رڪارڊ

دروازو کوليندي ئي اسان جي نگاھ گئلري تي پئي ٻي ماڙ تي رهندڙ ڪراڙو پنهنجي نوجوان زال پويان ائين پئي لڳو جيئن ڪنهن خوبصورت ۽ من موهيندڙ سائن بورڊ پويان انگريزن جي دور ۾ ٺهيل ڪا قديم عمارت نظر ايندي آهي. روشنين جي شهر ڪراچي ۾ تن ڏينهن ۾ اونداهي جو راڄ هو، لوڊشيڊنگ گھڻن کي بي گھر ڪري وڌو هو، تقريبن هر ماڻهو گھر جي دروازي يا روڊ تي نڪري آيو هو. ڌاريو ۽ مان صبح سوير تيار ٿي بيگ صاحب سان ملڻ وڃي رهيا هئاسين. ڪراچي ۾ صبح سوير جو مقصد گھٽ ۾ گھٽ ڏھه وڳي هوندو آهي. هيٺ لهي پهريون ڪم جيڪو اسان کي ڪرڻو هو سو هو ڌاريي جي ملٽي ڪمپنيز واري موٽر سائيڪل جون زنجيرون ڇوڙڻ. ڪنهن فراڊي فقير جي اڱڻ تي ٻڌل ذهني مريض جيان ڌاريي جي موٽر سائيڪل به ساڻي ٿي پئي هئي.

”بيگ صاحب ٽائم جو وڏو پابند آهي، سندس لاءِ مشهور آهي ته هو فقط ان ڏينهن ليٽ ٿي سگھي ٿو جنهن ڏينهن سندس نالي سان ئي ليٽ لڳي وڃي.“ موٽرسائيڪل کي پيرن جي زورن تي اڳتي ڌڪيندي ڌاريي چيو. ڌاريي جي ڄاڻ سڃاڻ واري بيگ صاحب سان منهنجي نوڪري لاءِ ملڻو هو. گذريل رات کان ڌاريو شايد منهنجي رحم جوڳي بيروزگاري واري حالت ڏسي مون کي آٿت ڏيڻ جي يا بيگ صاحب جي اثررسوخ جو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيارا هي تنهنجو ڳوٺ ناهي هتي ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو وارو رواج آهي پر ڌاريو چئي ته جي ماچيس جو سڄو گروس کڻي به شهر ۾ نڪرجي ته سمورين تيلين تان هٿ کڻڻو پوندو پر بيگ صاحب جهڙو بااثر ۽ ڪم وارو ماڻهو ملي نه سگھندو.

بيگ صاحب جو پورو نالو لال خان آهي وڏا ماڻهو کيس لال بيگ ۽ اسان جھڙا بيگ صاحب چوندا آهن.“ ڌاريي موٽر سائيڪل مان زوزاٽ ڪڍندي چيو.

پلازه جي گيٽ وٽ ڪرسي تي ستل مارننگ شفٽ وارو چوڪيدار موٽرسائيڪل مان نڪرندڙ دونهين جي لاٽن سان بيچين ٿيڻ لڳو. مان گيٽ کان ٻاهر سروس روڊ تي نڪري آيس گيٽ جي پاسي واري دڪان تان ڌاريي لاءِ بنا فلٽر ڪي ٽو سگريٽ ورتم. ڌاريي هوڙھه ڪري موٽر سائيڪل ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ذري گھٽ سروس روڊ تان لنگھندڙ رڪشي ۾ موٽرسائيڪل سميت گھڙيو هو.

”او خوچه !! تم ڪو نظر نهين آتي...!“ هلندڙ رڪشي مان ٻوٿ ٻاهر ڪڍندي رڪشي جي پٺاڻ ڊرائيور ڪاوڙ مان چيو.

