سنڌوءَ

ڪوٽڙي بئراج واري پل تان گذرندي نگاهون المنظر هوٽل جي ڇت تي ئي ٽڪيل رهيون. سوچون ذهن تي گھر ڪرڻ لڳيون ۽ چهري تي ماضي جي يادن اداسي جا تھ چاڙهڻ شروع ڪري ڏنا. المنظر هوٽل جي ڇت تي هو مون سان آخري ڀيرو ملڻ آئي هئي. اسان ٻئي ڇت جي ڇيڙي تي لڳل لوهي گرل وٽ ڪافي دير تائين خاموش بيٺا رهياسين،

”سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ! تون ڪوئي الڪو نه ڪر!!“ مون ڄڻ صدين جي خاموشي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ”جلد ئي مونکي ڪا سٺي نوڪري ملي ويندي ! ۽ پوءِ تنهنجي پئ کي ڪو به اعتراض نه هوندو...“ مون چيو.

سنڌو جو پئ اسان جي شادي لاءِ راضي نه هو، هو ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر کي سنڌو جي رشتي لاءِ زبان ڏئي چڪو هو ۽ ايڏي ڀلي رشتي کي مون جهڙي بيروزگار لاءِ ڇڏڻ کان اصل پڙ ڪڍي بيٺو هو. مون کي ڪڏهن ڪڏهن هو صحيح به لڳندو هيو مان سنڌو کي ڏيئي به ڇا ٿي سگھيس سواءِ وفا نه ٿي سگھندڙ چند واعدن ۽ ڪڏهن به پورا نه ٿي سگھندڙ خوابن جي.

”هاڻي ڪجھ به ٿي نه سگھندو...“ هن ڄڻ سموري طاقت کي سميٽي اهي لفظ چيا ها...

”تو کي خبر آهي سنڌو ! ته گذريل ڪجھ سالن ۾ جٿي جٿي به ڊگرين جي اتوار بازار لڳي آهي اتي اتي مان قطار ۾ سڀني کان اڳيان پهچندو رهيو آهيان ۽ ائين مون پڙهي پڙهي هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي، تون ڏسجان هاڻي اهو ڏينهن ڏور ناهي جڏهن مان ڪو وڏو ڪامورو ٿي پوندس، ننڍپڻ کان ئي ڪامورن جي رعبدار ۽ ڀنوائتي شخصيت کان مان ڏاڍو متاثر رهيو آهيان مان سندن تمام وڏو فين آهيان ۽ تون ڏسجان سنڌو ! تمام جلد منهنجا به ڪيئي فين پيدا ٿيڻ وارا آهن.!“ مان سندس موڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو...

پل جي به شايد ڪجھ حصي لاءِ مسڪراهٽ هن جي چهري کي ڄڻ فقط ڇهڻ لاءِ آئي هئي ۽ پوءِ هڪ ٿڌو ساھ ڀري نه چاهيندي به هو خيالن ۾ گم ٿي وئي.

ڪنهن ننڍڙي مذاق تي دير تائين کلڻ واري سنڌو اڄ خاموش بت بڻي بيٺي هئي، خوشي  سندس چهري کان ڄڻ صدين جي فاصلي تي هئي.

”غربت وڏي لعنت آهي فراز!!!“ هن نفرت ڀريل لهجي ۾ چيو،”دنيا جيتري سا ئنس ۾ ترقي ڪئي آهي ان کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هن غربت جي شرح ۾ ترقي ڪئي آهي، اسان کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جو حق شايد ڪڏهن به ملي نه سگھندو.! اسان جي ملڪ جو ئي مثال وٺ ! “

”اسان جي ملڪ جا ڏينهن هاڻي ڦرڻ وارا آهن سنڌو! “ مون سندس ڳالھ کي ڪٽيندي چيو. ”اسان هاڻي معيشت ۾ رڪارڊ ترقي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهيون“

”خاڪ ترقي ڪئي آهي!!“ هن چيو ” تازو ڪالھ ئي ته رپورٽ ڇپي آهي...“

”اها ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي“ مون وري سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو ”هاڻي حالتون ساڳيون ناهن رهيون اسان واري هاڻوڪي سرڪارجو سڄو ڌيان ئي اصل معاشي ترقي تي آهي، توکي اندازو ئي ناهي سنڌو! مون کان پڇ مون اڪانامڪس ۾ ايم.اي ڪئي آهي“ مان پنهنجي موقف ۾ وزن پيدا ڪرڻ لاءِ ڊگري جو ذڪر ڪندي چيو.

”تو اڪانامڪس ۾ ايم.اي پرائيويٽ ڪئي آهي ! مون کي خبر آهي توکي اڪانامڪس جي ڪيتري ڄاڻ هوندي.!!“ هن طنزيه انداز ۾ چيو،”جيڪڏهن هي ڏھ سال اڳ اختيار ڪيل پاليسين جو نتيجو آهي ته پوءِ هاڻوڪين پاليسين جا نتيجا نڪرڻ تائين اسان جيئرا به هونداسين الا ئجي نه.!!!“

اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪافي دير تائين خاموش رهياسين. مون ڪنڌ ورائي بئراج ڏانهن ڏٺو، سنڌو درياءَ به سانت اختيار ڪري چڪو هو پاڻي جي ڇڙواڳ لهرن جي بجاءِ واري پئي اڏاڻي. ”هي اسان جي آخري ملاقات آهي....“ هن چيو.

لفظ ايترا ڀيانڪ به ٿي سگھن ٿا مون اڳ ڪڏهن سوچيو به نه هيو.

”اسان سڀاڻي ڪراچي هليا وينداسين، شادي ٿي وڃڻ تائين اتي ئي رهنداسين .......... تون........“ مون لفظن کي سندس نڙي ۾ اٽڪندو محسوس ڪيو، هو جملو پورو ڪري نه سگھي ۽ پاسي واري ٽيبل تي رکيل سندس پرس کڻي هميشه لاءِ منهنجي نظرن کان اوجھل ٿي وئي.

تڪليف ان ڏينهن ڄڻ پنهنجن حدن کي اورانگھي وڌو هو، مان اڳ ڪڏهن به اهڙي اذيت مان نه گذريو هوس، عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي. هڪ پل لاءِ ته سوچيم ته سنڌودرياءَ کي پاڻ ارپي هميشه لاءِ آجو ٿي پوان پر ترت ئي ياد آيوته سنڌوءَ ۾ پاڻي جي لپ به ڪانهي مرڻ بجاءِ جيڪڏهن ڪرنگھي جي هڏي ڀڄي پئي ته رهيو نور به چٽ !!!

ان ڪري خودڪشي سنڌوءِ ۾ پاڻي اچڻ تا ئين ملتوي ڪري ڇڏيم. پر قسمت جي ستم ظريفي به انتها آهي سالن کان روز درياءَ جا چڪر هڻڻ باوجود به مان موت کي اپنائڻ کان ۾ به ناڪام رهيو آهيان.


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net