|
سنڌي واپارين لاءِ بنگلاديش ۾ ڪاروبار جا موقعا (حصو ٻيو) گذريل ڪالم ۾ بنگلاديش جي واپار بابت ڪجھه ويچار ونڊيا هياسين جنهن ۾ پاڪستان خاص طور سنڌ کان ڪهڙا وکر بنگلاديش ايڪسپورٽ ڪري سگھجن ٿا ۽ سراسري طور بنگلاديشي واپارين جي نفسيات جو جائزو ورتو هيو. اڄ هن ڪالم (حصو ٻيو) ۾ بين الاقوامي واپار شروع ڪرڻ لاءِ بلڪل ڪورَي (نئين) واپاري يا ننڍي توڙي وچولي درجي جي واپاريءَ کي ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو، هڪ ايڪسپورٽ امپورٽ ڪمپنيءَ جي رجسٽريشن کان مال ڪنهن ٻئي ملڪ موڪلڻ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ پاليسي، پابنديءَ هيٺ آيل اسمن جي لسٽ، آفر ليٽر (انوائيس)، خريدار سان ڏيتي ليتيءَ جو ٺاهه، ايل سي (ليٽر آف ڪريڊٽ)، امپورٽر (خريدار) جي واپاري ساک، رقم جي وصوليءَ ۾ بينڪن جو ڪردار، بين الاقوامي قانون، بين الاقوامي اصطلاح، مال جي چونڊ، پيڪنگ، شپمينٽ کان اڳ ڪوالٽيءَ جي چڪاس، شپمينٽ، ڪاغذن جي تياري، رقم جي وصولي وغيره اهڙا مرحلا آهن جن مان هر ايڪسپورٽر توڙي امپورٽر کي گذرڻو پوي ٿو. انڪري جيڪڏهن مٿين مرحلن جي مڪمل ڄاڻ نه آهي ته پوءِ ڪنهن به موقعي تي اوهان جو پاند اٽڪي سگھجي ٿو. ان لاءِ اسين اڄ بنگلاديش ۾ ڪارباري موقعن بدران مٿين مامرن تي ويچار ونڊڻ جي ڪوشش ڪنداسين ڇوته ڪمپني جو نه هجڻ يا ڪاروبار بابت معلومات نه هجڻ سبب اسين ڪوبه قدم کڻي ڪونه سگھنداسين. بنگلاديش جي باقي واپار تي ايندڙ ڪالم ۾ ذڪر ڪبو. انشاالله تعالى. ڪمپني/فرم جي رجسٽريشن: ڪنهن به نوعيت ۽ قسم جي ڪمپني قائم ڪرڻ ۽ قانوني طور رجسٽر ڪرائڻ لاءِ سڀ کان پهريون مرحلو آهي ڪمپنيءَ جي رابطي واري آفيس؛ ان لاءِ سڀ کان اول ڪمپنيءَ لاءِ ڪمپنيءَ جي دائري ۽ وسعت جي موجب آفيس هٿ ڪرڻ ان ۾ آفيس لاءِ گھربل شيون، فون (۽ ممڪن هجي ته فيڪس ۽ انٽرنيٽ) جهڙيون سهوليتون مهيا ڪري ڪمپنيءَ لاءِ ڪو نالو تجويز ڪيو وڃي: ڪمپني جو ڪوبه نالو رکي سگھجي ٿو پر اهو پرڪشش ۽ اوهان جي واپاري اسمن سان ملندڙ جلندڙ هجي ته بهتر آهي. آفيس هٿ ڪارڻ بعد ڪمپني جي تجويز ڪيل نالي سان ليٽر هيڊ (ليٽر پيڊ) ۽ ڪمپني جي سِيل (ٺپو) ٺهرايو وڃي. ڪمپني جي پيڊ (لکپڙهه لاءِ ڪتب ايندڙ ڪمپني جي نالي سان ڇپيل پنو) معياري ۽ وڻندڙ هجي ته بهتر آهي ۽ ڪمپني جو مونوگرام (لوگو) به ان تي ڏنل هجي ته واه واه ! ان کانسواءِ پيڊ تي آفيس جو مڪمل پتو، فون، فيڪس نمبر، اِي ميل ايڊريس وغيره ڏنل هجي. جنهن کان بعد انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ کان اين ٽي اين ( ٽيڪس نمبر) حاصل ڪرڻ لازمي آهي جنهن کانسواءِ بينڪ ۾ ڪمپني جي نالي تي کاتو نه ٿو کولي سگھجي ۽ نه ئي وري ڪاروبار شروع ڪري سگھجي ٿو. منهنجي معلومات موجب اهڙي نمبر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه سرڪاري فِي وغيره مقرر ڪونه ٿيل آهي پر پوءِ به اهڙو سرٽيفڪيٽ مفت حاصل ڪرڻ مشڪل آهي جنهن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻه کان اڍائي هزار خرچ گھرجي ٿو. ڪابه ڪمپني رجسٽر ڪرائڻ لاءِ آفيس کان بعد ٻيو مرحلو آهي بينڪ ۾ کاتو (اڪائونٽ) کولڻ؛ ياد رکڻ گھرجي ته اڪائونٽ اهڙي برانچ ۾ کوليو وڃي جنهن برانچ ۾ پرڏيهي ناڻي (فارين ايڪسچينج) جي مٽا سٽا ٿيندي هجي ڇوته بين الاقوامي واپار لاءِ توهانجو سمورو ڪارونهوار يا ڏيتي ليتي پرڏيهي ناڻي ذريعي ٿيندي ۽ اهڙي ڏيتي ليتي توهان صرف اهڙين برانچن وسيلي ڪري سگھوٿا جن برانچن کي سرڪار (اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان) پاران اهڙو اختيار حاصل هجي. انهيءَ سموري ڪم جي اڪلاءُ بعد ڪنهن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز يا ٽريڊ ايسوسي ايشن جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لازمي آهي اهڙي ميمبرشپ کان بعد باقي سموري ڪم ڪار ۾ ٽريڊ ايسوسي ايشن يا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، جنهن جا اوهان ميمبر ٿي چڪا هجو، اوهان جي رهنمائي ۽ مدد ڪندي. انکان علاوه ايڪسپورٽ پروموشن بيورو آف پاڪستان کان پڻ هن مامري ۾ مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. ڪمپني رجسٽريشن کان بعد ملڪ کان ٻاهر مال موڪلڻ (ايڪسپورٽ ڪرڻ) بابت سرڪار پاران جوڙيل قانون جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ انتهائي لازمي آهي جنهن لاءِ ”ايڪسپورٽ پاليسي“ توڙي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان يا ڪسٽم ڊپارٽمينٽ پاران وقت بوقت جاري ٿيندڙ سرڪيولرس جو مطالعو ۽ انهن کي ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي. انکان علاوه ايڪسپورٽ امپورٽ ۽ رقمن جي منتقليءَ بابت بين الاقوامي قانون توڙي اصطلاحن جي ڄاڻ هجڻ انتهائي اهم آهي ڇوته هر جاءِ تي ۽ هر ڊاڪيوميڻٽ ۾ اوهان کي بين الاقوامي اصطلاحن سان ئي پالو پوندو. ڪنهن به ملڪ ڏانهن ڪنهن به قسم جو وکر ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ان ملڪ جي امپورٽ قانون موجب به جيڪڏهن ڪجهه ڄاڻ هجي ته اها ڄاڻ سون تي سُهاڳي