چکين جي چِيت ڪري....!

بنگالين جي قومي وحدت ۽ اسان جي ويڳاڻپ

a7akash@yahoo.com

ڪالم نگار: آڪاش مهراڻوي، ڍاڪا (بنگلاديش)

ٻولي، قومي ڏهاڙا، قومي شهيدن جا ڏينهن ملهائڻ ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ جياپي جي نشاني هوندي آهي، ڪنهن به قوم جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ انجي ٻوليءَ جي بقا،  واڌ ويجھه ۽ ان قوم جي فرزندن پاران ٻوليءَ سان بي پناه محبت جو هجڻ نهايت ضروري آهي. ڇا توهان مان ڪنهن اهڙي قوم کي ڏٺو آهي جيڪا پنهنجي ٻوليءَ، قومي شهيدن، قومي ڏهاڙن ۽ ثقافتي توڙي تهذيبي ڏهاڙن سان مجنونءَ وانگر چرين جي حد تائين نه صرف محبت پر بي پناه عشق ڪندي هجي....؟! نه ته پوءِ توهان کي بنگلاديش اچي ضرور ڏسڻ گھرجي ته ڪيئن نه بنگالي قوم نه صرف پنهنجي مادري ٻوليءَ سان عشق جي حد تائين محبت ٿي ڪري پر ٻوليءَ سان گڏ پنهنجي ثقافت، پنهنجي تهذيبي قدرن، پنهنجي قومي شهيدن توڙي پنهنجي سموري ڪلچر سان واقعي به چريائپ جي حد تائين عشق ڪري ٿي.

 اهو پهلا بيساک هجي يا پهلا فالگون، 21 فيبروري ٻوليءَ جي شهيدن جو ڏهاڙو هجي يا 26 مارچ پاڪستاني فوجين پاران هزارين بنگالي نارين جي عزتن لٽجڻ ۽ لکن جي تعداد ۾ بنگالين جي قتلِ عام جو ڏينهن، 16 ڊسمبر بنگلاديش جي قومي آزاديءَ جو ڏينهن هجي يا نوبل انعام يافته بنگالي شاعر ٽيگور جو جنم ڏينهن يا وري بنگالي قومي شاعر شهيد نظر الاسلام جي جنم ۽ شهادت جو ڏهاڙو، سڀئي ڏهارا ساڳئي جوش جذبي ۽ قومي هيڪڙائي سان ملهائيندڙ قوم جو نالو آهي بنگالي يا بنگلاديشي قوم.

  سڀ بنگالي ننڍا توڙي وڏا، عرتون توڙي مرد بغير ڪنهن سياسي، مذهبي ۽ طبقاتي مت ڀيد جي هڪ ئي طرح سان پنهنجا قومي ۽ تهذيبي ڏينهن ملهائيندي نظر ايندا. ڪنهن کي به ڪو هندو ڪو عيسائي ڪو ٻُڌُ ڪو مسلمان يا ڪو سِکُ نظر ڪونه ايندو هر طرف هڪ قوم ”بنگالي“ نظر ايندي. پوءِ اهو بنگالي بنگلاديش ۾ هجي يا ملڪ کان ٻاهر پر پنهنجا تهذيبي تهوار يا ڏڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ نه وساريندو.

فيبروري 1952ع ۾ پنهنجي مادري ٻولي ”بنگالي“ کي سندس جائز مقام ۽ حيثيت ڏيارڻ واسطي  ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن پاران شروع ڪيل جدوجهد غير فطري  پاڪستاني قومپرستيءَ جي بنياد کي پاڙن سوڌو اُکوڙي بنگالي قومپرستيءَ جو بنياد وڌو جيڪو بعد ۾ سندن قومي آزادِيءَ جو سبب بڻيو.

 فيبروري مهيني جي مناسسبت سان بنگلاديش ۾ ملهائيندڙ بنگالي قومي ڏهاڙن جو مختصر ذڪر ڪري پنهنجي ستل قوم ۽ بيمار ضمير کي جھنجھوڙڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته من اسان به رِيسارا ٿي پئون ۽ اسين به ...... ...... !!!

