|
هاڻي جڏهن سنڌي ٻولي يونيڪوڊ
UNICODE
۾ شامل ٿي ويئي آهي، ۽ مائڪروسافٽ جي ونڊوز ايڪس پي ورشن ۾
محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جو تيار ڪيل ننڍڙو سافٽويئر ”سنڌي انسٽالر“ انسٽال
ڪري، آفيس ايڪس پي جي ڪنهن به پروگرام ۾ سنڌي ۾ ڪم ڪرڻ بيحد آسان بنجي ويو آهي.
ان مرحلي تي ضروري آهي، ته ڪمپيوٽر تي سنڌي ٽائيپنگ يا ڪي بورڊنگ جي سکيا لاءِ
ڪو ٽيوٽوريل
Tutorial
هجي. ان گھرج جي پورائي لاءِ هيءَ هڪ ادنيٰ ۽ ابتدائي ڪوشش آهي، جيڪا اوهانجي
تنقيد ۽ مشورن سان اڃان وڌيڪ سڌرندي.
اوهان ڀرڳڙي صاحب وارو ”سنڌي انسٽالر“ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ جيڪو ڪي بورڊ لاڳو
يا ائڊ
ADD
ڪيو آهي، سو ايم بي سنڌي ڪي بورڊ آهي. هيءُ ڪي بورڊ عام يا ڪئارٽي
qwerty
نموني واري انگريزي ڪي بورڊ جي حساب سان ٺاهيو ويو آهي. مثال طور اگر اوهان
انگريزي
A
ڪي پريس ڪندا ته ا يعني الف لکبو،
B
پريس ڪرڻ سان ب لکجي ايندي. بهرحال پوءِ به ڪي ڪنجيون پنهنجي ظاهري نشاني کان
بدليل اکر لکن ٿيون. ان هوندي به جيڪر اوهانکي انگريزي ڪي بورڊنگ تي مهارت آهي
ته پوءِ اوهان لاءِ سنڌيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ تمام آسان آهي. جيڪر اوهان کي
انگريزي ٽائپنگ نٿي اچي، ته به ڪو مسئلو نه آهي. هن ٽيوٽوريل جي مدد سان اوهان
سنڌي ڪي بورڊنگ سکي ويندا.
ايم بي سنڌي ڪي بورڊ جو خاڪو يا لي آئوٽ هيٺ ڏجي ٿو.

ايم بي سنڌي ڪي بورڊ جو لي آئوٽ
اڳتي وڌڻ کان اڳ صلاح اها آهي ته اوهان انهيءَ لي آئوٽ جو پرنٽ وٺو، ۽ ان کي
چڱيءَ طرح جانچيو. پوءِ ئي اڳتي وڌو. ٻي ڳالھ ته جيڪر اوهان کي انگريزي ڪي
بورڊنگ جو ڪو تجربو نه آهي، ته پوءِ اوهان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته غلط ڍنگ ۾
ڪي بورڊنگ ڪندي، اوهان کي جسماني نقصان رسي سگھي ٿو. اوهانجا ڪلها تڻيل نه هجن،
پر
Relaxed
هجن. ان کان علاوه اوهانجي چيلھ ٻاهر يا پُٺ ڪٻي نه هجي. ڪي بورڊ ٻانهن جي سڌ
۾ هجي.
هوم رو يا گھرو قطار
انگريزي ڪي بورڊ جي هوم رو
Home Row
يا گائيڊ لائين
Guide Line
ASDFGHJKL:”
ڪيز
Keys
يا ڪنجين تي مشتمل آهي. انکي هوم رو ان ڪري چيو ٿو وڃي جو
اوهان جون آڱريون مستقل ان قطار يا لائين تي رهنديون آهن. سنڌيءَ لاءِ ڪي بورڊ
جي هوم رو ۾ کاٻي کان ساڄي ا س د ف گ ه ج ڪ ل ک ڱ واريون ڪنجيون يا ڪيز
آهن. اهي تعداد ۾ يارنهن آهن. ياد رهي ته ٽائيپنگ ۾ اٺ آڱريون ڪم ۾ آڻبيون
آهن. هن قطار ۾ کاٻي پاسي واريون پنج ڪنجيون کاٻي هٿ جي چئن آڱرين سان پريس
ڪبيون. باقي رهيل ست ڪيز ساڄي هٿ جي چئن آڱرين سان ڪبيون. چيچ ۽ ڏسڻي آڱر سان
ٻه ٻه ڪنجيون يا ڪيز پريس ڪبيون.