جو ڪم ڏيندي. جنهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ملڪ جي سفارت خاني کان مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي. يا انٽرنيٽ ذريعي پڻ اهڙي معلومات حاصل ٿي سگھي ٿي. ڪنهن به ملڪ کي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته ان ملڪ ۾ ڪنهن امپورٽر سان اوهان جو رابطو يا ڄاڻ سڃاڻ هجي ان امپورٽر سان جيتري پراڻي ۽ گهري ڄاڻ سڃاڻ هوندي اوترو بهتر آهي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن خاص وکر جي امپورٽر جي ڳولا لاءِ انٽرنيٽ سڀ کان سولو ۽ سستو ذريعو آهي ٻي صورت ۾ ان ملڪ اندر ڪم ڪندڙ پاڪستاني سفارتخاني کان پڻ اهڙي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مدد حاصل ڪري سگھجي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ جو امپورٽر اوهان سان واپار ڪرڻ/امپورٽ ڪرڻ لاءِ (ڪن شرطن شروطن تي) راضي ٿي وڃي ٿو ته سڀ کان پهرين طئه ٿيل شرطن جو ڊرافٽ (ايگريمينٽ) تيار ڪري انتي ٻنهي پارٽين جون صحيحيون هجڻ گھرجن ته جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به وقت پريشانيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوي!! اهڙي ايگريمينٽ کان بعد ايڪسپورٽ جا مرحلا شروع ٿين ٿا؛ انهن مرحلن کي ترتيب وار هيٺ بيان ڪجي ٿو. پروفارما انوائيس: هي ڪنهن به ايڪسپورٽر يا مال وڪرو ڪندڙ پاران امپورٽر يا مال خريد ڪندڙ پارٽيءَ جي نالي مال/وکر بابت اگهه ۽ مال جي ڊليوري/شپمينٽ بابت آفر ليٽر هجي ٿو جنهن ۾ عام طور تي امپورٽر جو نالو ۽ تفصيلي پتو، ايڪسپورٽر جو نالو ۽ تفصيلي پتو، امپورٽ ڪندڙ ملڪ جو نالو، مال ڊليوريءَ جو تفصيل، رقم جي منتقليءَ جو تفصيل، مال لوڊ ڪندڙ پورٽ ، مال انلوڊ ڪندڙ پورٽ جو تفصيل، امپورٽ/ايڪسپورٽ ٿيندڙ وکرن جو تفصيل، قيمت، تعداد/وزن، مال پيدا ڪندڙ ملڪ جو نالو وغيره جا ڪالم هوندا آهن. پروفارما انوائيس ڪنهن به ايڪسپورٽر پاران امپورٽر کي موڪليل پهريون قانوني دستاويز هجي ٿو جنهن جي آڌار تي امپورٽر رقم منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪندو آهي. جيڪو عام طور تي ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي) يا ٽي ٽي (ٽيليگرافڪ ٽرانسفر) ذريعي ئي ٿيندو آهي. انوائيس تيار ڪرڻ وقت ايڪسپورٽر کي انوائيس ۾ ڪتب ايندڙ اصطلاحن جي پڻ ڄاڻ هجڻ گھرجي جهڙوڪ: مال جي ڊليوريءَ لاءِ ڪتب ايندڙ اصطلاح؛ هتي بين الاقوامي واپار لاءِ ڪتب ايندڙ ڊليوريءَ بابت اهم ۽ عام طور ڪتب ايندڙ اصطلاح هيٺ ڏجن ٿا: (الف) ايف او بِي: هن جو مطلب ته ايڪسپورٽر صرف پنهنجي ملڪ ۾ ئي مال پيڪ ڪري امپورٽر حوالي ڪندو. مال امپورٽر پنهنجي ذميواري هيٺ جهاز ۽ ڪنٽينر جو ڪرايو ادا ڪري پنهنجي ملڪ پهچائيندو يعني ايف او بي (فري آن پورٽ) ۾ جهاز يا ڪنٽينر جو ڪرايو شامل ناهي هوندو. (ب) سي اينڊ ايف يا سي ايف آر: (ڪاسٽ اينڊ فريٽ) سي اينڊ ايف پراڻو اصطلاح آهي جنهن کي تبديل ڪري سي ايف آر ڪيو ويو آهي مطلب ٻنهي جو ساڳيو آهي. هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ايڪسپورٽر مال جي رقم ۾ فريٽ (جهاز ۽ ڪنٽينر جو ڀاڙو به شامل ڪيو آهي ۽ ايڪسپورٽر مال جي ڊليوري امپورٽر جي ملڪ ۾ ڪندو. (ٻ) سي آءِ ايف: (ڪاسٽ انشورنس اينڊ فريٽ) جو مطلب ايڪسپورٽر مال جي رقم ۾ جهاز ۽ ڪنٽينر جي ڀاڙي سان گڏ مال جي انشورنس جو خرچ به شامل ڪيو آهي. نوٽ: ڪنهن به ايڪسپورٽر يا ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ لاءِ بهتر آهي ته هو سي آءِ ايف هيٺ يا سي ايف آر تحت ايڪسپورٽ ڪري جنهن سان ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو وڌيڪ اچي ٿو. انکان علاوه شارٽ شپمينٽ ۽ پارشل شپمينٽ ٻه اهڙا اصطلاح آهن جن سان هر ايل سي يا انوائيس ۾ ايڪسپورٽر توڙي امپورٽر جو پالو لازمي طور پوندو. شارٽ شپمينٽ جي جيڪڏهن ايل سي ۾ گنجائش موجود آهي ته ايڪسپورٽر ڪنٽينر جي گنجائش جي حساب سان مال ۾ گھٽتائي ڪري سگھي ٿو. انوائيس تيار ڪرڻ وقت ايڪسپورٽرکي انوائيس جي ” پيئمينٽ اينڊ ڊليوري“ واري ڪالم ۾ ”پارٽ اينڊ پارشل شپمينٽ الوڊ“ ضرور لکڻ گھرجي. ان کان علاوه پيئمينٽ واري ڪالم ۾ ايڪسپورٽر پاران ايرووڪ ابل ايل سي ايٽ سائيٽ ( ۽ جيڪڏهن پارٽي ءَ سان رقم جي ادائگي ٽي ٽي وسيلي ڪرڻ جو طئي ٿيل هجي ته ” ٽي ٽي ايڊوانس“ لکڻ پڻ ضروري آهي جنهن سان اهو ڪنفرم ٿي ويندو ته مال شپمينٽ ڪرڻ بعد ڪاڳر پٽ بينڪ ۾ جمع ڪرڻ سان اوهان کي آسانيءَ سان رقم جي ادائگي ٿي ويندي. ليٽر آف ڪريڊٽ (ايل سي): پروفارما انوائيس ملڻ کان بعد ايڪسپورٽر طئي ٿيل معاهدي يا ڳالهه ٻولهه موجب ايل سي يا ٽي ٽي ذريعي پئسا موڪلڻ جو بندوبست ڪندو. ايل سي (ليٽر آف ڪريڊٽ) جا مختلف قسم ٿين ٿا ۽ هر ايل سي ۾ ڪيترا ئي ڪالم ٿين ٿا جن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ايل سي موجب مال موڪلڻ کان اڳ ان جو پوري طرح جائزو وٺڻ ڪنهن به ايڪسپورٽر لاءِ انتهائي ضروري آهي. ايل سي هڪ قسم جي انڊر ٽيڪنگ آهي جيڪا امپورٽر جي بينڪ پاران ايڪسپورٽر کي ڏني ويندي آهي