پهلا فالگون: بنگلا سال جي فالگون مهيني جي  پهرين تاريخ ، هن ڏينهن تي بنگلاديش ۾ بهار جي آمد جو جشن ملهايو ويندو آهي سموريون ناريون هن ڏينهن تي بنگلاديش جي شهر ”ٽانگايل“جون تيار ٿيل پِيلي رنگ جون ساڙهيون پهرين ۽ وارن ۾ پِيلا گل لڳائين جڏهن ته مرد وري پِيلي رنگ جون شرٽس يا پهرياڻ پهرينِ. سڄو ڏينهن فيمليز توڙي جوان ۽ جوانڙيون پارڪن، رستن ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي نظر ايندا هر طرف پِيلاڻ ئي پِيلاڻ نظر ايندي سڄو بنگلاديش ڦولاريل سرنهن جي پوک نظر ايندو.

 21 فيبروري: مادري ٻولين جو بين الاقوامي ڏينهن، جيڪو اصل ۾ بنگالين پاران پاڪستان سرڪار طرفان اردو ٻولي مڙهڻ واري عمل خلاف جدوجهد جو ڏينهن آهي 21 فيبروري1952ع  تي لکن جي تعداد ۾ بنگالي شاگردن جلوس ڪڍي اردو بدران بنگالي ٻوليءَ کي بنگال اسٽيٽ جي سرڪاري ٻوليءَ طور نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر پاڪستاني سرڪار سندن جائز مطالبو مڃڻ بدران جلوس مٿان فائرنگ جو حڪم جاري ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هزارن جي تعداد ۾ شاگرد زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترائي مارجي ويا بعد ۾ اها ٻوليءَ واري تحريڪ ئي بنگال جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ تبديل ٿي ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين ملڪ ’بنگلاديش‘ جو واڌارو ٿيو بنگالين جي ان عظيم جدوجهد جي مڃتا طور اقوام متحده جي اداري يونيسيف 21 فيبروريءَ کي مادري ٻولين جو بين الاقوامي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي سموري بنگالي قوم نه فقط فخر ڪري ٿي پر هر سال 21 فيبروري (جنهن کي ”امر ايڪُوشي“ چون، ايڪُوشي بنگلا ٻوليءَ ۾ 21 کي چوندا آهن) جي ڏينهن کي نهايت احترام، جوش ۽ محبت سان ملهائي پڻ ٿي. فيبروري مهيني جي شروعات سان ئي امر ايڪُوشي جي شروعات ٿيو وڃي پهرين فيبروريءَ کان ننڍي کنڊ (شايد دنيا جو) وڏي ۾ وڏو ڪتابن جو ميلو شروع ٿئي جنهن ۾ هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ بنگالي ادب، سائنس، تواريخ سميت سمورن موضوعن جا ڪتاب وڪري لاءِ رکيا ويندا آهن هي ميلو 28 فيبروريءَ تائين مسلسل جاري رهندو آهي ۽ روزانو نوان شايع ٿيل ڪتاب ميلي جي زينت بڻجندا رهندا آهن ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي انگ جو ان مان اضافو لڳائي سگھجي ٿو ته ميلي جو نظارو پسڻ لاءِ 17 فيبروريءَ تي بنگلا اڪيڊمي ويس هن سال بنگلا اڪيڊميءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران حفاظت جي حوالي سان هر ايندڙ جي چڪاس لاء خودڪار مشينون نصب ڪيون هيون جن هيٺان گذرڻ لاءِ سمورن شرڪت ڪندڙن کي قطارون ڪري بنگلا اڪيڊمي جو مکيه  دروازو ٽپڻو هيو ۽ قطارون ايڏيون ته ڊگھيون هيون جو دروازو ٽپڻ جو منهنجو وارو ساڍن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ آيو!!!

