|
سنڌي واپارين لاءِ بنگلاديش ۾ ڪاروبار جا موقعا ! لاڙڪاڻي جي هڪ دوست مختيار علي سولنگيءَ اِي ميل ذريعي بنگلاديش جي ڪاروباري زندگي ۽ سنڌين لاءِ موجود ڪاروباري موقعن بابت معلومات گھري آهي. سچ ته پهريون ڀيرو سنڌ مان ڪنهن سنڌيءَ پاران اهڙي اِي ميل پڙهندي بي حد خوشي محسوس ٿي، جنهن ۾ هن دوست ڪاروباري مامرن بابت دلچسپي وٺندي ڪجھه هتان جي ڪاروباري نفسيات، ڪاروباري هنڌن، ڪاروباري اسمن ۽ سنڌي ڪاروبار ڪندڙن خاص طور ڪاروبار ۾ نئون پير پائيندڙن لاءِ بنگلاديش ۾ موقعن بابت سوال پڇيا آهن. جيئن ته مان پيدائشي ليکڪ نه آهيان ۽ نه ئي وري خانداني ليکڪ آهيان بس مان هڪ حادثاتي ليکڪ آهيان من ۾ جو ڪجھه ايندو اٿم ڪمپوز ڪري وٺندو آهيان ۽ شاباس آهي اخبار وارن کي جو جيئن جو تيئن ڇاپي مان ڏيندا آهن. انڪري ڪنهن به ڏنل موضوع تي لکڻ يا ان سان نڀائڻ سچ ته منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي! سو دوست مختيار علي سولنگيءَ امتحان ۾ وجھي ڇڏيو آهي، موضوع اهڙو آهي جو جنهن تي جيڪر ڀرپور نموني لکجي ۽ موضوع سان صحيح طور نڀائجي ته هوند سنڌي ڪاروباري حلقن يا ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺندڙن کي ڪافي لاڀ حاصل ٿي سگھي ٿو. بهرحال پنهنجي وس ۽ وت آهر ۽ هتي حاصل ڪيل معلومات توڙي ڪجهه تجربن جي بنياد تي رنڊا روڙڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. سنڌ سان اها ويڌن آهي جو هيڏي ساري طبقاتي هلچل، قومي تحريڪ ۽ شعور توڙي تعليم جي ڦهلاءَ باوجود سنڌ يا سنڌي جاگيرداري ۽ وڏيرڪي راڄ کان پنهنجو پلئه آجو ڪري نه سگھيا آهن. ان سان اختلاف ڪونه آهي ته سنڌ ۾ جنهن طرح جي تعليم جو ڦهلاءَ هجڻ گھرجي ها هن مهل تائين ٿي نه سگھيو آهي ۽ سنڌ جو شعور پڻ پنهجو ٽارگيٽ ماڻي نه سگهيو آهي پر پوءِ به صورتحال علمي اعتبار کان گھٽ ۾ گھٽ سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي کان ته بهتر آهي نه!! ستر واري ڏهاڪي ۾ يا ان کان اڳ واري سنڌ ۽ سنڌي قوم ته بري طرح وڏيرڪي ڄار ۾ واڙيل هئي جيڪا آهستي آهستي ڪنهن حد تائين تعليم جي عام ٿيڻ سان ڪجھه آجي ٿي هئي. سنڌ ۾ سرڪار پاران کلندڙ اسڪول ڏسي سچ ته شعور وندن کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي ته تعليم جي وڌڻ سان شعور جي سطح به وڌندي ۽ سنڌي پنهنجي قومي ۽ طبقاتي ڪردار کي سمجھڻ سان گڏ دنيا اندر ايندڙ تبديلين تي پڻ ويچارڻ لڳندا ... ! اڄ جڏهن سنڌ جي عام نوجوان يا عام سنڌي ماڻهوءَ کان ٿورو پاسيرو ٿي سنڌ جي شعور تي ٿي نظر وجھجي ته منهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نظر ڪونه ٿو اچي. سنڌ جو اهو شعور جيڪو ڪنهن وقت