سنڌ جي تعليمي ادارن جو ڪريل اخلاقي معيار

ڪو وقت هو جو سنڌ جي سڃاڻپ علم جي گهواري طور ٿيندي هئي. عراق، مصر ايران مقصد دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان علم جا پياسي پنهنجي اُڃ اجھائڻ جي لاءِ سنڌ جي علمي درسگاهن جو رخ ڪندا هئا رڳو ٺٽي جي ماضي تي نظر وجھجي ته ٺٽي جو هڪ شهر سنڌ جي انهي علمي تاريخ ۾ هڪ منفرد حيثيت رکندڙ شهر هو جتي 350 جي لڳ ڀڳ شاندار درسگاهون ۽ مدرسا هئا جتي ديني علم سان گڏ جديد علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. هڪ طرف سنڌ جو ماضي جو اهو علمي پس منظر آهي جنهن جي پُٺيان اسان کي سنڌ جي آزاد هئڻ جو اهم محرڪ نظر اچي ٿو ۽ ٻي پاسي اڄوڪي سنڌ ۽ انجي علمي درسگاهن جو علم کان بيزاري ۽ اخلاق کان ڪريل ماحول اسان جي سامهون آهي. جنهن جي پس منظر ۾ وري سنڌ جي غلامي جو عنصر ڪارفرما آهي ڇاڪاڻ ته اسان تاريخ جي مطالعي مان اهو معلوم ڪري سگھون ٿا ته جڏهن ڪنهن ڌارئي سنڌ کي پنهنجو غلام بنايو آهي ته انهي سنڌ جي علمي درسگاهن کي پنهنجو اول نشانو بنايو آهي. ڪالهه جڏهن سنڌ آزاد هئي ته علم جو گهوارو هئي ۽ وري جڏهن ٺٽي تي ارغون ۽ ترخان ڪاهي آيا ته انهن سنڌ جي علمي تاريخ کي برباد ڪيو. سنڌ جي استادن کي سرعام ڦاهيون ڏنيون. سنڌ جا درسگاهه ساڙيا ويا. اها سنڌ جتي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان علم جا طالب آيا ٿئي انهي جي سڃاڻپ هڪدم تبديل ٿي ويئي ڇاڪاڻ ته ارغونن سمجھيو ٿئي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ اهوئي علم وارو ماحول برقرار رهيو ته انهن جو مذهب وارو ڍونگ هلي نه سگھندو ۽ سنڌ جا ماڻهو انهن جي حاڪميت جي خلاف اُٿي کڙا ٿيندا، تنهن ڪري انهن پهرين قدم طور سنڌ جي علمي تاريخي ذخيري کي ساڙي ۽ سنڌ جي درسگاهن کي بند ڪري ڇڏيو.

          تاريخ جو اهو اتفاق رهيو آهي ته سامراج کڻي ڪيترين ئي صدين جي وٿي کان پوءِ ڇونه اچي ۽ ڪهڙي به نئين شڪل اختيار ڪري اچي! پر انهي جي بنيادي سوچ ۽ عمل ۾ ضرور هڪجهڙائي هوندي آهي. اهڙي حقيقت کي اسان اڄ پنهنجن درسگاهن ۽ تعليم جي صورتحال کي ڏسي محسوس ڪري سگھون ٿا. جتي سڀ ڪجھه آهي پر علم وارو ماحول ناهي. شرافت ۽ عزت نفس ناهي رهيو. موجوده دور ۾ سنڌ جي درسگاهن جو علمي ماحول اُن وقت هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو جڏهن سنڌ جي قومي بقا ۽ آجپي جي جنگ ۾ شاگرد سياست کي اهم مورچي جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ جي نوجوان قومپرست نظريات جي قيادت انهي دور جي ئي پيداوار آهي. جيڪڏهن سنڌ جي علمي ادارن ۾ شاگرد سياست جو اهو رخ جاري رهي ها ته سنڌ هن وقت پنهنجي بقا جي سوال سان ايتري شدت سان گھيريل نه هجي ها. پر جئين ته سامراجي ذهنن سمجھيو ٿئي ته سنڌ جي قومي تحريڪ جو روح انهن درسگاهن ۾ تعليم وٺندڙ شاگرد آهن تنهن ڪري انهن پنهنجي رٿابندي سان سنڌ جي انهي شاگرد سياست کي داداگيري، ليڊري ۽ تشدد توڙي سماجي ۽ اخلاقي ڏوهن جي دنيا ۾ آندو ته جئين سنڌ جي قومي سياست کي هن اول مورچي کان محروم ڪيو وڃي ۽ پوءِ اها منصوبابندي ڪامياب ٿئي ۽ سنڌ ۾ قومي سياست جي زوال جو باب شروع ٿيو.