اهي سڀ شرڪت ڪندڙ مون جيان رونشي ڪوڏيا نه هيا پر سڀ ڪو نه ڪو بنگلا ٻولِيءَ ۾ لکيل ڪتاب ضرور خريد ڪري رهيا هيا ڪتابن جي اسٽالن تي بي انتها رش مان سندن ڪتاب دوستي ۽ ٻوليءَ سان محبت بَکِي رهي هُئي. ميلي ۾ سڀ بنگالي ٻارين ٻچين ايندا آهن ۽ هن ميلي ۾ سواءِ ڪتابن جي ٻيو ڪجھ به نه هوندو آهي جو ٺلهي وندر خاطر ماڻهن جي ايڏي پِيهه ٿيندي هجي. ڪتابي ميلا ته لاڙڪاڻي، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به لڳندا آهن پر ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت منهنجي لاءِ واقعي به اچرج جهڙي ۽ ريس ڏيندڙ هئي. ٻوليءَ سان محبت ته اسان سنڌين کي نه آهي سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ اسان به جانين جا نذرانا ڏنا اسان وٽ به ٻولِيءَ جا شهيد ۽ هيرا آهن. اسان به 4 مارچ عقيدي احترام ۽ جوش سان ملهائيندا آهيون اسان به سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪتاب خريد ڪندا ۽ پڙهندا آهيون جو ڪنهن به رسالي، ڪهاڻين جي ڪتاب يا ناول جون هزار ڪاپيون ڇپائڻ کان پوءِ پبلشر ويل ۾ هوندا آهن ته وڪرو ڪيئن ڪجن چئن ڪروڙن کان مٿي سنڌين جي ديش سنڌ ۾ هزار ڪتاب کپائڻ مسئلو؟؟! ڪيڏي محبت آهي اسان کي!!! اسين 4 مارچ ملهائيندا ته آهيون پر سنڌ جا اهڙا ڪيترا سنڌي آهن جن کي 4 مارچ جي باري ۾ ڄاڻ آهي؟ عام ماڻهوءَ جي ڳالهه کي پري رکو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، شاه لطيف يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي، نوابشاه ميڊيڪل ڪاليج، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ جي سمورن ڪيڊٽ ڪاليجن سميت ڊگري ڪاليج، اهڙا ادارا آهن جتي سنڌ جو شعور ڇوليون هڻندو رهيو آهي، جي شاگردن ۽ استادن کان سروي ڪئي وڃي ته اهڙا ڪيترا آهن جن کي 4 مارچ جي شهيدن جي نالن جي يا ان ڏهاڙي جي اهميت بابت ڪا ڄاڻ آهي؟ مان نه ٿو سمجھان ته ڄاڻ رکندڙن جو تعداد 20 يا 25 سيڪڙو کان وڌيڪ هجي.  آهي نه عجب ۽ شرم جهڙي ڳالهه!! پر بنگلاديش جو ڪو شاگرد هجي يا پورهيت، ڍاڪا، چٽاگانگ جو رهواسي هجي يا ڪو عام ڳوٺاڻو توهان کي 21 فيبروريءَ جي باري ۾ آرام سان ٻڌائي سگھندو. 20 فيبروريءَ جو جيئن ئي رات جا 12 ٿيندا ته مرڪزي شهيد مينار طرف گلن جا هار کڻي ننڍن وڏن بنگالين جا قدم وڌڻ شروع ٿيندا ۽ 21 فيبروريءَ جي رات تائين اهو سلسلو جاري رهندو. شهيد مينار 21 فيبرورِيءَ تي ٻوليءَ جي شهيدن جي ياد ۾ ان جڳهه تي تعمير ڪيو ويو آهي جتي شاگرد جلوس دوران گوليون جھلي شهيد ٿيا هيا. جڏهن ته پهرين فيبروريءَ کان ئي شهيد مينار تي روزانو ادبي ۽ سماجي تقريبون ۽ بنگلا ناٽڪ شروع ٿي ويندا آهن جيڪي پورو مهينو جاري رهندا آهن.  

اخبارون يا اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ذريعا اهڙي ڄاڻ پهچائڻ يا شعور بيدار ڪرڻ جا اهم ذريعا هوندا آهن تازو 21 فيبروري جهڙو اهم ڏينهن گذريو آهي مونکي هتي سنڌي ٽي وي چينل ڏسڻ ته نصيب ڪونه ٿا ٿين پر انٽرنيٽ تي موجود سنڌي اخبارون ۽ رسالا باقائديءَ سان پڙهندو آهيان منهنجي حيرت جي حد نه رهي جو جتي پوري دنيا جون قومون پنهنجي مادري ٻوليءَ جو ڏينهن ملهائي رهيون هيون اُتي سنڌ جي ناليوارين اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي يا مادري ٻوليءَ جي حوالي سان ڪو ڳڻپ جيترو مواد ڪونه هيو .....!!! جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ هتي سمورين اخبارن خاص سپليمينٽس شايع ڪيون هيون ۽ هر اخبار ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنجن کان ڏهه مضمون شامل هيا. ڇا اسان جي اخبارن، ڪالم نويسن ۽ اديبن کي رِيس ايندي جو فيبروريِءَ جون ڪسرون 4 مارچ تي پوريون ڪجن.  