”نظر آتي هي خانصاحب !! “ ڌاريي وراڻيو ”ڊرائيونگ نهين آتي...!“

مان لانگ ورائي موٽرسائيڪل تي ويٺس ته ڌاريي دعاءِ سفر پڙهڻ جو به موقعو نه ڏنو. جوهر چورنگي کان جوهر موڙ ۽ اتان کان پوءِ ڊگ روڊ تائين جنهن جنهن کي به ڌاريي ڊيھه ٿي هنئي تنهن تنهن کان هن فقط سوري چئي جان پئي ڇڏائي. سندس سوري چوڻ واري عادت ايتري ته پڪي ٿي چڪي آهي جو هو ”يا الله توبه“ جي جاءِ تي به ڪڏهن ڪڏهن ”يا الله سوري“ چئي ويندو آهي. پراڻن ڪتابن وارا گاڏا ڏسي ڌاريي جو وات گودو ٿيو پوي، منهنجي منع ڪرڻ باوجود به هو نه مڙيو ۽ پراڻن ڪتابن واري هڪ گاڏي وٽ موٽر سائيڪل بيهاري هن ٽي چار سال پراڻو ڪرنٽ افيئرس جو ڪتاب ورتو. اسان شاهراهه فيصل وٺي ڪاوش ڪرائون اڳيان پهتاسين ته ڌاريي هڪ چمڪندڙ ڊگھي ڪار ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪئي . . .

”بيگ صاحب وڃي پيو!!“ هن تڪڙ ۾ موٽر سائيڪل بيهاري وڃي پارڪنگ ايريا مان نڪرندڙ گاڏي جو پاسو ورتو. ڌاريي ٻڌايو هو ته بيگ صاحب انجنيئر آهي مون کي هو انجنيئر گھٽ انجن ايئر وڌيڪ پئي لڳو. بيگ صاحب ڌاريي کي ڏسي شيشو لاٿو ڌاريي کيس هٿ ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش کان پوءِ ساڻس ڳالهائڻ شروع ڪيو ان دوران ڌاريي مون ڏانهن اشارو ڪيو ۽ بيگ صاحب مون ڏانهن گھوري ڏٺو، مون سندس نظرن جي بي يارو مددگار چهري سان آجيان ڪئي جنهن بعد بيگ صاحب گاڏي جو شيشو بند ڪري ۽ ڌاريي هٿ ٻڌي هڪ ٻئي کان موڪلايو. مون ڌاريي کان ڪجھ به پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ۽ اسان وري پنهنجي شاهي سواري تي سوار ٿي پياسين.

ڪارساز واري چوراهي تي بيٺل ٽريفڪ پوليس جي هڪ سپاهي کي ڏسي ڌاريي بي خوف سگنل ٽوڙي وڃي سندس پاسي ۾ بريڪ هنئي.

”او سردار...!!! ڪهڙا حال آهن...!“ اڇي وردي پهريل سپاهي کي ڄڻ سالن کان پوءِ ڌاريو ٽڪريو هو، پهريان ٻنهي جهڪي هڪ ٻئي جي پيرن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ ڀاڪر پائي مليا ڌاريي شايد اسان جو تعارف ڪرائڻ ضروري نه سمجھيو. هو ٻئي هڪ ٻئي کان پراڻن يارن دوستن جون خبرون چارون وٺڻ لڳا ته مون سپاهي جي هٿ مان سنڌي اخبار وٺي سرخين تي نظر ڊوڙائڻ شروع ڪري ڏني. عادت موجب مان پهرين شوبز جي خبرن وارو سيڪشن ڏٺو پوءِ پريمي جوڙن وارو سيڪشن پڙهيو ۽ آخر ۾ مين پيج تي پهتس. سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ موجود سرڪاري اسپتالن بابت هڪ وڏي رپورٽ پڙهي دل سوڳوار بڻجي پيو. ڪراچي جي قبرستانن جي داخلي دروازن تي ”ڪل نفس ذائقت الموت“ ڏسي ڌاريو اڪثر چوندو آهي ته اها آيت اسان جي ڳوٺ واري سرڪاري اسپتال جي داخلي دروازي لاءِ وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي.

 تر تڪڙ ۾ مان تقريبن سمورين سرخين تي نظر ڦيرائي چڪو هوس جو ڌاريي رڙ ڪري چيو، ”بس ڪر ڀلا ! ڪهڙي خبر ۾ منڌو آهين !؟ شل نه ڪا فري جي اخبار هٿ اچئي...! چنبڙيو پئينس...“

”ڪا خاص خبر ڪانهي ،“ اخبار سپاهي جي هٿ ۾ ڏيندي چيم ”لکيل آهي ته هيل گيمز ۾ انڊيا ايترا رڪارڊ قائم ڪري وڌا آهن جو اسان کي اهي ٽوڙڻ ۾ ڪئي سال لڳي ويندا“.

”هونھه....!!!“ ڌاريي ڪنڌ کي جھٽڪو ڏيندي چيو ”اسان آئين ٽوڙڻ ۾ جيڪي رڪارڊ قائم ڪيا آهن سي سندن ست پيڙهيون به ٽوڙي ڪونه سگھنديون.“


Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net