هڪ معصوم آواز!!!

    انهي صُبح جو آءَ معمول مطابق پنهنجي اخبار جي آفيس وڃي رهيو هوس، صبح جي وڻندڙ هوا جي ماحول ۾ اوچتو منهنجي ڪنن سان هڪ معصوم آواز ٽڪرايو ”آيو قلفي وارو“ منهنجو سڄو ڌيان انهي آواز ڏانهن ڇڪجي ويو. مون ائين محسوس ڪيو ته اهو ڪو قلفي کپائڻ لاءِ هُن جو هوڪو نه هو پر اهو آواز هن سماج جي موجوده هئيت تي هڪ چٿر هو. منهنجون اڳتي وڌندڙ وکون پٺتي هٽڻ لڳيون ۽ مون پوئتي ڪنڌ ورائي انهي معصوم آواز ڏانهن ڏٺو. ته هڪ معصوم ٻالڪ جيڪو شايد 8 يا 9 ورهين جو لڳي رهيو هو سندس چهري مان ائين محسوس ٿي رهيو هو ته شايد هن ڪڏهن پنهنجي زندگي ۾ بهار جو ڪو رنگ ڏٺو هجي. ۽ انهي ٻالڪ سان گڏ هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي جيڪا شايد هُن کان سال ٻه وڏي هجي ۽ ٻئي مهانڊن ۾ ڀاءُ، ڀيڻ لڳي رهيا هئا. ڀاءُ جي هٿن ۾ سندس قد ۽ وزن کان به ڳرو ۽ وڏو ڪُلر هو جيڪو مس انهي کان کڄيو پئي. سو قلفيون کپائي رهيو هو. اهو منظر ڏسي منهنجون منتشر سوچون اسان جي سماج جي مجموعي صورت تي مشترڪ ٿي بيهي رهيون ۽ مان سوچڻ لڳس ته هي ننڍڙو ٻار جنهن جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب هجڻ گھرجن سو هن اسڪول ٽائيم تي پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جي پيٽ جي بُک اجهائڻ لاءِ قلفيون کپائي رهيو آهي. هڪ لحمي ۾ منهنجي سوچ سرڪار جي تعليمي شرح وڌائڻ جي ناقابل يقين دعوائن کان ٿيندي اسان جي سماج ۾ موجود اين جي اوز جي ڪردار تي اچي بيٺي. ڇا اسان جي هن پوري سماج ۾ ايترين سارين انساني ڀلائي ۽ سماجي سُڌار لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز مان ڪا هڪ به اهڙي نه آهي؟ جيڪا اهڙن ٻالڪن جي ڪا مالي سهائتا ڪري سگھي جو هو بُک جي باه مان نڪري تعليم پرائي سگھن. ڪيترائي اهڙا ٻار آهن جنن جي معصوميت ڪاغذ چونڊيندي گذريو وڃي، جنن هٿن ۾ قلم هئڻ گھرجي انهن هٿن ۾ گٿا ۽ ڪٽا هوندا آهن.