  26 مارچ: هن رات پنجابي فوج پنهنجي تاتاري پڻي جو ثبوت ڏيندي رات جي اونداهيءَ ۾ قتل غارتگيري، عورتن سان اجتماعي زنا ۽ وحشيپڻي جو دنيا اندر نئون مثال قائم ڪيو هو،25 مارچ 1971ع رات جي اونداهيءَ ۾ پراڻي ڍاڪا جي زنجيرا ۽ ٻين علائقن ۾ ستل بنگالين جي گھرن ۾ گھڙي لکن جي تعداد ۾ بنگالين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هيو، نارين جا ڪپڙا سنگينن ۽ تيز چاقن سان چيري بگهڙن ۽ وحشين جيان سندن عزتون لٽيون ويون هيون. پنجابي فوجين کي سندن ڪماڊرن ۽ جنرلن پارن ڏنل اهڙن حڪمن ته کين ”بنگالي نه پر بنگال جي ڌرتي گھرجي“ ڄڻ ته بنگالين کي مارڻ ۽ سندن عزتون ڪچلڻ جو پروانو ڏئي ڇڏيو هو. (هتي پنجابي فوج انڪري لکي رهيو آهيان جو انوقت توڙي هاڻي واري پاڪ آرميِءَ ۾ 98 سيڪڙو کان مٿي پنجابي هيا ۽ آهن) پاڪ آرميءَ جي اهڙن عملن ۽ شيخ مجيب الرحمان جي بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ پاڪستاني سرڪار کي موڪليل نياپي ته ”ٽيهه هزارن کان وڌيڪ پنهنجا حرامي ٻار وٺي وڃو“ سبب ڪافي سالن تائين دنيا اندر پاڪستاني سڏائڻ به شرم جوڳو محسوس ٿيندو هو.

بنگلاديش ۾ هر سال 25 ۽ 26 مارچ جي وچواري رات کي ’بليڪ نائيٽ‘ (ڪاري رات) ڪري ملهائيندا آهن، هن رات سموري بنگلاديش جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ پاڪستاني آرميءَ جا پتلا ٺاهي جلايا ويندا آهن نوجوانن کي پاڪستاني فوجين جو يونيفارم پهرائي سندن منهن تي تئو تيل گھمائي پادرن جا هار پارائي رستن تي گشت ڪرايو ويندو آهي. سڄو ڏينهن ڪروڌ، ڪاوڙ، نفرت جو اظهار ٿيندو رهندو آهي جڏهن ته پاڪستاني سفارتخانو بنگلاديش ۾ موجود سفارتي عملي ۽ ٻين پاڪستانين کي پنهنجن گھرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آهي. بنگلاديشي سرڪار پاران پڻ پاڪستانين جي سلامتيءَ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا آهن.

 16 ڊسمبر (بنگلاديش جي آزاديءَ جو ڏينهن): هن ڏينهن کي بنگالي سچي ته عيد جي ڏينهن وانگر ملهائيندا آهن. بنگالي قوم کي پنهنجي ٻولي ۽ قوم جي بقا ۽ آزاديءَ لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏيڻيون پيون انگن اکرن موجب ٽيهه لکن کان مٿي بنگالي موت جو کاڄ بڻيا ۽ لڳ ڀڳ ٽيهه هزارن کان مٿي عورتون پنهنجي عزت جو نذرانو پنهنجن پاڪستاني ڀائرن حوالي ڪري آزاديءَ جي ثمر سان فيضياب ٿيا.

 جيڪڏهن قسمت ۽ حياتيءَ ساٿ نڀايو ته ايندڙ 26 مارچ ۽ 16 ڊسمبر جو اکين ڏٺو احوال ضرور پڙهندڙن لاءِ پيش ڪبو.

پهلا بيساک:  بنگالي سال جي پهرين مهيني بيساک جو پهريون ڏينهن، بنگالي هن ڏينهن کي بهار جي آمد جي ڏينهن طور ”جشنِ بهار“ ڪري ملهائين بنگلاديش سميت پوري دنيا ۾ رهندڙ بنگالي بغير ڪنهن سياسي يا مذهبي تعصب جي  هن ڏينهن تي نوان ڪپڙا پهرينِ، ناريون وارن ۾ گلاب جا گل سجائن، مٽ مائٽ، عزيز دوست توڙي پيار ڪندڙ جوڙا هڪ ٻئي کي بهار جي آمد جون واڌايون ڏيڻ سان گڏ سوکڙيون پاکڙيون ڏين ۽ وٺن.