          هن وقت اسان جي علمي درسگاهن ۾ ڇا صورتحال آهي؟ ان جو هڪ انتهائي شرمناڪ مثال سنڌ يونيورسٽي ۾ تازو پيش آيل هڪ شاگرد سان اجتماعي بدفعلي وارو واقعو آهي. علمي درسگاهون جيڪي علم جي اُڃ اجھائڻ جو سبب هونديون آهن اخلاق ۽ مهذب پڻي جو هڪ مثال هونديون آهن. ڇاڪاڻ ته علم حيوان مان انسان ٿيئڻ سيکاري ٿو ۽ جيئڻ جو مهذب ڍنگ ٻڌائي ٿو پر جيڪڏهن اسان جي علمي درسگاهن ۾ علم انسانيت جي تعليم سيکاري ٿو ته پوءِ هي سڀ ڪجھه ڇو ٿي رهيو آهي؟ اسان جون درسگاهون اخلاقي معيار کان ڪريل ماحول جي حوالي ڇو ٿي رهيون آهن. هي هڪ واقعو آهي جيڪو اخبارن ۾ سامهون آيو آهي پر اهڙا ڪيترائي مختلف نوعيت جا واقعا هوندا جنن مان اُتي پڙهندڙن کي گذرڻو پوندو هوندو پر سماجي حيثيت جي ڪري اهي خاموشي جي نذر ٿي وڃن ٿا. انهي سڄي واقعي جو انتهائي اونداهو پس منظر اهو آهي ته انهي واقعي جا جوابدار هڪ قومپرست شاگرد ڌُر سان لاڳاپيل ٻڌايا پيا وڃن. خبر نٿي پوي ته اهي ڪهڙي قومپرستي جا دعويدار آهن؟ ڇا قومپرستي اهو سيکاري ٿي ته قومپرستي جي دعوى ڪري پوءِ ڀلي رهزني ڪريو. ماڻهن جي عزتن سان کيڏيو. اسان جي قومپرست تنظيمن جي قيادت تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي شاگرد سياست جي قبلي کي درست ڪن ۽ شاگردن جي سياسي تربيت اهڙي انداز سان ڪن جنهن مان اخلاقي توڙي قومي حوالي سان بلند ڪردار پيدا ٿئي. ڇاڪاڻ ته شرم و حيا انسانيت ۽ پيار و محبت ئي سنڌ جي اها سڃاڻپ رهي آهي جيڪا اڄ اسان وٽان ناپيد ٿي ويئي آهي ۽ هر ايندڙ ڏينهن وڌيڪ بحران ۾ ايندي پئي وڃي. سنڌ جي شاگردن ۾  نظرياتي ۽ فڪري پختگي ۽ اخلاقي بلند معياري آڻڻ جي لاءِ سياسي تنظيمون پنهنجن شاگرد تنظيمن تي مشتمل فڪري گڏجاڻيون منعقد ڪن جتي شاگردن جي نظرياتي تربيت ڪئي وڃي ۽ اخلاقي طور تي کين مهذب پڻو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. وقت بوقت شاگرد تنظيمن جي حوالي سان ڪن ڏوهن جون سامهون ايندڙ خبرون انهي ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿيون ته اهي شاگرد تنظيمون دڳ تان ٿڙيل ۽ ڪن سماج دشمن هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهن جيڪي پنهنجن مفادن خاطر سنڌ جي تعليم جو ماحول خراب ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. قومي خدمت جي دعويدارن کي گھرجي ته اهي انهن شاگرد تنظيمن منجھان سنڌي سماج دُشمن عناصرن کي نيڪالي ٻاهر ڪن جيڪي دعوا ته قومي خدمت جي ڪن ٿا پر انهن جي عمل سان پوري سنڌ قوم کي شرمساري جو منهن ڏسڻو پئجي ٿو. ڇا مٿئين واقعي کان پوءِ به اسان وٽ اها گنجائش رهي ٿي ۽ ان جي ڪيتري قدر معتبري رهي ٿي ته اسان هڪ مهذب قوم آهيون. خدارا جيڪڏهن سنڌي قوم جي حوالي سان ڪا خدمت نٿي پُڄي ته جيڪر پنهنجن خصيص مفادن جي پوئيواري خاطر سنڌ کي قرباني جي ٻڪري نه بنايو وڃي ۽ آجپي توڙي قومي فڪر جي آڙ نه ورتي وڃي ته هوند اها به اهڙين ڌرين جي سنڌ لاءِ وڏي خدمت سڏبي. ۽  يقينن انهي سڄي عمل جي ذميداري قومي سياست جي دعويدارن جي ڪلهن تي پئجي ٿي. ڏاڍي افسوس ۽ ڏک جو مقام آهي ۽ دل انهي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ته هڪ طرف سنڌ جي ڇا صورتحال آهي ۽ وقت توڙي سنڌ جي ڇا پُڪار آهي ۽ ٻي پاسي اسان جو ڪهڙو عمل آهي؟ اچو ته پنهنجن گريبانن ۾ جانچيون. هڪ احتساب پنهنجي قومپرستي جي دعوائن جو به ڪريون. جيڪڏهن سنڌ ۽ انجي حالتن جي تقاضن جي ردعمل ۾ اسان جو اهوئي غير ذميوارانه ڪردار رهيو ته پوءِ ڪٿي شاعر جون اهي سٽون حقيقت جو روپ نه وٺن

