آپريٽنگ سسٽم جي حفاظت ( ڪُجهه نقطا )

امر چنداڻي

هيٺِئين هِدايَتَن تي عَمَل ڪَري تَوهان پنَهنَجي آپريٽِنگ سِسِٽَم کي محفُوظ بَڻائي سَگھو ٿا.

  • هَميشه اُهو آپريٽِنگ سِسِٽَم اِنسٽال ڪَريو جيڪو تَوهان جي ڪَمپيوٽر تي آسانِي سان هَلي سَگھي.

  • جَڏهن بِه ڪو هارڊويئر خَريد ڪَريو تَه اِنهي ڳالهه کي ضرور مدِنَظر رَکيو تَه اهو توهان جي آپريٽنگ سِسِٽَم ۽ ڪَمپيوٽر جي هارڊويئر سان ميچ ڪَندو هُجي.

  • ڪَمپيوٽر ۾ لَڳيل مُختلف ڊِوائسِزِ (Devices) کي بار بار تَبديل نَه ڪَريو.

  • آپريٽنگ سِسِٽَم جي اِنسٽاليشن هَميشه ڪنهن دُرست سِي ڊِي يا سورس تان ڪَريو. جيڪَڏهن اِنسٽاليشن نَه اَچي تَه ڪنهن ماهر کان ڪَرايو.

  • تَوهان جو آپريٽنگ سِسِٽَم هِڪ نازُڪ شيءَ آهي تَنهَنڪَري ان کي صِرف درست ۽ قابلِ اعتماد اِحڪام ڏِيو.

  • سافٽ ويئر اُهو ئِي اِنسٽال ڪَريو جيڪو تَوهان جي آپريٽنگ سسٽم ۽ سسٽم هارڊِويئر سان ميچ ڪَندو هُجي.

  • خَراب ۽ نامُڪَمَل سافٽ ويئر اِنسٽال ڪَرڻ کان گريز ڪَريو. اِها ڳالهه ياد رکو تَه ڪنهن بِه سافٽ ويئر جو (Alfa) يا (Beta) ورزن اِنسٽال نه ڪريو. اهڙا سافٽ ويئر مُڪمل طور تي صحيح نه هوندا آهن.(Alfa) يا (Beta) ورزن ڪنهن به سافٽ ويئر جا اُهي ورزن هوندا آهن جيڪي تجرباتي طور تي پيش ڪَيا وِيندا آهن جيِئَن فائِنَل وَرزن انهن جي خُوبين ۽ خامِين کي مدِنظر رکي ٺاهيو وڃي.

  • پنهنجي ڪَمپيوٽر ۾ غير ضروري سافٽ ويئر انسٽال نَه ڪَريو.

  • پنهنجي آپريٽنگ سِسِٽَم کي هَفتي ۾ هِڪ دَفعي ضرور ڪنهن اِسڪينِنگ ٽول(Scaning Tool) جي مدد سان اِسڪين ڪَريو. وِنڊوز آپريٽِنگ سِسِٽَم جو(System file cheker) هن مقصد لاءِ اِستعمال ڪَري سَگهِجي ٿو.

  • (Disk Deframenter) ٽُول جي مدد سان مَهيني ۾ هِڪ يا هِڪ کان وَڌِيڪ دَفعا پنَهنجي هارڊ ڊِسڪ کي ضرور اسڪين ڪَريو. ايئن ڪَرڻ سان تَوهان جو ڪَمپيوٽر وَڌيڪ آساني سان هَلندو.

  • وِنڊور جي سِسِٽم فائيلز کي پُوري ڄاڻ کان سواءِ ڊِليٽ يا ايڊِٽ نَه ڪَريو.

  • وِنڊوز جِي رِجسٽري ۾ ڪا بِه تَبديلي ڪرڻ خَطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

  • ڪَنهن بِه سافٽ ويئر کي هَميشه ( Proper)طَريقي سان اِنسٽال يا اَنِ اِنسٽال ڪريو.

  • هِڪ ئِي وَقت ۾ تَمام گهَڻين ايپليِڪيشَنز کي لانچ نه ڪريو، جيڪَڏهن تَوهان جو ڪَمپيوٽر انهي جي صَلاحيت نَه رَکنَدو هُجي.

  • هَميشه ڪَمپيوٽر کي درست طَريقي سان بَند ڪَريو. جيڪڏهن ڪَمپيوٽر صَحِيح طَريقي سان بند نهَ ٿيو هُجي تهَ رِي اِسٽارٽ ٿيڻ تي اِسڪين ڊِسڪ کي ضرور هلڻ ڏيو. غلط طريقي سان بند ٿيڻ جي ڪَري جيڪي مسئلا پيدا ٿِين ٿا اهي اَڪثر ڪَري هِن ٽول جي مدد سان حل ٿي وڃن ٿا.

  • پنهنجي ڪَمپيوٽر کي وائِرس ۽ وَرمز کان بَچائڻ لاءِ ڪو سُٺو اينٽِي وائِرَس پروگِرام اِنسٽال ڪَريو ۽ نَوَن وَائِرس ۽ وَرمز کان بچڻ جي لاءِ پروگرام کي اَپ ڊيٽ رکندا وڃو.


 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com