طبقاتي جدوجهد يا قومي تحريڪ جو هر اول دستو هيو ۽ سنڌ جي شعور جي سرواڻي ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هيو، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ انهن مان اڪثر روس جي ٽٽندڙ ڪرنگھي سان گڏ ٽٽي پيا سندن حوصلا ۽ هنيانوَ به روس جي ڀرندڙ وجود سان گڏ ڀري پيا ڪن وڃي مندر مسجدون ۽ مزارون آباد ڪيون ته ڪن مٿو ڪُوڙائي توا ڳچيءَ ۾ ٻڌي خلقون کلايون. ٻئي طرف قومي تحريڪ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان بعد ڀاڱا ڀاڱا ٿي وکري وئي جنهن سبب قومي ڪارڪن ويڳاڻپ جو شڪار ٿي ميخانن مڏين کي پنهنجو آستانو بڻايو ته ڪن وري پنهنجي قد ڪاٺ، سياسي بُت ۽ ماضيءَ جي جدوجهد کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ ننڍا ننڍا گروپ ٺاهي چنداخوري ۽ قبضاگيري شروع ڪري ڏني. جڏهن ته ڪجھ ڪارڪن وري پنهنجين صلاحيتن کي وڏيرڪي ڪمداري ڪري ڪتب آڻڻ لڳا. ستم ظريفي جي حد ٿي وئي جو دنيا جا سڀ ڏاها ان تي متفق آهن ته تعليم هر انسان ۾ صحيح ۽ غلط جو شعور بيدار ڪرڻ سان گڏ انسان کي ڏاڍ خلاف جھيڙڻ جو ٻلُ مهيا ڪري ٿي پر اسان جا ڀاڳ اهڙا ڪٿي؟ ملڪ خاص طور سنڌ جي ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ وڏيرڪي سماج اهڙو ته ڄار تيار ڪيو جو تعليم پرائڻ کان بعد هر نوجوان کي سندن چمچاگيري ڪرڻ کان سواءِ نوڪري ملڻ محال ٿي پئي ڇوته نوڪريون چاهي اهي ڪهڙي به نوعيت جون ڇونه هجن ڪنهن ڄٽ ۽ آڱوٺي ڇاپ وڏيري جي سفارش کان سواءِ ملڻ ڄڻ ته ناممڪن ٿي پيون جنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن نوجوان کي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ کيس وڏيري جي چمچاگيري يا ڪمداري ڪرڻي ئي پوندي پوءِ ڀلي ڇونه اهو نوجوان پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪنهن طبقاتي جدوجهد ڪندڙ پارٽيءَ يا ڪنهن قومپرست پارٽي/تحريڪ جو سرگرم ورڪر ڇونه رهيو هجي! معنى ڦر ڦر سونٽو دٻلي درياه تي ... ! اسان جو سماج نار جي ڍڳي جيان ساڳئي چڪر ۽ ڦيري ۾ ... ڏٺو اهو پيو وڃي ته تعليم يافته کان غير تعليم يافته هنر مند وڏيرڪي جِي حضوريءَ کان ڪجھه آجو آهي ڇوته کيس نوڪري وٺڻ لاءِ درخواست تي ڪنهن ايم پي اي يا ايم اين اي جي آڱوٺي جي ضرورت ڪونه آهي. اڍائي سئو سالن جي لاڳيتي غلاميءَ سنڌي سماج جي نفسيات تي انتهائي ناڪاري اثر ڇڏيا آهن جنهن سبب سماج جي ذهني سطح، صبر تحمل ۽ سهپ سميت مستقل مزاجي توڙي پاڻ تي ڀاڙڻ وارا سمورا عمل انتهائي متاثر ٿيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ايم بي اي جهڙي ڊگري رکندڙ نوجوان به پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ جي همت ڪرڻ بدران ٽن چئن هزارن واري نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيرڪي درٻار جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. عام طور تي اڄڪلهه هڪ سرڪاري ماستريءَ لاءِ وڏيرڪي چمچاگيري ڪرڻ سان گڏ سٺ کان ستر هزار رشوت پڻ ڏيڻي پوي ٿي ۽ نوڪري ملڻ کان بعد اهو پڻ هر ماستر تي لازمي آهي ته هو وڏيرڪي ڪمداريءَ لاءِ بغير ڪنهن پگھار جي هر وقت تيار رهي! منهنجي مراد هرگز اها ڪونه آهي ته سنڌي نوجوان کي نوڪريون نه ڪرڻ گھرجن پر صرف اها نفسيات بنائڻ ته تعليم صرف نوڪريءَ لاءِ .... ته پوءِ اسان جي شعور جي واڌ توڙي قومي ترقي موهن جي دڙي جي ڦيٿي کان اڳتي نه وڌي سگھندي ۽ سماج جي باقي شعبن تي آهستي آهستي نهايت ئي مڪاريءَ ۽ فريبيءَ سان ڌاريا قابض ٿي ويندا ۽ اسان کي پير رکڻ جي جاءِ به نه ملندي. ٻني ٻاري، نوڪري ۽ عام مزدوريءَ کان سواءِ گذر سفر جو ٻيو مکيه ۽ سڀ کان اهم شعبو آهي واپار جنهن طرف سنڌي انتهائي سردمهريءَ جو ورتاءَ ڪندا رهيا آهن ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندو واپار جي شعبي ۾ موجودهيا ۽ سنڌي مسلمان ته واپار جا ڄڻ ويري هيا پر هندستان جي ورهاڱي کان بعد سنڌي هندن جي لڏپلاڻ بعد واپار جو شعبو سنڌين جي هٿن مان پاريءَ وانگر وهي ويو ۽ ان تي ڌاريا قابض ٿي ويا جيڪو سنڌي قوم جو انتهائي وڏو نقصان ٿيو. اهو واپار ئي هيو جنهن سنڌي هندن کي هندستان ۾ ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڏني ۽ اڄ سنڌ کان لڏي ويندڙ سنڌين جو شمار هندستان جي مکيه واپاري خاندانن ۾ ٿئي پيو. اڄوڪي موضوع جو عنوان هيو بنگلاديش ۾ واپار جا موقعا ۽ اسين وڃي تواريخ جي ستم ظريفين حوالي ٿياسين! بنگلاديش دنيا جي چند ملڪن مان هڪ ملڪ آهي جيڪو” امپورٽ اورينٽيڊ ڪنٽري“ جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو آباديءَ ۽ ايراضيءَ جي حساب سان بنگلاديش کي ڏٺو وڃي ته بنگلاديش جي ايراضي لڳ ڀڳ سنڌ جي ايراضيءَ جيتري مس آهي ۽ آبادي چوڏنهن ڪروڙن کان به مٿي!، يعني پاڪستان جي آبادي جيتري جڏهن ته انگن اکرن موجب انهيءَ ٿورڙي ايراضيءَ ۾ ڇهه سئو کان به مٿي نديون ۽ نالا آهن. هر طرح جي ملڪي پيداوار ملڪ جي پنهنجي آباديءَ لاءِ اڻپوري آهي زرعي شعبي جي حوالي سان بنگلاديش ۾ پورو سال سارين جو فصل ٿئي سنڌ جي رهواسين کي اهو پڙهي شايد عجب لڳي ته هتي هڪ پاسي سارين جي هڪ فصل جو لابارو جاري هوندو آهي ته ٻئي پاسي نئين فصل جو رونبو پڻ شروع هوندو آهي اهڙي طرح توهان کي بنگلاديش ۾ سال جي هر مهيني سارين جو فصل ٻنين ۾ نظر ايندو. سرڪاري ذريعن موجب سڻيءَ کان بعد بنگلاديش ۾ ٻيو نمبر وڏو فصل سارين ۽ ڪيلي جو فصل آهي پر اهي ٻئي فصل به ملڪ جي آباديءَ لاءِ اڻ پورا آهن ڪيلا نيپال، انڊيا ۽ ڀُوٽان کان امپورٽ ڪرڻا پون ٿا ته چانور انڊيا ٿائلينڊ، برما ۽ پاڪستان کان!!! بنگلاديش ۾ سواءِ سڻيءَ جي باقي هر جنس يا پراڊڪٽ جو سٺو مارڪيٽ آهي اسين هتي صرف سنڌ سان لاڳاپيل شين جو جائزو وٺنداسين جيڪي بنگلاديش ۾ سٺي مارڪيٽ پيدا ڪري سگھن ٿيون. چانور: سنڌ جا ايري ۽ باسمتي چانور هتي جام اچن ٿا سنڌ ۾ چانورن جي واپار تي پنجابي ۽ گجراتي ميمڻن جو راڄ آهي نئين سنڌي ڪاروباريءَ کي نهايت ئي سوچي سمجھي پير پائڻ گھرجي ٻيو ته هي واپار ننڍي يا درمياني سطح تي ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو ڇوته هن ۾ نفعو تمام گھٽ آهي پر پوءِ به جيڪي سنڌي واپاري اڳ ۾ ئي چانورن جي ڪاروبار سان مقامي طور سلهاڙيل آهن اهي فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. تازو ميوو: سنڌ کان مختلف قسم جا انب هتي اچن ٿا خاص طور تي سنڌڙي انب ۽ اهي ورائٽيون جيڪي جولاءِ کان بعد مهيا ٿي سگھن سٺو ناڻو ڪمائي سگھن ٿيون بنگالين جو مٿيون طبقو کائڻ ۾ اسان کان سرس آهي ٽي سئو کان چار سئو ٽڪا (ٽڪا بنگالي سڪي جو نالو، هڪ آمريڪي ڊالر ۾ ستر ٽڪا) في ڪلو جي حساب سان هتي وڪرو ٿيندڙ انبن لاءِ پڻ مارڪيٽ ۾ خريدار موجود ملن ٿا! پر ياد رهي ته اپريل کان جولاءِ تائين بنگلاديش جي انب جا مختلف قسم مارڪيٽ ۾ موجود رهن ٿا ۽ هر بنگالي ديسي خاص طور راجشاهيءَ جا انب غير ملڪي انبن جي نسبت کائڻ پسند ڪندو آهي. جنهن ڪري ان عرصي ۾ بنگلاديش کي انب ايڪسپورٽ نه ڪرڻ گھرجن. انکان علاوه انگور جيئن ته سنڌ جي پيداوار نه آهي پر افغاني ۽ پاڪستاني انگور هتي سٺو مارڪيٽ ڪن ٿا. جڏهن ته ميون ۾ پاڪستاني نارنگيون، ناسپاتيون ۽ صوف پڻ سٺي اگھه تي وڪرو ٿين. سنڌ جي اسيل ڪتل (کجُور) گذريل ڇهن ستن سالن کان بنگالديش ۾ پنهنجا پير ڄمائي رهي آهي بنگلاديش ۾ اسيل ڪتل (کجُور) کي متعارف ڪرائڻ ۾ شڪارپور جي ابڙو فيمليءَ خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪ قبُول ابڙي جو اهم ڪردار آهي جنهن شروع ۾ رسڪ کڻي سنڌ کان ڪتل ۽ ڇُوهارا بنگلاديش ايڪسپورٽ ڪيا. هاڻي هر سال سنڌ کان ڪجھه واپاري رمضان مهيني ۾ اسيل ڪتل سنڌ کان ايڪسپورٽ ڪندا آهن جيڪا هتي سٺي مارڪيٽ ڪري ٿي جيڪڏهن کجور جي ڪوالٽي سٺي هجي ۽ پيڪنگ سٺي ڪيل هجي ته سٺ کان اسي ٽڪا جي حساب سان هول سيل مارڪيٽ ۾ آرام سان وڪرو ڪري سگھجي ٿي ان کان علاوه هتي آڌيا، ڏنگ ۽ ٺيڙهيءَ ۾ تيار ۽ پيڪ ٿيندڙ کجُور جون مختلف ورائٽيون پڻ پنهنجا پير ڄمائي سگھن ٿيون. ايڪسپورٽ پروموشن بيورو پاڪستان جي تعاون سان بنگلاديش ۾ پاڪستاني سفارت