|
محروميت جي احساسن جو وفاق کان صوبي تائين سفر
سنڌ ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان
اها سوچ مضبوطي سان قائم آهي ته مضبوط مرڪز ۾ جتي پنجاب کي انتهائي فيصلاڪن ڪردار
مليل آهي سنڌ ۽ ننڍا صوبا نظرانداز ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجي جائز آمدني جي وسيلن ۽ حصي
کان محروم ڪيا ويا آهن. پر هاڻ سنڌ هڪ نئين صورتحال سان دوچار آهي هڪ ته وفاق جي
عطا ڪيل محروميت جا احساس آهن ۽ ٻيو خود سنڌ صوبي جي اقتداري ايوانن مان جاري ٿيندڙ
پاليسون آهن جيڪي صرف هڪ اتحادي ڌر جي مرضي جون عڪاس آهن. بظاهر ڏسجڻ ۾ ائين ٿو اچي
ته سنڌ ۾ حڪومت صرف ايم ڪيو ايم جي آهي. ايم ڪيو ايم جنهن اقتدار ۽ اختيار جي طاقت
کي استعمال ڪندي پنهنجي دائري کي اندرون سنڌ تائين وسيع ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ پنهنجو
پاڻ کي شاه لطيف جي پيروڪار ۽ سنڌ جي سڄڻ چورائي ٿي پر اڄ جڏهن هو اقتدار جي ايوانن
۾ هڪ بااختيار ڌر آهي تڏهن سنڌين کي پهريون ڀيرو پنهنجي ئي صوبي جي حڪومتي
ڪاروهنوار ۾ نظراندازي جي شڪايت آهي. سنڌ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ واضح اڪثريت ۾ آهن
اُتي اها ڳالهه نهايت عجيب نه چئبي ته هڪ پاسي سنڌ ڪابينا جي اڪثريت سنڌي اڪثريتي
آبادي جي نمائندگي ڪرڻ بجاءِ غيرسنڌي اقليت جي عددي اڪثريت تي مشتمل آهي. ٻي پاسي
وري اڪثر کاتن جا سيڪريٽري به تبديل ڪري غير سنڌي مقرر ڪيا ويا آهن. جنهن جو نتيجو
اهو پيو نڪري ته سنڌ حڪومت جون پاليسون سنڌي ڳالهائيندڙن جي مفادن خلاف جڙي رهيون
آهن. ڪڏهن ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ صنعتي ادارن ۾ ڪراچي جو ڊوميسائل ضروري قرار
ڏيئي ٻهراڙي جي نوجوانن جون راهون روڪيون وڃن ٿيون، ته ڪڏهن وري ڪراچي ۾ سنڌي ڳوٺ
ڊاهڻ جا منظر اسان ڏسون ٿا ته ڪئين نه سنڌي ڳوٺ ڪيترين ئي غير قانوني ڪالونين کي
ڇڏي بي دردي سان غير قانوني ۽ حددخليون ڄاڻائي ڊاٿا پيا وڃن. انهن سڀني ڪاروائين جي
پشت پناهي ايم ڪيو ايم ڪري رهي آهي. هڪ پاسي سنڌ سان محبت جون دعوائون ۽ ٻي پاسي
اهڙيون معتصبانه نسلي نفرتن واريون ڪاروايون ايم ڪيو ايم جي منافقانه سياست جو پردو
کولين ٿيون. اهي ڳالهيون اسان جي انهن دانشورن کي به ڪجھه سوچڻ جو سامان مهيا ڪن
ٿيون جيڪي ايم ڪيو ايم سان تعاون جا حامي آهن.
