|
سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي خلاف سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر مان احتجاج ڪيا پيا وڃن ۽ پابندي جي مذمت ڪندي هر باشعور سنڌي انهي قدم کي اظهار جي آزادي جو قتل ۽ سنڌي ثقافت تي حملو سمجھي ٿو. سنڌ ٽي وي پنهنجن پروگرامن ذريعي نه رڳو ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻي پر انهي سنڌ جي قومي شعور کي به گھر گھر پهچايو. اهو ئي سبب آهي ته جتي جتي سنڌ ٽي وي جو آواز پهتو اتي جيئي سنڌ جي صدا ضرور لڳي. سنڌ ٽي وي جي انهي ئي ڪردار کان خوف کائيندي سندس جي نشريات تي پابندي عائد ڪئي ويئي آهي. اردو سيٽلائيٽ چئنلن جي تعداد جي مقابلي ۾ جيڪڏهن اسان سنڌي چئنلن ڏانهن ڏسنداسين ته انهن جو تعداد اسان کي اٽي ۾ لوڻ برابر محسوس ٿيندو. پر جڏهن اسان تعداد کان هٽي معيار ڏانهن نظر ڪنداسين ته اسان کي سنڌي چئنل ڪنهن به ريت پٺتي نظر نه ايندا. سنڌي چئنل، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ سان ڳڏ سنڌ جي موجوده حالتن جي ترجماني پڻ ڪن ٿا. اڄ جي دور جي اها هڪ اهم ضرورت آهي ته ميڊيا تي وڌ کان وڌ نمائيندگي حاصل ڪجي ته جئين پنهنجي موقف کي اڳتي وڌائي سگھجي. هن وقت دنيا ۾ ميڊيا جا زياده تر ذريعا مغرب وٽ آهن ته اسان اهو آساني سان محسوس ٿا ڪريون ته مغرب جو ڪنهن به معاملي تي موقف تمام تيزي سان پوري دنيا ۾ پکڙجي وڃي ٿو. ميڊيا عوام سان رابطي جو هڪ اهم ۽ سڌو ذريعو هوندي آهي. انهي سان گڏوگڏ ميڊيا ڪنهن به معاشري جو آئينو هوندي آهي. جتي ۽ جنهن معاشري ۾ ميڊيا آزاد هوندي آهي ته اتي هو پنهنجي آئيني ۾ معاشري جي صحيح تصوير ڇڪي ٿي جنهن سان معاشري ۾ پکڙيل مختلف مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. ۽ سڌريل ملڪن ۾ اخبارن جا ايڊيٽوريلز ۽ چئنل جا ٽاڪ شوز پروگرام حڪومتي ڪارگردگي ۽ پاليسي لاءِ نهايت اهم هوندا آهن. جنن جي روشني ۾ اها خبر پئجي سگهبي آهي ته عوام ڇا ٿو طلبي؟ سنڌ جا ٽي وي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي ميڊيا ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي توڙي ثقافت جي ترجماني ڪن ٿا. انهن چئنلن سنڌ جي سچ ۽ حق جي آواز کي دنيا تائين پهچايو آهي. پنهنجي مختلف پروگرامن ذريعي سنڌ ۾ جاگرتا پکيڙي آهي. انهن چئنلن کان اڳ سنڌ جي آواز کي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪا به جڳهه نه ملي سگھندي هئي، پر انهن چئنلن سنڌ جي آواز کي طاقت بخشي ۽ ان کي سرڪار جي طرفان عطا ڪيل يتيمي واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍيو. اڄ سنڌي چئنل جيڪي سنڌ ۾ وڏي مقبوليت رکن ٿا. ماڻهو حالتن کان باخبر رهڻ کان وٺي انٽرٽينٽمينٽ جي لاءِ اهي چئنل ڏسن ٿا. ته تڏهن انهن چئنل مان هڪ چئنل سنڌ ٽي وي جي نشريات تي پابندي عائد ڪري ماڻهن کي اطلاعات جي فراهمي ۽ انٽرٽينٽميٽ جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ثقافتي اوسر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. سنڌ جتي اهي احساس اڳ به موجود آهن ته سرڪاري طور تي سنڌي ٻولي سان نازيبا سلوڪ روا رکيو ويو آهي. ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي جو سبجيڪٽ پڙهائڻ کان وٺي سنڌي ڳالهائيندڙن جي حقن تائين سنڌ ۾ نظراندازي ۽ غير مناسب رويي جي شڪايت ڪئي وڃي ٿي. ته اتي سنڌ ۾ مقبول علائقائي چينل تي پابندي لڳائڻ سان سنڌ جي عوام ڏانهن ڪو مثبت تاثر نه ويندو. جيڪڏهن سرڪار انهن چئنل جي طرفان پيش ٿيندڙ موقف سان اختلاف رکي ٿي ۽ سنڌ سان زيادتي ٿيڻ وارين ڳالهين تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هو اهڙن پروگرامن کي ناپسند ڪري ٿي جيڪي سنڌ جي زميني حالتن جي عڪاسي ڪندي حڪومتي موقف جي ابتڙ آهن ته پوءِ سرڪار اهڙيون پاليسون ڇو ٿي ٺاهي؟ جنهن کان شڪايتي ٿي سنڌ جو عوام انهي جي برعڪس موقف ڏيئي ٿو. سرڪار جيڪڏهن اهو چاهي ٿي ته سرڪاري ميڊيا جيان هتان به ”سڀ ٺيڪ“ جو _درس عام ڪيو وڃي ته پوءِ به اهو ناممڪن آهي ته زميني صورتحال ۾ ڪا تبديلي اچي سگھي. اهي چئنل جيڪڏهن سنڌي عوام ۾ مقبول آهن ته انهي جو سبب به اهو آهي ته انهن عوام جي ڪيس کي اڳتي وڌايو آهي. بجاءِ ان جي ته سنڌي ميڊيا تي دٻاءُ وڌو وڃي ته هو سنڌ جي زميني صورتحال کان چشم پوشي اختيار ڪري. حڪمرانن کي سنڌ جي زميني صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌائڻ گھرجي سنڌ جو عوام ناانصافي، زيادتي ۽ حقن کان محروميت جون جيڪي شڪايتون رکي ٿو انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گھرجي. جيڪڏهن عملي طرح سنڌ جي عوام سان درپيش شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ حڪمران ڪجھه به نه ٿا ڪن ته پوءِ انهي غير آئيني ۽ غير قانوني قدم جو ڪهڙو جواز باقي رهي ٿو؟ جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو عوام سمجھي ٿو ته هاڻ شڪايتون دور ڪرڻ مسئلا حل ڪرڻ پري پر انهن جي شڪايتن ۽ مسئلن کي ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيو پيو وڃي. ناانصافي، ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز اٿارڻ تي به بندش لاڳو ڪئي ويئي آهي. |
|
|