|
ڪالم: اچو سورن واريون ڪريون سُور پچار |
|
نيم جمهوريت خطرهِ ملڪ |
|
اشفاق
احمد |
نواب اڪبر بگٽي جي مظلومانه شهادت بعد بلوچ روايتن، اسلامي اقدار ۽ انساني تهذيب جي
اخلاقي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي سندس مڙهه وارثن جي حوالي نه ڪيو ويو. بلڪ انهي کي
حڪومتي سرپرستي هيٺ تالي لڳل تابوت سان مٽي ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. ان وقت صحافين
کي اهو سڄو منظر ڏيکارڻ جي لاءِ سرڪاري طور تي ڊيره بگٽي ۾ قائم نواب اڪبر بگٽي جي
ان اباڻي قبرستان ۾ آندو ويو. صحافين جي ڪافي اصرار بعد به تابوت کي لڳل تالا نه
کوليا ويا. پر ثبوت طور ڊيره بگٽي جي با اختيار ڊي سي او جيڪو پاڻ کي صدر مشرف کان
پوءِ سڀ کان وڌيڪ اختيارن جو مالڪ سمجھي ٿو. تنهن بگٽي صاحب جي عينڪ ۽ سندس گھڙي
بطور ثبوت ڏيکاري ته اهي بگٽي صاحب جون شيون آهن جيڪي انهي جو ثبوت آهن ته تالي لڳل
تابوت ۾ بگٽي صاحب جو ئي لاش آهي. بهرحال ڪافي اصرار باوجود به سندس مڙهه صحافين کي
نه ڏيکاريو ويو. ڊي سي او طرفان قابل يقين حقيقت طور قبوليت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پيش
ڪيل ثبوتن بگٽي صاحب جي شهادت کي ڪافي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. اهو ڪئين ممڪن آهي ته
غار ڪرڻ جي ڪري بگٽي ۽ سندس ساٿي اجل جو شڪار ٿي وڃن ۽ ڳرا پٿر ڪرڻ جي ڪري بگٽي
صاحب جي ميت ڏيکارڻ جي قابل قرار نه ڏني وڃي. فوجي جوانن کي اهي ڳرا پٿر پري ڪري
سندس لاش هٿ ڪرڻ ۾ پنج ست ڏينهن لڳي وڃن پر سندس شيشي جي عينڪ ۽ گھڙي تي ڪي معمولي
ڀڃ ڊاهه جا نشان به نه هجن. نواب صاحب جي شهادت جي اطلاع ڏيندي اهو ٻڌايو ويو ته
سندس غار مان 15 ڪروڙ پاڪستاني روپين سان ڳڏ ڪافي پرڏيهي ڪرنسي ملي آهي پر جيڪڏهن
ڏٺو وڃي ته انهي دعوى جي حقيقت جي مبني هئڻ تي به ڪافي سوال اڀري ٿا بيهن. پئسا
هميشه ڪنهن خفيه هنڌ تي ئي رکيا ويندا آهن. اهو ڪئين ممڪن ٿيو ته پئسن جهڙي
ننڍي ۽ قيمتي شئي ڳرن پٿرن هيٺان فورن ملي ويئي ۽ بگٽي صاحب توڙي سندن ڪجھه ساٿين جا لاش
ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ملي سگھيا.
ميڊيا ۾ بگٽي صاحب جي انهي سرڪاري تدفين جي حوالي سان ڪافي سوال اٿاريا پيا وڃن
جيڪي ڪنهن حد تائين وزنائتا به محسوس ٿين ٿا. سرڪاري طرح
شهادت کان تدفين جي مرحلي تائين
جيڪو رويو روا رکيو ويو ۽ جيڪي متضاد بيان سامهون آيا. اهي بگٽي صاحب جي وارثن ۽
جھموري وطن پارٽي جي اڳواڻن جي انهي ڳالهه کي جواز بخشي رهيا آهن ته هن 80 سالا
پوڙهي بلوچ کي ڪنهن سيڪورٽي ڪاروائي ۾ اتفاقيه مارجڻ واري سرڪاري دعوى
جي بجاءِ باقاعده پلاننگ سان خطرناڪ هٿيارن ۽ دهشتگردي جي عالمي ويڙه ۾ ملندڙ هٿيارن کي
استعمال ڪندي ماريو ويو آهي. سرڪار جي بقول ته بگٽي صاحب جو لاش ڪافي خسته حال ٿي
چڪو هو تنهن ڪري جلدي سان سرڪاري طرح تدفين جو بندوبست ڪيو
ويو.