اهو منهنجو پهريون ڏينهن هيو جو مان پهريون ڀيرو ڪنهن بنگالي ڏڻ تي پنهنجي هڪ بنگالي دوست ”بادل“ سان گڏجي پهرين بيساک جي موقعي تي ”رمنا پارڪ“ (ڍاڪا جو سڀ کان وڏو پارڪ جيڪو اڳ ۾ گھوڙن جي ڊوڙ لاءِ ڪتب ايندو هو) ويو هوس، رمنا پارڪ هر عمر جي عورتن توڙي مردن سان سج اڀرڻ کان اڳ ئي ٽمٽار ٿي چڪو هيو مرد توڙي عورتون ٻار توڙي ٻڍا سڀ پنهنجي روايتي بنگلاديشي لباس ۾ ٻهڪي جھومي ۽ ڳائي وڄائي رهيا هيا جتي هر رنگ، نسل، طبقي ۽ مذهب جا ماڻهو موجود هيا مان سندن زبان کان ان وقت ايترو آشنا ته نه هوس ۽ نه ئي سمجھي رهيو هوس ته هو ڇا ڳائي وڄائي رهيا آهن پر پوءِ به سندن هر عمل منهنجي لاءِ اتساه جو سبب بڻجي رهيو هو سچي ته مونکي سندن قومي هيڪڙائي ڏسي ريس سان گڏ ڪاوڙ ۽ ڏک به ٿي رهيو هو ته ڇا اسان سنڌي.................. .؟؟!!! ۽ مونکي ياد آهي ان ڏينهن مان چاهيندي به پنهنجي اکين کي ٽمڻ کان روڪي نه سگھيو هوس، منهنجي اکين جا بند منهنجي ئي اکين جي پاڻيءَ جي ڇولين سان لُڙهي ويا هيا ۽ لڙڪن جي ٻوڏ سموري چهري کي ٻوڙي ڇڏيو هو.  منهنجو بنگالي سنگتي ته اهو سمجھي نه سگھيو هو ته اهو اڻ مندائتو وسڪارو آخر ڇالاءِ هيو جڏهن ته سنڌ کان آئي مونکي مهينو به مس گذريو هو.

اهڙي قومي هيڪڙائي ۽ هڪجهڙائيءَ جا نظارا بنگلاديش ۾ بنگالين جي سمورن قومي ۽ ثقافتي ڏينهن تي ڏسڻ ۾ ايندا پر اسان سنڌين لاءِ ته اڃا تائين ڪو اهڙو متفقه ڏڻ ئي ڪونه آهي جنهن کي سمورا سنڌي رنگ، نسل، مذهب، فرقي، ذات پات، طبقي، سياسي، گروهي يا عمر جي فرق کان سواءِ صرف سنڌي هجڻ جي ناتي گڏجي ملهائي سگھن، ڪاش اسانجو به ڪو اهڙو هڪ ڏينهن هجي جنهن ڏينهن تي اسان سڀ ديسي توڙي پرديسي سنڌي مذهبن، فِرقن، ذاتين پاتين، طبقاتي فرق ۽ ننڍ وڏائيء جي فرق کانسواءِ  پاڻ کي صرف سنڌي سمجھون ۽ قومي هيڪڙائيءَ جو ڏيک ڏئي سگھون. ان لاءِ ڪجھ سال اڳ بدر ابڙو، تاجل بيوس، سُورهيه سنڌي ۽ ڪجھ ٻين اديبن دانشورن جا ويچار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا هيا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو نه صرف عظيم شاعر آهي پر هو سنڌي ٻوليءَ جو محافظ، سنڌي قوم جو رهبر ۽ سڀني سنڌين لاءِ واحد متفقه قومي شخصيت آهي جنهن تي ڪو به اعتراض نه ڪندو انڪري سندس جنم ڏينهن کي”نئين سنڌ جو جنم ڏينهن“ يا ”جشنِ سنڌ“ طور ملهايو وڃي ته ان واحد قومي ڏينهن تي سڀ ديسي پرديسي سمورا سنڌي سڀني قسم جي ويڇن کي وساري صرف سنڌي هجڻ جي ناتي خوشي ۽ عيد جو ڏينهن ڪري ملهائين اهڙيون ننڍيون ننڍيون خوشيون ۽ قومي هيڪڙائيءَ جا ڏينهن سچي ته قوم کي آهستي آهستي هڪ ئي ڏور يا سڳي ۾ پوئي هڪ مضبوط ۽ باوقار قوم بنائڻ جو سبب بڻجندا. پر ..... .... وري به سوال اهو ٿو اڀري ته ٻليءَ کي آخر گھنٽي ٻڌندو ڪير؟