خاني سال 2003 ، 2004 ۽ 2005 ۾ بنگلاديش جي گاديءَ واري هنڌ ڍاڪا ۾ کجور جو تعارفي ميلو لڳايو هيو جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان ڪجھه آبادگار کجور جون مختلف ورائٽيون کڻي آيا هيا جن ۾ ڏنگ ۽ آڌيا پڻ شامل هيا جن بنگلاديشين جو خاصو ڌيان حاصل ڪيو هو پر جيئن ته ميلي ۾ ايڪسپورٽرس جي بدران آبادگارن حصو ورتو هيو جنهن سبب سندن پاران ميلي ۾ رکيل مال ته سٺي اگھه تي وڪرو ٿي ويو کين فائدو به سٺو ٿيو پر ايڪسپورٽ پروموشن بيورو کي گھربل نتيجا نه ملي سگھيا ان جو وڏو سبب ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي بين الاقوامي واپار جو تجربو يا ڄاڻ جو نه هجڻ هيو. انهن مان گھڻن کي ته بين الاقوامي واپار لاءِ ڪتب ايندڙ عام اصطلاحن جي به ڄاڻ نه هئي. سنڌ جي خيرپور جي اسيل ڪتل آگسٽ مهيني تائين تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويندي آهي جيڪا وڌ ۾ وڌ پندرنهن کان پنجويهه رپيا ڪلو جي حساب سان آبادگارن کان خريد ڪري سگھجي ٿي جنهن تي ٻه رپيا في ڪلو جي حساب سان خرچ ڪري جي سٺي پيڪنگ ڪئي وڃي ته مشڪل سان ڏهه کان پندرنهن رپيا ٻيا خرچ ڪري مال بنگلاديش جي منڊيءَ تائين رسي ويندو جيڪو هتي گھٽ ۾ گھٽ سٺ کان ستر ٽڪا جي حساب سان هول سيل مارڪيٽ/منڊيءَ ۾ وڪرو ڪري سگھجي ٿو. يعني جي قسمت ساٿ نه به ڏئي تڏهن به چاليهه کان پنجاه سيڪڙو نفعو ٿيندو ئي ٿيندو. جڙي ٻوٽيون: بنگلاديش ۾ منهنجو تعلق جڙي ٻوٽين (پنساري وکرن) جي مارڪيٽ سان آهي ۽ رمضان مهيني ۾ ڇوهارا ۽ کجُور سان لاڳاپيل رهندو آهيان انڪري ٻين جنسن جي بنسبت مٿين وکرن جي معلومات ڪجهه سرس آهي جڏهن ته وقت بوقت معلومات حاصل ڪري پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبي رهبي. جاگرافيائي حوالي سان بنگلاديش جون سرحدون ٻن پاڙيسرس ملڪن سان لڳن ٿيون جن مان هڪ هندستان جيڪو جيڪڏهن دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته بنگلاديش کي ڄڻ ته هنج ۾ ڪيو ويٺو آهي ۽ ٻيو برما (جيڪو نئين نالي مينمار سان ڄاتو وڃي ٿو) جنهنجو صرف ڪجهه حصو بنگلاديش جي سرحد سان لڳي ٿو. برما ۽ هندستان ايشيا ۾ يوناني ۽ پنساري وکرن جو ڳڙهه پئي رهيا آهن جتان جا رهواسي انگريزي دوائن سان گڏوگڏ جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل ديسي وکر پڻ عام جام ڪتب آڻين ٿا سرحدي لاڳاپا هجڻ سبب ٻنهي ملڪن جي نفسيات، ڪلچر، ۽ اٿڻي ويهڻيءَ جو بنگلاديش تي اثر پوڻ فطري آهي. ان اثر جو ئي نتيجو آهي جو بنگلاديش ۾ جڙي ٻوٽين مان تيار ٿيل وکرن توڙي جڙي ٻوٽين جي سٺي مارڪيٽ آهي. هر سال بنگلاديش انڊيا، برما، ايران، چين، انڊونيشيا، پاڪستان، ٿائلينڊ ۽ ٻين ملڪن کان وڏي پئماني تي جڙي ٻوٽيون امپورٽ ڪري ٿو. پاڪستان مان خشڪ (سڪل) گلاب، سونا پتا، سُوئا، وڏڦ، جاڻ، ميٿي (حُرٻي جو ٻج)، ريٺا، ميندي، مٺي ڪاٺي، ڪني ڪاٺي، پنير، ٽُوهه، کونئر، اسپنگر، اسپنگر جي دُهي، هاليو (هليم)، سرمو، سمنڊ جي گج (ساگر ڦينا)، ڪوڏيون، رتن جوت، سالم گٺا، هريڙون، ريوالچني، ميٽ، سملو، عطر، سڪل ميوا (خشڪ فروٽ)، مائو (ماجو سبز) ۽ ٻيا ڪيترائي وکر هتي اچن ٿا جيڪي گھڻي قدر پنجابي ۽ گجراتي ميمڻ ڪراچي کان بنگلاديش ايڪسپورٽ ڪن ٿا. جڙي ٻوٽين جو ڪاروبار ڪنهن به نئين ايڪسپورٽر لاءِ بهتر آهي ڇوته هن ۾ تمام وڏي پونجيءَ جي ضرورت نه ٿي پوي هڪ يا ٻه وکر هٿ ڪري (اسٽاڪ ڪري) سٺو نفعو ڪمائي سگھجي ٿو. جيئن سڪل گلاب سنڌ ۾ ويهه کان پنجويهه رپيا ڪلو مارڪيٽ ۾ ملي سگھي ٿو پيڪنگ ۽ باقي ايڪسپورٽ پروسيس تي مشڪل سان پندرنهن رپيا ٻيو خرچ ڪري مال بنگلاديش جي چٽاگانگ پورٽ تائين رسائي سگھجي ٿو جيڪو هتي گھٽ ۾ گھٽ اسي ٽڪا ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪري سگھجي ٿو. جڏهن ته هڪ ڪنٽينر تي ڪل لاڳت پوڻا ٻه لک کان ٻه لکن تائين مس ايندي. اهڙي طرح هڪ نئون واپاري بين الاقوامي واپار ۾ گھٽ سيڙپ ڪري پير پائي سگھي ٿو ۽ آهستي آهستي تجربي ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجي واپاري سگھه کي وڌائي سگھي ٿو. بنگلاديشي واپارين جي نفسيات: بنگلاديش جي پاڪستان کان آزاديءَ کان اڳ هتان جي واپار تي ڪُلي طور پنجابي واپارين جو قبضو هيو جڏهن ته سندن ملازم بنگالي ۽ بهاري هيا بنگلاديش جي آزاديءَ کان بعد پنجابي واپاري پوتي ڇنڊي جان بچائي پاڪستان روانا ٿيا (جن مان گھڻن اچي سنڌ کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ سنڌ جي واپار تي اچي قبضو ڪيو ...!) سندن دڪانن ۽ ڪاروبار تي سندن ئي ملازمن ۽ مزدورن قبضو ڪيو ۽ ڪاروبار جاري رکيو. لڳ ڀڳ پنجاسي سيڪڙو کان مٿي موجوده گڻگ واپاري صرف پنجٽيهه سال اڳ مزدور هيا جيڪي ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ جي سنڌي چوڻي موجب سيٺ بڻجي راڄ ڪري رهيا آهن پر سندن نفسيات اڃا ساڳي مزدورن يا ملازمن واري ئي آهي انڪري بنگلاديش جي واپار ۾ نئون پير پائيندڙ سنڌي واپاريءَ کي سوچي سمجھي واپاري مامرا طئه ڪرڻ گھرجن. بنگلاديش يا ٻين سمورن ايشيائي ملڪن سان واپار ڪرڻ وقت انڊر انوائيس امائونٽ جو مسئلو اهم حيثيت رکي ٿو. ايشيا جي اڪثر ملڪن، پاڪستان ۽ بنگلاديش سميت، جا واپاري سرڪاري ڪسٽم ۽ ٻيا محصول بچائڻ واسطي مال جو ريٽ اصل ريٽ کان چاليهه کان سٺ سيڪڙو گھٽ ظاهر ڪندا آهن. مثال طور ڪراچي جي هڪ واپاريءَ کان بنگلاديش جي هڪ واپاريءَ 1170 