اها
ڳالهه طئي آهي ته بگٽي صاحب جي مارجڻ توڙي تدفين تائين جيڪي به سوال آهن اهي بگٽي
صاحب جي تدفين سان گڏ مدفن ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪڏهن به اهڙن
قتلن جي پٺيان اٿندڙ مختلف سوالن جا ڪي به تسلي بخش جواب نه ملي سگھيا آهن. خود
قائداعظم جي وفات تي به ڪيئي سوال اڄ ڏينهن تائين اٿاريا وڃن ٿا ۽ لياقت علي خان
کان وٺي مير مرتضى ڀٽو تائين سڀني جا موت هڪ پر اسرار معمو بڻيل آهن. بهرحال
هن جھور پوڙهي جي وهايل رت بلوچن جي تاريخ ۾ بهادري ۽ مزاحمت جي هڪ نئين باب کي
ضرور جنم
ڏنو آهي. بلوچ صدين تائين نه رڳو مزاحمت جي هن ڪردار کي زنده رکندا پر
قومي جبر ۽ استحصال خلاف ان ڪردار کي
اپنائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا رهندا.
سرڪار هن واقعي کان پوءِ تنهائي جو شڪار آهي. ۽ منجھائيندڙ صورتحال کي
منهن ڏيئي رهي آهي پهرين نواب صاحب جي هلاڪت تي سيڪورٽي فورسز کي ڪامياب ڪاروائي تي
مبارڪون ڏنيون ويون پر پوءِ بلوچستان ۾ ٿيل شديد ردعمل کي ڏسندي
فورن موقف ۾ تبديلي آڻيندي بگٽي صاحب جي موت
کي اتفاقي سيڪورٽي ڪاروائي جو نتيجو قرار ڏنو ويو. جيڪڏهن اهو هڪ اتفاقي واقعو هو
ته پوءِ سرڪار مڙهه وارثن حوالي ڪرڻ کان ڇو انڪار ڪري ڇڏيو. اخبارن جي ايڊيٽوريلز کان وٺي مخالف
ڌر تائين راءِ عامه سان لاڳاپيل ڪن حلقن کان وٺي خود سرڪاري
مسلم ليگ ۽
اعلى فوجي عهدن تي رهندڙ سابق عملدارن طرفان انهي واقعي تي ڪڙي تنقيد ڪئي پيئي وڃي. ڪير به
سرڪار جي دعوائن تي يقين ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. سرڪار جي طرفان بلوچستان معاملي
کي حل ڪرڻ جي موجوده روش توڙي طريقيڪار تي پڻ سخت تنقيد ڪئي پيئي وڃي. ايتري حد
تائين جو جيڪڏهن اهو سمجھجي ته مخالف ڌر جو ڪم ته مخالفت براءِ مخالفت ئي آهي ۽
سرڪار پڻ اهو چئي رهي آهي ته مخالف ڌر اڪبر بگٽي جي لاش تي سياست نه ڪري. پر پوزيشن
اها آهي ته مخالف ڌر پري رهي حڪومت جي ۽ جنرل پرويز مشرف جي پاليسين
جي حمايت ڪندڙ اهم اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم به هن معاملي تي اختيار ڪيل طريقيڪار
تي تنقيد ڪري رهي آهي. بلوچستان سان لاڳاپيل مسلم ليگ جو سينيئر اڳواڻ ۽ ملڪ جي
اڳوڻي وزيراعظم مير ّظفرالله جمالي جو موقف به حڪومت جي انهي دعوى جي نفي ڪرڻ لاءِ
ڪافي آهي ته بگٽي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث هو. سرڪار جو بگٽي جي شهادت تي ڪهڙو به
موقف هجي ته هو شر پسند سرڪاري رٽ کي چئلينج ڪندڙ گئس ۽ ريلوي لائينون ۽ بجلي جا
اسٽيشن تباه ڪندڙن جي پشت پناهي ڪري رهيو هو. هو هڪ ظالمانه سوچ رکندڙ سردار هو.