جيئن ته اوهان آڏو انگريزي ڪي بورڊ هوندو، جنهن ۾ ڪنجين مٿان رڳو انگريزي اکر
هوندا. تنهنڪري سنڌي اکر ڏيڻ کانپوءِ ڪي بورڊ تي نظر ايندڙ انگريزي اکر يا
نشاني به ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي ئي پريس ڪرڻ سان گھربل سنڌي اکر يا نشاني
ٽائيپ ٿيندي. پهرئين مشق لاءِ اوهان کاٻي هٿ جي چيچ ا يعني
A
تي رکو، پوءِ ترتيبوار ٻاچ، وچين ۽ ڏسڻي آڱر س
S،
د
D،
ف
F
تي رکو. ساڄي هٿ جي چيچ ک يعني
;
، ٻاچ ل
L
، وچين ڪ
K،
ڏسڻي ج
J
تي رکو. هن مشق ۾ هرهڪ آڱر تي هڪ هڪ ڪي آهي. کاٻي هٿ جا اکر ”اسدف“ لکڻ بعد
ساڄي هٿ جي آڱوٺي سان اسپيس بار کي پريس ڪري خالي وٿي يا اسپيس وجھو، پوءِ ساڄي
هٿ وارا اکر ٽائيپ ڪريو.
مشق نمبر 1: هيٺين لائين کي گھٽ ۾ ڏھ ڀيرا ڪريو.
اسدف کلڪج اسدف کلڪج اسدف کلڪج اسدف کلڪج اسدف کلڪج اسدف کلڪج
ڏھ ڀيرا ڪرڻ بعد به اگر اوهان کي ضروري لڳي ته وڌيڪ پنج ڀيرا اها لائين ٽائيپ
ڪريو. ياد رهي ته ٽائيپ ڪندي اوهان جي نظرون ڪي بورڊ تي نه پون. مانيٽر يا
ڪتاب تي نظر هجي.
ان گھرو قطار
Row
۾ اڃان گ، ه، ۽ ڱ واريون ڪنجيون
Keys
رهيل آهن. گ
Gکي
کاٻي هٿ جي ڏسڻي آڱر وڌائي ٽائيپ ڪبو. هH
کي ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر سان ٽائيپ ڪبو.
ڱ جيڪا انگريزي ڪي بورڊ جي ائپاسٽرافي واري
‘
ڪي کي پريس ڪرڻ سان لکجي ويندي، ان کي ساڄي هٿ جي چيچ سان ٽائيپ ڪبو.
مشق نمبر 2: هن مشق ۾ هوم رو جون سڀ ڪنجيون ڪم ۾ آنديون ويون آهن. هيٺين لائين
کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
ڱکلڪج ه اسدفگ ڱکلڪج ه اسدفگ ڱکلڪج ه اسدفگ ڱکلڪج ه
|
نوٽ: هتي اهو واضح ڪجي ته
H
ڪي پريس ڪرڻ سان جڳھ سارو ان جون ٽي شڪليون ظاهر ٿين ٿيون. جڏهن اهو اکر
جدا هوندو،
يا لفظ جي آخر ۾ ڪنهن ٻي اکر سان ڳنڍيل نه هوندو ته نشاني ه ٽائيپ
ٿيندي. پر ٻن اکرن جي وچ
۾ گڏجڻ ڪري ھ جهڙي شڪل لکجي ايندي. ٽين شڪل زير اضافت جهڙي هوندي
آهي، جيڪا تڏهن ٽائيپ ٿيندي، جڏهن
H
کي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ ٻي اکر سان ڳنڍي ٽائيپ ڪبو. ائين نه، ته، به
جھڙن لفظن کي ٽائيپ ڪرڻ لاءِ اول پهرئين اکر واري ڪي پوءِ
H
واري ڪي پريس ڪبي آهي. اگر اوهان چاهيو ٿا ته آخر ۾ ه جي جاءِ تي ھ اچي ته
ان لاءِ ٿورو صبر ڪريو، اهو اکر يا نشاني مٿين قطار ۾ سيکاري ويندي. |
مشق نمبر 3: هر هڪ لائين کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
اک
اڱ سل دڪ فج گه کا ڱا لس ڪد جف هگ
ساک ڪجل سادا جل لا جلال ادا لڪ جا ڪا دال ڪس جس لس گج لاک هاج هاڪ
گس سڱ لڱ ساه ڪاه لاه ڪج هج گل سک فدا ڪل ڪلال فلڪ سلج گاج هڪل
لاج گد گد گلاس اسد فهد ڪک لک گفا گدا گاه داد سڪل لک جفا
شفٽ ڪي پريس ڪرڻ جي صورت ۾
اوهان کي معلوم آهي ته سنڌي ٻولي ۾ 52 اکر آهن، ۽ انگريزي ڪي بورڊ انگريزي زبان
جي 26 اکرن ۽ ٻين نشانين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ان هوندي به ڪجھ
نشانين کي ٽائيپ ڪرڻ لاءِ شفٽ Shift
ڪي پريس ڪرڻي پوندي آهي. ڪي بورڊ جي ٻنهي پاسن تي شفٽ ڪيز
نظر اينديون. سنڌيءَ ۾ ڪافي اکر شفٽ ڪي پريس ڪري ٽائيپ ڪرڻا پوندا. اڳتي وڌڻ
کان مناسب رهندو ته شفٽ جي صورت ۾ ڪي بورڊ جو نمونو يا لي آئوٽ غور سان ڏٺو
وڃي.