اسان ڏٺو ته جڏهن
ڪجھه عرصو پهرئين نائين زيرو
تان مطالبن جي ڊگھي لسٽ اسلام آباد جي اقتدار ڌڻين وٽ منظوري جي لاءِ ويئي ته انهي
۾ ڪو هڪ مطالبو به اندرون سنڌ جي مفاد سان لاڳاپيل نه هو بلڪ اڪثر مطالبا سنڌ جي
اڪثريتي آبادي جي مفادن خلاف هئا. جنن ۾ هن وقت پورو ڪيو ويندڙ هڪ مطالبو سنڌ جي
نوڪرين ۾ پنجاه سيڪڙو ڏيئڻ وارو به شامل هو. جنهن جي اُن وقت وڏي وزير سخت مخالفت
ڪئي هئي پر هاڻ انهي مطالبي تحت ففٽي ففٽي جي بنياد تي ملازمتن جي ورهاست ڪئي پئي
وڃي. اخباري اطلاعن مطابق ففٽي ففٽي جي انهي ورهاست تي عمل درآمد پڻ ڪيو ويو آهي
جنهن تي مختلف کاتن ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو
آهي. هڪ پاسي آڌياري ٻڪري وارو اهو ففٽي ففٽي فارمولو آهي ۽ ٻي پاسي سرڪاري ادارن ۾
سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کان نوڪرين لاءِ درخواستون گھرائڻ جو سلسلو گذريل ٽن سالن
کان جاري آهي. نوجوان هڙان وڙان ڪري بيروزگار هوندي به بينڪ ڊمانڊ ۽ پوسٽ پي آرڊر
پياري سوين روپيه خرچ ڪري حڪومت جي خزاني ۾ اربين روپيه جمع ڪرائين ٿا ۽ موٽ ۾ کين
مايوسي ئي پلئه پوي ٿي ڪڏهن ٿيندڙ ٽيسٽن جي لاءِ ڪرايو ڀاڙو ڀري جڏهن پري پري وارن
علائقن ۾ ٽيسٽ ڏيئڻ جي لاءِ اميدوار پهچن ٿا ته خبر پوي ٿي ته ٽيسٽ ڪئنسل ڪئي ويئي
آهي ۽ ٻي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ڪڏهن وري ڪميشن جھڙي امتحان مان پاس ٿيئڻ
کان پوءِ جيڪڏهن آفر آرڊر ملي ٿو ته جوائنگ آڊر اچڻ کان اڳ معاملو اتحادي ڌرين جي
اختلافن جي ور چڙهي وڃي ٿو ائين ئي ان سياسي ۽ اقتداري مفادن جي تحت سنڌ جي نوجوانن
کي مايوس ڪيو پيو وڃي انهن جي صلاحتين جي بي قدري ڪئي پئي وڃي ۽ ميرٽ جي لتاڙ ڪري
سالن کان پابندي پيل هئڻ ڪري مايوس ٿيل سنڌي نوجوانن جي چهرن تي موٽي آيل اُميدن جو
قتلاعام ڪيو پيو وڃي.
بيروزگاري جو حل صرف سرڪاري
نوڪري نه آهي ۽ اها سوچ ڪا بهتر به نه آهي پر سنڌ ۾ صورتحال ئي ڪجھه اهڙي وڃي رهي
آهي جو روزگار جا ذريعا انتهائي محدود ٿي ويا آهن. مقامي معشيت اقتصادي بدحالي جو
شڪار آهي. پرائيويٽ روزگار جي دستياب وسيلن ۾ اڳ ئي سنڌي بلڪل محروم رکيل آهن حالت
اها آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ صنعتي ادارن ۾ غير مقامي اسلام آباد کان نوڪرين جا
پرمنٽ آڊر وٺي پهچن ٿا ۽ سنڌي پنهنجي ئي علائقي ۾ قائم انهن ادارن ۾ روزگار جو ڪوبه
حق نٿا رکن انهي جو جواز اهو گھڙي پيش ڪيو ٿو وڃي ته سنڌي اهل ناهن. جيڪو هر هڪ
ڄاڻي ٿو ته صرف بدنيتي تي مبني آهي. ڇا سنڌين ۾ ايتري به اهليت ناهي ته هو هيلپر
جھڙي پوسٽ تي نوڪري ڪري سگھن؟ ڇا سنڌين ۾ اها به اهليت ناهي ته هو پٽيوالي ۽ چپڙاسي
جي نوڪريون وٺي سگھن؟ اڳ ته اهو تاثر ڪنهن حد تائين هو جو هيٺين گريڊ جي نوڪرين
بجاءِ مٿئين گريڊ جي ملازمت تي نظر هوندي هئي پر هاڻ ته انهي جي بلڪل برعڪس ڪٿي
جيڪڏهن پٽيوالي جي پوسٽ جي لاءِ درخواستون گھرائجن ٿيون ته انهي ۾ گريجوئيٽ نوجوانن
جون درخواستون پڻ شامل نظر اينديون. بيروزگاري جو عالم اهو آهي ته جيڪڏهن ڊزن کن
نوڪرين جو تعداد هوندو آهي ته اميدوارن جو تعداد هزارن تي مشتمل هوندو آهي. هاڻ
صورتحال ماڳهين ابتر ٿي رهي آهي جڏهن سنڌين جي لاءِ روزگار جو هڪ اهم وسيلو صوبائي
ادارن ۾ سرڪاري ملازمتون پڻ شهري ڌر جي مرضي مطابق تقسيم ڪيون پيون وڃن جن ۾ سنڌي
نوجوان بلڪل نظرانداز ٿي رهيا آهن.