ڀلا ڪڏهن اهو به ٿيو آهي ته ڪنهن دهشتگرد جي لاءِ ايوان ۾ دعاءِ مغفرت ڪئي ويئي
هجي. ائين به ٿيو آهي ته ڪو دهشتگرد صوبي جو گورنر، وڏو وزير ۽* ملڪي سطح تي وزير
دفاع توڙي وزير داخلا رهيو هجي. ٿي سگھي ٿو ته گھڻن کي نواب صاحب جي زندگي ۾ سندس
ڪيل ڪمن ۽ سرداري سوچ سان اتفاق نه هجي پر جڏهن ڪوهلو جي پهاڙ ۾ موجود اها غار جيڪا
ڪري ۽ انهي ۾ دٻجي بگٽي صاحب جو موت ٿيو. انجي دز اڏامي هوندي ته انهي انهن سڀني
عيبن توڙي خامين کي لٽي اڪبر بگٽي کي هڪ قومپرست بلوچ قائد جي طور تي سامهون آندو
آهي. جنهن جي ڇڏيل فڪر کي بلوچ صدين تائين پنهنجي نجات جو سبب سمجهندا.
انهي سڄي معاملي ۾ هڪ دفعو ٻيهر قومي حقن جي حوالي سان پنجاب تيز ترين تنقيد کي
منهن ڏيئي رهيو آهي. بلوچ قومپرست ته سنئون سڌو ذميوار پنجاب کي قرار ڏيئي رهيا
آهن. ۽ پنجاب سان لاڳاپيل اپوزيشن سان تعلق رکندڙ ۽ ماضي ۾ اهم عهدن تي رهندڙ ماڻهو
هن وقت پنجاب کي ان سلسلي ۾ پاڻ کي بي گناه ثابت ڪرڻ جو ثبوت ڏيئڻ جي گھر ڪري رهيا
آهن. ۽ سڄي صورتحال جي حوالي سان پنجاب کان فوري ڪردار ادا ڪرڻ جي گھر ڪئي پيئي
وڃي. ان کي ڏسندي اي آر ڊي توڙي مسلم ليگ (ن) جھڙيون پارٽيون هن واقعي تي احتجاج پڻ
ڪري رهيون آهن. ان سڀ جي باوجود لڳي اهو پيو ته پنجاب جو عام ماڻهو انهي سلسلي ۾
پاڻ تي عائد ٿيندڙ الزامن جو ڪو تسلي بخش جواب نه ڏيئي سگھيو آهي. ان حوالي سان
سڀني جي نظر ملڪ گير سطح تي ٿيندڙ اي آر ڊي ۽ ايم ايم اي جي گڏيل هڙتال جي سڏ تي
هئي. ۽ انهي موقعي تي پنجاب جي عوام کي اها اپيل ڪئي ويئي ته اهو بلوچستان سان انهي
واقعي جي تناظر ۾ يڪجھتي جو ثبوت ڏيئي هڙتال ۾ شريڪ ٿي حڪومتي پاليسي کان بيزاري جو
اعلان ڪري. پر بلوچستان ۾ تاريخي هڙتال سان گڏ سنڌ ۽ سرحد ۾ يڪجهتي جي اظهار طور مڪمل ڪاروبار بند رکيو
ويو. پنجاب وري به انهي يڪجهتي کان پاڻ کي پري رکيو. هئن به پنجاب سان سنڌ بلوچستان
توڙي سرحد جا تعلقات ڪي بهتر نه رهيا آهن. سدائين شڪايتي آواز پنجاب جي خلاف بلند
ٿيندا رهيا آهن.
پنجاب جو ڪردار سدائين
ملڪي معاملن ۾ پنهنجي مفادن جي پوئواري ئي رهيو آهي انهن جي مدنظر اتي هميشه ”شاه
سان وفاداري“ واري جذبي ئي پروان ورتو آهي. ٻين صوبن جي برعڪس پنجاب هميشه فوجي
آمريتن توڙي نام نهاد جمهوري حاڪمن جي پاليسين جي اکيون پوري حمايت ڪئي آهي ۽ نتيجي
۾ انهن کان پنهنجي مفادن جي پوئواري وسيع تر ملڪي مفاد جي آڙ ۾ ورتي آهي.
