيو سبب اهو ته اقتدار جي طاقت جي گرائونڊ ۾ اڃا ڪو به باضمير سنڌي پهچي ناهي سگهيو جيڪو صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو عوامي پريشر ته پاليسيون برابري جي بنياد تي جڙي سگهن. باقي ضمير فروشن ۽ ڌرتي لڄائڻ وارن جي هر دور جئيان اڄ به ڪا ڪمي ناهي. وزيري مشيري جو عهدو حاصل ڪرڻ لاءِ سوداگرن جي لائن لڳي پئي آهي جيڪي ڀڳڙن مٺ ڌرتي وڪڻڻ لاءِ تيار آهن. چند ڏينهن جي اقتدار خاطر ڪو ضمير فروش سنڌي هن سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم جو تحفو ڏيندي دير نه ڪندو. جنهن جو نتيجو سنڌ ۽ ان جا ماڻهو بک ،بدحالي ،قحط ، سوڪهڙي، غربت، بيروزگاري جي عالم ۾ صدين تائين ڀوڳيندا. هن وقت اتفاق راءِ جي مهم ۾ اهڙا مڙس مٿير چوڌهرين کان به ٻه قدم اڳتي وڌڻ لاءِ آتا بيٺا آهن. صرف چند ڏينهن لاءِ اقتدار ۾ رهڻ جي ضمانت تي هو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
             ڌرتي ديس اباڻا ڪک انهي ڳالهه جا حقدار هوندا آهن ته هر موقع تي مقدم رهن پر ضمير فروش ماڻهو انهن ڳالهين کان بيگانه بنجي ويندا آهن. انهن جي ڪردار جو احتساب سنڌ جي تاريخ ڪندي.
         هن وقت شاهه جي ننگري رواداري ۽ اُخوت جي مرڪز سنڌ جي سنڌين جي اهائي خواهش آهي ته کين برابري جي بنياد تي اهي حق ڏنا وڃن جيڪي سندن وڏي ڀاءُ جي حيثيت ۾ پنجاب ۽ اتي جي رهواسين کي حاصل آهن. سنڌو جي پاڻي تي ڊيم ٺاهي سنڌو جي وجود کي سنڌ ۽ سنڌي کان ڌار نه ڪيو وڃي. ماضي جئيان هاڻ نااهليت جا طعنا ۽ ليبل سنڌ جي ماڻهن تي هڻي انهن کي نظر انداز ڪرڻ وارين پاليسين جو خاتمو اچڻ گهرجي. سنڌ جي تمام وسيلن تي پهريون حق سنڌ جي مقامي رهواسين کي حاصل هئڻ گهرجي. ته جئين سنڌ جي عوام مان احساس محروميت کي
ختم ڪري سگهجي.

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net