ته ”جيڪڏهن ايڪسپورٽر ايل سي ۾ ڏنل شرطن موجب مال جي ڊليوري ڏئي لاڳاپيل سمورا ڊاڪيومينٽس (ڪاڳر پَٽَ) امپورٽر جي بينڪ پاران نشاندهي ڪيل بينڪ کي پنهنجي بينڪر ذريعي اماڻي ته ايل سي ۾ ڄاڻايل رقم امپورٽر جي بينڪ ادا ڪندي. هر ايل سي يا ٽي ٽي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي يا چار بينڪرس شامل هجن ٿا جن ۾ ايل سي يا ٽي ٽي جاري ڪندڙ بينڪ يعني امپورٽر جي بينڪ، ايڊوائيزنگ بينڪ؛ جيڪا ايڪسپورٽر جي ملڪ ۾ رجسٽرڊ بينڪ هجي ٿي ۽ ان بينڪ ۾ ايل سي يا ٽي ٽي جاري ڪندڙ بينڪ جو کاتو کليل هوندو آهي جنهن مان رقم مال ايڪسپورٽ ڪرڻ کان بعد امپورٽر جي بينڪ ڏانهن منتقل ٿي ويندي آهي، انکان علاوه ايل سي ري ڪنفرم ڪندڙ بينڪ ۽ ري ايمبرسمينٽ بينڪ پڻ مرحلن ۾ شامل هجن ٿيون. بينڪرس جي مامري ۾ امپورٽر کي جاچڻ گھرجي ته ايل سي فريلي نيگوشي ابل آهي يا ڪنهن خاص شرط جي محتاج آهي فري نيگوشي ايبل ايل سي آسان ۽ بهتر هجي ٿي. جيڪا توهان پنهنجي مرضيءَ موجب ڪنهن به بينڪ وسيلي نيگوشيئيٽ ڪري سگھو ٿا. ڪنهن به ايڪسپورٽر کي ايل سي جي ڪاپي ملڻ بعد انجو پوري طرح باغور جائزو وٺڻ گھرجي ته ايل سي ايرووڪ ابل آهي يا نه، ايرووڪ ابل ايل سي جو مطلب آهي ته ايڪسپورٽر ايل سي کولڻ بعد ايل سي ۾ ڏنل مدي کان اڳ امپورٽر جي رضامندي کانسوا ايل سي ۾ ڪا ردوبدل نه ٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي وري ايل سي ڪينسل يا ان تي عمل درآمد کي روڪي سگھي ٿو. جنهن کان بعد ايڪسپورٽر کي جاچڻ گھرجي ته ايل سي سندس پاران امپورٽر کي اماڻيل پروفارما انوائيس موجب درست آهي؟ جي نه ته پوءِ کيس ترت امپورٽر سان رابطو ڪري غلطين کي درست ڪرڻ گھرجي. ايل سي جي ڪاپي ايڪسپورٽر کي ملڻ بعد آرڊر جي پڪ ٿي وڃي ٿي ۽ مال موڪلڻ جا مرحلا شروع ٿي وڃن ثا هتي ايڪسپورٽر کي امپورٽر سان زباني ڪلامي يا لکت ۾ ڪيل معاهدن جي سختيءَ سان پابندي ڪرڻ گھرجي ۽ ايل سي ۾ موجود شرطن تحت مال موڪلڻ جي تياري ڪري ۽ ان موجب ئي ڪاغذ پَٽَ تيار ڪڻ گھرجي. مال جي ڊليوري ايل سي ۾ موجود شرطن هيٺ ڪرڻ کان بعد سمورا گھربل ڪاغذ جهڙوڪ: ڪمرشل انوائيس، پيڪنگ لسٽ، سرٽيفڪيٽ آف اوريجن، انسپيڪشن سرٽيفڪيٽ ۽ شپنگ ڪمپني پاران مليل اصل نيگوشي ابل بل آف لينڊنگ پنهنجي بينڪ کي ادا ڪرڻ سان ئي (جيڪڏهن ايل سي ۾ پيئمينٽ ايٽ سائيٽ ڄاڻايل آهي ته) اوهان کي اوهانجي بينڪ رقم ادا ڪري ڇڏيندي ۽ خير سان ايڪسپورٽ جا مرحلا پورا ڪري پنهنجي پهرين ڪنسائنمينٽ جو ميوو به وصول ڪري ورتو. |
|
|