 1980 وارو ڏهاڪو سچ ته قومي سجاڳيءَ ۽ قومي وحدت وارو ڏهاڪو هيو سائين جيئيم سيد جي شخصيت ۽ قومي تحريڪ آهستي آهستي سنڌي قوم کي هڪ ئي ڏور ۽ لڙهيءَ ۾ پوئڻ جو ڪم ڪري رهي هئي نه رڳو ايترو پر سائين جيئيم سيد جي سالگره واري تقريب آهستي آهستي هڪ قومي ميلي جو روپ اختيار ڪري رهي هئي جو ان ڏينهن تي ذري گھٽ سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون يا سياسي شخصيتون سن ۾ گڏ ٿينديون هيون جن ۾ مسلم ليگ کان پ پ ۽ عوامي تحريڪ کان سنڌ نيشنل فرنٽ، ترقي پسند پارٽيءَ کان ايم ڪيو ايم تائين شريڪ ٿيندا رهيا آهن جڏهن ته ادبي تنظيمون، اديب دانشور، توڙي بي روزگار سياسي اڳواڻ بغير سياسي فرق جي سن ۾ گڏ ٿيندا هيا  (بيروزگار سياسي اڳواڻ جو مطلب اهڙا اڳواڻ جيڪي ڳچ وقت ته ڪنهن پارٽيءَ جا اڳواڻ يا ميمبر نه هيا پر پنهنجي قد ڪاٺ جي حساب سان سياسي اڳواڻ ليکيا ويندا هيا جن کي ان دور ۾ بيروزگار سياسي اڳواڻ سڏيو ويندو هيو جهڙوڪ امان الله شيخ يا يوسف لغاري). سائين جيئيم سيد جي وفات کان بعد ان سلسلي کي سندس فقري پوئلڳ توڙي سندس خاندان برقرار رکي نه سگھيا ۽ سيد جي اها جوڙيل لڙهي آهستي آهستي وکرڻ لڳي  ۽ اها ايترو ته وکرجي وئي جو ڪَڻو ڪَڻي کان ئي ڌار ٿي ويو.

ڪڻا منجھ قرار هئا هيڪاندا سنگ ۾،
      ڳاهي  ڳاهه  فراق  جي  ڪيا  ڌارون  ڌار،
     نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان.

اڄ اسين سنڌي واقعي به ويڳاڻپ جو شڪار ٿي چڪا آهيون ۽ آهستي آهستي پنهنجي سڃاڻپ توڙي تشخض بغير ڪنهن احساس جي وڃائي رهيا آهيون. اڄ جتي اسان کي هڪ مضبوط بي داغ قيادت جي ضرورت آهي اتي قوم کي قومي وحدت ۾ آڻڻ لاءِ اهڙين ننڍين خوشين، قومي نوعيت جي پروگرامن جي سخت ضرورت آهي. ان لاءِ سمورن سنڌين خاص طور قومپرست ڌرين، اديبن، شاعرن، اخبارن رسالن توڙي سنڌي ٽي وي چينلن جي مالڪن، پروڊيوسرن، ايڊيٽرن، پبلشرن، صحافين ۽ دانشورن کي نماڻي گذارش آهي ته هو قوم کي اهڙو ڪو متفقه قومي ڏهاڙو ڏيڻ ۾ اڳڀرائي ڪن جيڪو نج سنڌي هجي ۽ هر سنڌيءَ لاءِ قبوليت جوڳو هجي. جيڪڏهن اسين ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته پورو ويساهه اٿم ته اهڙا عمل ضرور قومي وحدت ۽ عوامي جاڳرتا جو سبب بڻبا ۽ پوءِ اهو ڏينهن پري نه هوندو جو اسين سڀ ۽ اسان جا نسل پوري دنيا سامهون هڪ باوقار قوم طور ڄاتا ۽ سڃاتا وڃون.

الا ائين مَ هوءِ جو ڪتابن ۾ پڙهجي
هُئي  سنڌ   ۽ سنڌ  وارن  جي ٻولي.
                                            (نارائڻ شيام)


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com