پهرين ڳالهه ته نوڪرين جي اها
سياسي ورهاست ڪوبه جواز نٿي رکي. سياسي اثر رسوخ سان ملازمتن جو حصول ادارن تي تباه
ڪن اثر ڇڏيندو. جنهن سان نااهل انتظامي ڍانچو جنم وٺندو. اسان اڳ به ڪجھه اهڙي ئي
ڪيفيت ۾ مبتلا آهيون. افسوس اهو آهي ته وري به اهڙن ئي قدمن جي پوئيواري ڪئي پئي
وڃي. جنن سان يقينن نه ماضي ۾ ڪي بهتر نتيجا نڪتا نه وري اڳتي هلي ڪي مناسب نتيجا
نڪرندا. ٻي ڳالهه ته انهي ففٽي ففٽي فارمولي کي ڪهڙي طرح جواز بخشي سگھجي ٿو جڏهن
ته ايم ڪيو ايم کي به اهوئي حصو ڏنو ويو آهي جيڪو حصو باقي ڌرين کي ڏنو پيو وڃي
يعني هڪ ڪروڙ آبادي کي به 50 سيڪڙو حصو ملندو ۽ باقي 4 ڪروڙ آبادي کي به 50 سيڪڙو
حصو!! جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي هڪ ڪروڙ آبادي جي اڪيلي نمائنده جماعت به ناهي.
سنڌ جي وڏي وزير جنهن ڪجھه
عرصو اڳ سنڌ جي مفادن تي مصلحت کان انڪار جي جرئت ڪئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جي اهڙن
مطالبن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پر جلدئي انهي جي جرئت جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويئي.
نه صرف ايم ڪيو ايم جي مطالبن کي مڃيو ويو آهي پر انهي تي عمل درآمد پڻ ڪيو ويو
آهي. ايم ڪيو ايم جي 50 سيڪڙو واري مطالبي کي مڃي هڪ اهڙي رواج جو بنياد رکيو ويو
آهي جيڪو هاڻ اڳتي به جاري رهندو. انهي سڄي صورتحال ۾ اندرونِ سنڌ سان لاڳاپيل
سرڪاري ڌُر جي ميمبرن جي لاتعلقي واري روش پڻ ڏسڻ جھڙي آهي ڪنهن به انهي فارمولي تي
اعتراض ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي آهي. سنڌ جي عوام کي ڪجھه ملي يا نه ملي بيروزگار نوجوان
ڪا نوڪري حاصل ڪن يا ڊگريون کڻي در بدر ٿيندا رهن انهي جي ڳڻتي اهي سرڪاري نمائندا
آخر ڇو پنهنجي مٿي جو سور بنائين؟ جڏهن ته انهن کي سرڪاري مراعاتون ۽ سهولتون ملن
ٿيون. باقي جيڪي ڪجھه وهي واپرائجي پيو سو انهن وٽ نڪ مٿان ويٺل مک اڏائڻ جي برابر
آهي. رهي ڳالهه ووٽن جي انهي لاءِ انهن کي هوئن به پريشان ٿيئڻ جي ضرورت نه آهي جو
اهي خانداني ميراث جي منتقلي جيان نسل در نسل انهن ڏانهن منتقل ٿيندا رهن
ٿا. بيروزگاري ۽ روزگار جي اڻاٺ سنڌي سماج کي منتشر ڪري رهي آهي سماجي ڍانچي تي ان
جا تمام برا اثر پئجي رهيا آهن سنڌ بک وگھي تڙڦي مرندڙ معصومن، معاشي پريشانين وگھي
خودڪشيون ڪندڙ نوجوانن، پنهنجي ٻارن جي گذر لاءِ پريشان رهندڙ والدين جي ديس طور
سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي. غربت زندگين جا ڏيئا وسائي رهي آهي. اڳي ٻڌبو هو ته
ايٿوپيا ۾ ٻار بک وگھي مري رهيا آهن پر هاڻ اهي منظر سنڌ ڏيکاري آهي. جتي معصوم گل
بُک جي ور چڙهي ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي رهيا آهن. آفريڪا کنڊ جي ايٿوپيا ملڪ ۾ اها
صورتحال ان ڪري آهي جو اُتي انساني گذر جا ذريعا ناهن. قدرتي طور وسيلن جي کوٽ آهي.