     ماضي ۾ اسان ۽ توهان ڏٺو ۽ ٻُڌو ڪا به سماجي ڀلائي جي دعويدار تنظيم موجود ڪانه هئي، ڪوبه سماجي ادارو نه هو. پر انفرادي طور تي سنڌ ۾ سماجي ڀلائي جو جذبو موجود هو. سنڌ  مان ڪي اهڙي سماجي سوچ جا مالڪ فرد هوندا هئا جيڪي انفرادي طور تي نه رڳو تعليمي ادارا هلائيندا هئا پر اُتي شاگردن جي هر ممڪن مالي مدد ڪري تعليم انهن لاءِ ممڪن بڻائيندا هئا. هڪ فرد هوندي به انهن جو ڪردار اڄوڪن سماجي ڀلائي جي دعويدارن کان ڪافي اڳڀرو هو. ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد کان وٺي حيدرآباد جي نورمحمد وڪيل تائين اسان کي ماضي ۾ ڪيترائي سماجي ڪردار ملن ٿا. اسان وٽ سماجي سُڌار لاءِ ماضي مان هڪ بهتر مثال حيدر بخش جتوئي مرحوم جو به آهي جنهن سنڌ جي سماج ۾ انتهائي هيٺئين ۽ صدين کان پيڙهيل هاري طبقي جي خاطر پنهنجي ڪليڪٽري جهڙي پوسٽ کي به قربان ڪري ڇڏيو. ان وقت جاگيرداري سوچ جي مضبوطي هئي ۽ هاري حقن جي ڳالهه ڪرڻ نانگ ڇڙائڻ کان گھٽ ڪنهن به ريت نه هو. پر حيدر بخش جتوئي نه صرف معاشي قرباني ڏني پر حقيقي طور تي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو بنياد رکيو. پر اڄ اسان کان اهڙو ڪلچر موڪلائي ويو آهي. انفراديت کان اجتماعيت تائين سماجي ڀلائي جي سوچ جو پروان چڙهڻ سٺو سنئوڻ ليکي سگھجي ٿو پر ان کي ڇا چئجي ته انهي اجتماعي سوچ جي شڪل ۾ موجود اين جي اوز مان هڪ وڏو تعداد صرف  مالي فائدن جي حد تائين سماجي ڀلائي جي شعبي ۾ دلچپسي رکي ٿو. هو قلفي وارو هڪ نينگر نه هو پر هن سنڌ جو مستقبل هو، ڇا هن سنڌ جو مستقبل روشن هوندو؟ گھٽ ۾ گھٽ مستقبل جي ان معمار جي موجوده حالت کي ڏسي مان ان کان انڪار جي جرئت ضرور ڪندس. ڇاڪاڻ ته هڪ پڙهيل لکيل ٻار جيڪو اسان جو مستقبل آهي اهو ئي هڪ بهتر، خوشحال ۽ آزاد سنڌ جي ضمانت ڏيئي سگھي ٿو.

    روز اسان جي اکين اڳيان اهڙا ڪيترائي منظر گذري وڃن ٿا ۽ اسان هاڻ انهن منظرن تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته اهي هاڻ معمول جي زندگي جو حصو بنجي چڪا  آهن ۽ اسان اهڙا منظر ڏسي ۽ انهن کي نظرانداز ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون. پر اهڙا منظر هڪ درد ۽ هڪ پيڙا ڀري ڪهاڻي ضرور رکن ٿا پوءِ ڀلي معاشرو اها ٻڌڻ جي زحمت گوارا نه ڪري. اهڙا منظر اسان جي سماج جي ناڪاري صورت جا عڪاس به هجن ٿا. ۽ طبقاتي ڪشمڪش جا اهڃاڻ پڻ. سنڌ پنهنجي تاريخ جي ڊگھي سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ کي طبقاتي ڪشمڪش کان آجو نه ڪرائي سگھي آهي. اها ڳالهه قابل قبول آهي ته امير ۽ غريب طبقا قدرت جي هڪ خاص حڪمت عملي تحت موجود آهن. جنهن جي تحت دنيا جو روزمره جو ڪار وهنوار هلي ٿو. پر قدرت اهو ڪٿي به ڪونه ٿي چوي ته تعليم صرف امير جو ٻار پرائي باقي غريب جي ٻار جو مقدر مزدوري هئڻ گھرجي. قدرت جو ڪٿي به اهو اصول ناهي ته امير صحت جي سُٺي سهولت تائين رسائي رکندا هجن پر غريب اسپتالن ۾ پونسٽان جي گوريءَ کان به محروم رهن. قدرت جو ڪنهن به ريت اهو اصول ناهي. اهي سڀ اسان جا پنهنجا گھڙيل طبقياتي متڀيد آهن. ۽ اهي طبقياتي تفاوت ايستائين ختم نه ٿيندا جيستائين سنڌ جي هيٺئين طبقي مان پُر خلوص قيادت کي اُڀرڻ جو موقعو نه ملندو. هئڻ چوڻ جي حد تائين ته اسان اڄ ايڪهين صدي جي پهرين ڏهاڪي ۾ داخل آهيون پر اسان اڄ به اڻويهين صدي جي انگريز جي جاگيرداري نظام ۾ جڪڙيل آهيون. سنڌ جي سياسي قيادت تي هڪ نظر وجھي ۽ پوءِ ويهي ڪنهن ڪُنڊ ۾ غور ڪجي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جي سياست اڄ به جاگيرداري جي قبضي ۾ آهي، جتي مڊل ڪلاس جي ڪابه نمائيندگي ناهي. جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي بحالي لاءِ ڪي به قدم ڪونه ٿا کڄن. اهو ان ڪري ته قيادت جنهن درجي جي هوندي آهي، ان جي سوچ جو محور به اوتري بُلندي هوندي آهي.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net