|
اڄ آئون توهان کي سنڌيءَ اکرن کي خوبصورت بنائڻ
سيکاريندس. فوٽو شاپ جو نالو ته سڀني ٻڌو هوندو. هي هڪ فوٽو ايڊيٽنگ جو بهترين
سافٽ وئير آهي. انهيءَ ۾ توهان ڪنهن تصوير کي ڇا مان ڇا بڻائي سگهو ٿا. اڄ اسين
فوٽو شاپ ۾ سنڌيءَ جي ڊيزائننگ ڪرڻ سيکنداسين.
جيڪڏهن توهان وٽ فوٽو شاپ 6 يا
ان کان مٿاهون ورزن موجود آهي ته پوءِ توهان انهيءَ کي جلدي سان کولي وٺو، ورنه
جلد ئي انسٽال ڪري وٺو.
نوٽ: جيڪڏهن توهان سنڌي کي ڪنهن ٻئي نموني سان تصويري شڪل ۾
آڻي سگھو ٿا ته پوءِ توهان کي HTML TO IMNAGE
استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
هاڻ مائيڪروسافٽ ورڊ کوليو.
انهيءَ ۾ سنڌيءَ ٽائيپ ڪريو. ياد رکيو اِتي ٽيبلز ۾ سنڌيءَ نه لکجو. سنڌيءَ لکڻ
کان پوءِ فائل مينو تي ڪلڪ ڪريو. ۽ اُتان تي
ڪلڪ ڪريو. انهيءَ سڄي ڪم کان پوءِ
HTML TO IMAGE
سافٽ وئير کوليو. جيڪڏهن توهان اِهو سافٽ وئير اڃاتائين ڊائون لوڊ ڪونهي ڪيو ته
توهان
www.sindhforum.cjb.net
تي وڃي
Help Line For New Users
جي سيڪشن مان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.
HTML TO IMAGE
کي کولڻ کان پوءِ تي
ڪلڪ ڪري پنهنجي مطلوبه فائل سليڪٽ ڪريو. ۽ پوءِ
GO
بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. توهان جي فائل تصويري صورت ۾ تبديل ٿي ويئي. هاڻ فوٽو شاپ ۾
وڃو ۽ انهيءَ فائل کي اوپن ڪريو

2.
Magic Wand Tool
کي سليڪٽ ڪريو ۽ کليل فائل تي ڪلڪ ڪريو.
Magic Wand Tool
جي ويليو درج ذيل سيٽ ڪريو.

3.
ڪيبورڊ مان
Ctrl+Shift+I
گڏ پريس ڪريو.
4. هاڻ توهان
Ctrl+C
پريس ڪريو ۽ پوءِ
File > New
جي ذريعي نئي فائل کوليو. هڪ ڊائيلاگ باڪس کلندو.اِتي ڪجھه نه ڪريو توهان بس
Ok
تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو.
5.
Ctrl+V
پريس ڪريو.
6. هاڻ مينو بار مان
Layes > Layers Style > Blending Options
تي ڪلڪ ڪريو. ۽ ان جي هيٺين سيٽنگ ڪريو.

7. انهيءَ کان پوءِ توهان
Stroke
تي ڪلڪ ڪريو انهيءَ جي هيٺين ريت سيٽنگ ڪريو.

8. هاڻ آخر ۾
Color Overlay
تي ڪلڪ ڪريو ۽ هيٺين سيٽنگ ڪريو.

9. هاڻ
Ok
جو بٽڻ دٻايو. توهان جي سامهون ڪجھه هن ريت اکر نظر ايندا.

10. هاڻ
File > Save for Web . . .
تي ڪلڪ ڪريو.
۽ پوءِ
Save
تي ڪلڪ ڪريو.
هي صرف توهان کي نموني طور
ٻڌايو ويو آهي. توهان رنگن روپن ۾ تبديليءَ ڪري اکرن کي انهيءَ کان به سٺو
بڻائي سگهو ٿا. |