آمريڪي ڊالرس في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان ڪنهن وکر جي 12 ميٽرڪ ٽن جو سودو ڪيو بنگلاديشي واپاريءَ پنهنجي بينڪر وسيلي کيس 470 آمريڪي ڊالرس في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان 12ٽن مال لاءِ 5640.00 آمريڪي ڊالرس جي ايل سي (ليٽر آف ڪريڊٽ) کولي رواني ڪئي جڏهن ته مال جي ڪل رقم 1170 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حساب سان 14040.00 ڊالر بيهي ٿي باقي 8400.00 ڊالر انڊر انوائيس امائونٽ پارٽي ڪيش/ هُنڊي يا ٻئي ڪنهن طريقي جيڪو ٻنهي پارٽين ۾ طئه ٿيو هوندو ذريعي ادا ڪندي. هتي نوان واپاري مار کائي ويندا آهن ڇوته ايل سي ۾ ظاهر ڪيل رقم ته اوهان کي مال موڪلڻ شرط ئي اوهان جي بينڪ ادا ڪري ڇڏيندي پر جي مٿئين رقم جنهن کي انڊر انوائيس امائونٽ ٿو چئجي انجي ڪا ضمانت نه آهي ته پوءِ رقم ٻڏڻ جو خطرو موجود رهي ٿو انڪري اهڙو واپار ڪرڻ لاءِ پارٽين جو هڪ ٻئي تي اعتماد هجڻ لازمي آهي. انڊر انوائيس امائونٽ جي وڏي خرابي اها آهي ته اهڙو عمل ٻنهي ملڪن جي سرڪار وٽ قابلِ سزا ڏوهه آهي انڪري ڪنهن سان به جي ڪا ويساهه گھاتي ٿئي ٿي ته هو ڪٿي به ان خلاف دانهين نه ٿو سگھي. پر وڏي خرابي وري اها آهي جو توهان ايشيائي ملڪن سان انڊرانوائيس کان سواءِ واپار نه ٿا ڪري سگھو. هڪ نئين واپاري يا لوڪل طور واپار ڪندڙ واپاريءَ کي بين الاقوامي واپار (ايڪسپورٽ امپورٽ) شروع ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي واپار لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح، ٻولي، لکپڙهه، بينڪن جي ڪردار، وغيره جو سمجھڻ انتهائي لازمي آهي انکانسواءِ رقمن جي منتقليءَ بابت قانون، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ پاليسي، ملڪن جي درميان تجارتي ٺاهن وغيره جي معلومات رکڻ به ضروري آهي. بين الاقوامي واپار ڪرڻ جي خواهشمندن جن جو اڳ ۾ واپار سان ڪو گھڻو واسطو نه رهيو هجي يا هو محدود پئماني تي لوڪل واپار سان سلهاڙيل آهن پر پنهنجي واپار کي وڌائي ايڪسپورٽ امپورٽ واپار ۾ پير پائن چاهين ٿا، جيڪوگھٽ ڄاڻ سبب کين انتهائي مشڪل عمل لڳي رهيو آهي، کين اهڙو واپار شروع ڪرڻ لاءِ ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوندو ۽ بين الاقوامي ڪاروبار لاءِ عام طور تي ڪهڙا اصطلاح ڪتب اچن ٿا ان بابت مٿين ڪالم ۾ تفصيلي ويچار ونڊبا ته جيئن اسان جي قوم به ٻين قومن جيان هن اهم لاڀائتي شعبي ۾ اڳتي اچي سگھي. پڙهندڙن مان ڪنهن کي جيڪڏهن بنگلاديش، برما ۽ هندستان جي ڪاروبار بابت ڪا معلومات گھرجي ته سندن خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندس. |
|
|