پنجاب پاليسين کان وٺي اقتدار تائين طاقت جي مضبوط قلعي جي حيثيت رکي ٿو بقول جنرل
مشرف ته ” جيڪا به حڪومت پنجاب کي ناراض ڪندي ته پنجاب ان حڪومت کي ڊاهي ڇڏيندو“
جڏهن طاقت ۽ اقتدار جو ايترو غيرمتوازي سرشتو موجود هجي ته پوءِ وفاق ڪهڙي طرح
پنهنجون پاليسيون انصاف پٽاندڙ جاري رکي سگھي ٿو. نه چاهيندي به
وفاق کي پنهنجن پاليسين ۾ پنجاب ڏانهن جھڪاءُ رکڻو پوندو. پنجاب چاهي ٿو ته جيڪو ڪم اڳوڻين
سڌي طرح قائم مارشل لا توڙي نان سول ڪنٽرول جمهوريت واري حڪومتن ۾ نه ٿي سگھيو سو
هن نيم جمهوري حڪومت جي هٿان مڪمل ڪرايو وڃي. انهي جي لاءِ هي نه رڳو ڪالاباغ ڊيم
سميت سمورن وڏن ڊيمن جي اڏاوت گھري ٿو پر ننڍن صوبن ۾ موجود تمام آمدني وارن وسلين
تي پنهنجي بالادستي پڻ قائم ڪرڻ گھري ٿو. پنجاب ۾ اها سوچ آهي ته ”ابهي نهين پهر
ڪبهي نهين“ انهي سوچ هيٺ هو لاشن تي به ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪري رهيا آهن. جنهن جي
خلاف ٽنهي صوبائي اسيمبلين جمهوري روايتن تحت مخالفت ۾ قرادادون پاس ڪيون آهن. هڪ
چوڻي آهي ته نيم ملان خطره ايمان، نيم حڪيم خطره جان. پر هاڻ انهي چوڻي ۾ تاريخي
تجربن مان گذرڻ ۽ هر غير جمهوري حڪمران جي هٿان خطرن سان دوچار ٿيئڻ بعد ڪجھه هنن
لفظن جو واڌارو ڪري سگھجي ٿو ته ”نيم جمهوريت خطرهِ ملڪ.
جنهن ڏينهن بگٽي صاحب سيڪورٽي فورسز جي ڪاروائي ۾ ڪوهلو جي پهاڙن ۾ ماريو ويو انهي
ئي ڏينهن اخبارن ۾ آمريڪي آرمڊ جنرل جي طرفان ترتيب ڏنل دنيا جي نقشي ۾ بلوچستان کي
آزاد حثيت ۾ ڏيکاريو ويو. بگٽي جي شهادت ۽ انهي ڏينهن آرمڊ جنرل طرفان آزاد
بلوچستان جي نقشي جون خبرون اچڻ نهايت ئي معني خيز محسوس ٿئي ٿو.
هڪ اهڙو خطو جيڪو پنهنجي جغرافيائي اهميت جي مدنظر علائقائي توڙي عالمي توجه جو
مرڪز بڻيل هجي ۽ جنهن ۾ عالمي طاقتن جون اکيون کتل هجن. اتي انهي علائقي جي ماڻهن
سان ائين فوجي ڪاروائي ڪرڻ جي ردعمل ۾ ملندڙ نفرتون ڪهڙي طرح ملڪي سلامتي جي لاءِ
بهتر آهن. موجوده عالمي حالتن ۽ بلوچستان جي جغرافيائي اهميت جي مدنظر اهو ضروري هو
ته علائقي واسين جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ کين مڪمل زندگي جون سهولتون پهچائيون
وڃن ها. انهن جون قومي حقن جي حوالي سان جيڪي شڪايتون هيون اهي دور ڪيون وڃن ها. ۽
اڪبر بگٽي سان پيدا ٿيل تڪرار کي ڳالهين رستي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پارلياماني
ڪاميٽي جي ڪم کي نيڪ نيتي سان اڳتي وڌايو وڃي ها. انهي جي برعڪس شروع ڪيل فوجي
ڪاروائي ۽ ان جي ڪري پيش آيل نواب اڪبر بگٽي جي واقعي بلوچستان ۾ پاڪستان سان محبت
فروغ ڏيئڻ جي بجاءِ اڳ قائم ٿورن گھڻن جذبن کي پڻ نقصان رسايو آهي. وفاق توڙي پنجاب
خلاف شديد نفرت جا اظهار ڪيا پيا وڃن جنهن کي هڪ فطري ردعمل سڏي سگھجي ٿو. ڪوهلو
واقعي بلوچن ۾ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو ککرن جي ماناري ۾ ڀتر اڇلڻ کان پوءِ ٿئي ٿو.
نتيجي ۾ ماناري مان نڪرندڙ ڇڙيل ککر سرزمين تي موجود هر هڪ کي ڏنگي ئي پنهنجو ردعمل
ڏيکاريندا.
هڪ ڳالهه جيڪا هر ڪنهن تجزئي ۽ تبصري کان پوءِ سامهون اچي ٿي
اُها هي ته نواب
صاحب جي وهايل رت کان پوءِ جيڪو ردعمل ٿي رهيو آهي ۽ جيڪي اڳتي هلي حالتون رخ
اختيار ڪنديون انهي ۾ گھڻو ڪجھه تبديل ٿيئڻ ممڪن نظر اچي ٿو.
|