الا مَ ائين ٿئي جو پڙهجي ڪتابن ۾،
هئي به ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

  جڏهن ته اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي بقا ۽ آجپي جو سوال سنڌ جي علمي ماحول سان ئي واڳيل آهي. ڇاڪاڻ ته علم جي ذريعي اسان اهو سمجھي سگھنداسين ته رهزن ڪير آهي؟ ۽ رهزنن جي روپ ۾ ڪير اسان جي سامهون رهبر ڪري آندو ويو آهي؟ سنڌ جي بقا جو سوال قومي شعور سان مشروط آهي قومي شعور اُن وقت تائين پيدا ٿيئڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيستائين اسان پنهنجي تاريخ کان واقفيت نه وٺنداسين ۽ علم جي ذريعي پنهنجو اصلي مقام نه سڃاڻينداسين. قومي شعور سان واڳيل هر هڪ شخص پنهنجي پر ۾ انفرادي طور تي به سنڌ جي مفادن ۾ گھڻو ڪجھه ڪري سگھي ٿو. مثال طور شاگردن کي درس و تدريس دوران انهن کي رٽي طور درسي ڪتابن ۾ پڙهائي ويندڙ تاريخ جنهن ۾ عرب فاتحن کي محسن سنڌ ۽ فاتح اسلام ڪري پڙهايو وڃي ٿو پر انهي جي برعڪس ڪو قومي شعور سان واڳيل استاد شاگردن کي تاريخ جي حقيقت به ٻڌائي سگھي ٿو جنهن مطابق عرب فاتحن جو سنڌ ۾ اچڻ اسلام سان ذري برابر به تعلق نٿو رکي. قومي شعور سان واڳيل هڪ انجنيئر پنهنجي علم جي بنياد تي هر اسڪيم ۽ رٿا کي پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي ڀلائي واري ڪسوٽي تي پرکڻ جي همت ڪري سگھي ٿو. جيڪڏهن سنڌ ۾ انهي سطح جو قومي شعور بيدار ٿي وڃي ته يقينن سنڌ مشڪلاتن مان پار پئجي سگھي ٿي ۽ سنڌ مٿان حاوي ڪاري رات پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ ۾ ڪا گھڻي دير نه وٺندي. پر انهي سڀ ڪجھه جي لاءِ اسان کي پاڻ ۾ اها صلاحيت پيدا ڪرڻي پوندي ۽ اهو جوهر آڻڻو پوندو جنهن سان اسان پنهنجي بري ڀلي جي سڃاڻپ ڌاري سگھون ۽ سامراجي آله ڪار بڻجي ان جي مفادن لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ سنڌيت جا علمبردار بڻجي علم جا وارث ٿي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اڳتي وڌون. هي وحشيت ۽ بربريت وارو بارودي ڪلچر ڪنهن به ريت سنڌ جو ورثو ناهي رهيو اچو ته سڀ گڏجي اهو عهد ڪريون ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪنهن به طرح انهي انسانيت دشمن ڪلچر جو تحفو نه ڏينداسين. اسان ورثي طور پنهنجي ايندڙ نسل کي اهو ماحول بخشيداسين جنهن ۾ انسانيت جو سبق هوندو جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جو درس هوندو ۽ اخلاق جي تعليم هوندي. علم جو زيور هوندو ۽ محبت و ڀائيچاري توڙي رواداري جو عنصر هوندو ۽ اها سنڌ آزاد سنڌ هوندي. اهڙي قسم جي سنڌ پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان مان هر هڪ اهو وچن ڪري ته هو پاڻ پتوڙيندو، پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ انقلابي تبديلي آڻي ان کي وطن ۽ قوم دوست زاويئي ۾ ترتيب ڏيندو.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net