پر سنڌ ته پاڪستان جي شاهوڪار صوبي جي سڃاڻپ رکي ٿي، ملڪي خزاني ۾ سنڌ 70 سيڪڙو
دولت ڏيئي ٿي ان باوجود به سنڌ جا ماڻهو غريب ۽ انهن وسيلن کان محروم آهن. وسيلن جي
دستيابي ۽ انهن تائين سنڌي ماڻهن جي پهچ نه هئڻ ڪري سنڌ غربت جي دلدل ۾ تبديل ٿي
آهي. گھرن ۾ خوشين بجاءِ بک ۽ بدحالي جا راڄ قائم ٿي رهيا آهن. سنڌي ڳوٺ اهڙن
بيابانن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن جتي زندگي ۾ خوشي جي ڪا به معنى باقي نه رهي آهي. غربت
جي انهي انتها ماڻهن جي نفسيات ۽ روزمره جي ڪار وهنواز تي به اثر انداز ٿيئڻ شروع
ڪيو آهي. سماج افراتفري واري صورتحال مان گذري رهيو آهي جتي ماڻهو هڪ ويلي لاءِ به
پريشاني مان گذرن پيا. وڌندڙ مهانگائي ۽ آمدني جي ذريعن جو نه هئڻ ڪري نوبت فاقا
ڪشي تي پهتل آهي. انهي اهڙي ابتر صورتحال ۾ شايد ئي هالا جي انڙ خاصخيلي ڳوٺ جي 8
ورهين جي ننڍڙي مهدي جي فاقن وگھي موت جي خبر تي ڪنهن سرڪاري عملدار پنهنجي ضمير تي
ڪا چهنڊڙي محسوس ڪئي هجي!! نه ڄاڻ جڏهن ننڍڙو مهدي ڄائو هوندو مائٽن ڪيتريون نه
خوشيون ڪيون هونديون. پر جڏهن ڏاڏي جي گود ۾ هن بک وگھي پنهنجا آخري پساه ڇڏيا تڏهن
انهن جي دلين تي ڪهڙي قيامت گذري هوندي؟ انهي جو احساس هر ذي شعور انسان جي دل کي
لوڏڻ جي لاءِ ڪافي آهي. ننڍڙي مهدي جو جنازو نه پهريون آهي جيڪو بک وگھي مرندڙ ڪنهن
معصوم جو آهي نه ئي آخري. خبر ناهي اڃا ڪيترن مائرن کي پنهنجي معصوم گلن جي آخري
هڏڪي ٻڌڻي پوندي ۽ پوءِ اهي گل هن بي رحم دنيا مان بک هٿان پٽي اڇليا ويندا! دنيا ۾
ڪا محبت ماءُ جي ممتا کي ڀلا مات ڏيئي سگھي آهي! هرگز نه پر سنڌ ۾ معاشي پريشانين
ماءُ جي ممتا تي سواليه نشاني هڻي ڇڏي آهي. وقت بوقت اخبارن ۾ اهي خبرون اينديون
رهن ٿيون ته ڪڏهن پنجن ٻارن جي ماءُ خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪڏهن ماءُ پنهنجن ٻارن کي ابدي
ننڍ سمهارڻ کان پوءِ پاڻ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
سنڌ جون اهي حالتون اسان جي
لاءِ فڪر جي گھڙي هئڻ گھرجن. اسان ڪئين نه سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي طور تي
پٺتي ڌڪيا پيا وڃون. سنڌ جو عام ماڻهو ڪهڙي نه اذيت ڏيندڙ ڪيفيت مان گذري رهيو آهي
جتي هو موت جي ڀوائتي تصور کي به نجات جو ذريعو سمجھي اپنائي رهيو آهي. جڏهن به
ڪنهن علائقي جي ماڻهن ۾ اها ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي ته اتي جون سياسي پارٽيون عوام جي
واهر ۽ وارثي جي لاءِ اڳتي اينديون آهن ۽ ماڻهن کي اڪيلائي جي احساس مان ٻاهر ڪڍي
اينديون آهن. پر سنڌ ۾ ائين به نه ٿي سگھيو آهي، سياسي پارٽيون پنهنجو پاڻ کي عوامي
رنگ ۽ ڍنگ کان الڳ ڪيو ويٺيون آهن. هڪڙا ڊيل جا خواهشمند آهن ته ٻيا باوجود ان جي
ته پنهنجو پاڻ کي جياپي ۽ آجپي واري فڪر جا پيروڪار سمجھن ٿا. پر پنهنجي شخصي
اختلافن کان به ٻاهر نه نڪري سگھيا آهن. صرف هڪٻئي جو گريبان پڪڙڻ ۾ پورا آهن ۽
نظرياتي اختلافن جي منجھيل سُٽ ۾ ائين جڪڙيل آهن جو سنڌ جي ڪنهن هڪ متفق قومي مسئلي
تي به گڏجي ويهڻ جي لاءِ تيار نه آهن. ان ابتر صورتحال ۾ سنڌ زندگين جي رونق وڃائي
رهي آهي ۽ سنڌي ماڻهو وفاق کان محروميت جون شڪايتون ڪندي هاڻ خود پنهنجي صوبي جي
انتظامي ڪاروهنوار تي به شڪايتي آڱر کڻي رهيو آهي.
| |
|
Contact Us:
+92-332-3895458 |
|
|
|
|
ايڊيٽر ۽
ويب ماسٽر: |
|
مير آفتاب
احمد ٽالپر |
|
سب ايڊيٽر: |
|
مير اشفاق احمد ٽالپر |
|
معاون
ايڊيٽرز: |
|
عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي |
|
 |
|
sindh,Pakistan,E-books,Free
E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn
$,$$, |
|
|
|
earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia
science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms |
|