هوم رو ۾ شفٽ ڪي پريس ڪري ٽائيپ ڪرڻ جي نتيجي ۾ کاٻي کان ساڄي ترتيبوار هيٺيان
اکر ظاهر ٿيندا.
آ
A
ش
S
ڊD
ڦF
گھG
حH
جھJ
ۡK
L:
:؛
“
ـ
کاٻي هٿ جا اکر لکڻ مهل ساڄي پاسي واري شفٽ ڪي کي چيچ سان پريس ڪري رکبو. ساڄي
هٿ وارن اکرن کي لکڻ لاءِ کاٻي هٿ واري چيچ سان شفٽ ڪي کي پريس ڪري رکبو.
مشق نمبر 4: هيٺين لائين ۾ شفٽ ڪي وارا اکر آهن. ان لائين کي گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ڀيرا
ٽائيپ ڪريو.
آشڊڦگھ ـ ؛ : ۡ جھ ح آشڊڦگھ ـ ؛ : ۡ جھ ح
مشق نمبر 5: هيٺين لائينن ۾ هوم رو يا گھرو قطار جي ڪنجين وارن اکرن مان لفظ
ٺاهيل آهن. هر لائين کي گھٽ ۾ گھٽ ڏھ ڀيرا ڪريو:
آس شال آه ڪجھ سگھ ڊاک ڦڪا لڪا جھل دڦ حال ڦل جهد ڊاک سهج دڱ شاد آجر ڪاهل
جاهل
هلج دک حاج شاه ڪاه ساه لاه دال شڪ ڊڪ آد آگ آه حال حاسد لاش آل اهل ڪهل شاهد
سدا فساد
|
اسان وٽ سنڌي ۾ لفظن کي ڊگھو ڪري به لکبو آهي، مثال طور اوهان لفظ ”ڳئون“
کي ڊگھو ڪري هيئن ”ڳــــــئـــــــــون“ لکڻ ٿا گھرو، ته ان صورت ۾ اوهان
گھربل اکر لکي، پوءِ ڊيگھ ڏيڻ لاءِ هوم رو جي کاٻي کان ساڄي واري آخري ڪي ڱ
کي شفٽ ڪي ساڻ گڏي پريس ڪبو ته ڪاري گھري ڊيش جھڙي نشاني (ـ) لکبي ويندي.
|
مٿين قطار
هوم قطار کان مٿين قطار ۾ اکرن لاءِ تيرنهن ڪيز آهن. انگريزي ۾ اهي کاٻي کان
ترتيبوار
Q W E R T Y U I O P { } |
آهن. سنڌيءَ ۾ نارمل صورت ۾ اهي کاٻي کان ترتيبوار ق ص
ي ر ت ٿ ع ڳ و پ ڇ چ ڍ آهن، ۽ شفٽ ڪي پريس ڪري ٽائيپ ڪرڻ سان ترتيبوار َ
ض ِ ڙ ٽ ث غ ھ ُ ڦ ڃ ڄ ٺ آهن. انگريزيءَ ۾ کاٻي هٿ سان ترتيبوار
QWERT۽
ساڄي هٿ سان
POIUY
ٽائيپ ڪبا آهن. کاٻي هٿ جي چيچ سان ق
Q،
ٻاچ سان ص
W،
وچين سان ي
E،
ڏسڻي سان ر
R،
۽ ت
T
ٽائيپ ڪبا. ساڄي هٿ جي چيچ سان ٽي اکر يا نشانيون يعني ڍ
\،
چ
]،
ڇ
[،
ٻاچ سان پ
P،
وچين سان وO،
ڏسڻي سان ٽي اکر ڳ
I،
ع
U،
۽ ٿ
Y
ٽائيپ ڪيا ويندا.
مشق نمبر 6 : هن مشق ۾ پهريائين هوم رو جو اکر آهي، پوءِ مٿين رو جو اکر آهي،
وري پوءِ هوم جو ساڳئي آڱر وارو اکر ڏنل آهي. هيٺين قطارن کي ڏھ ڀيرا ڪريو.
اقا سصس ديد فرف فتف گرگ گتگ ڱڍڱ ڱچڱ کڇک لپل ڪوڪ جڳج جعج هعه هٿه
اقا ڱڍڱ ڱچڱ کڇک سصس لپل ديد ڪوڪ فرف جڳج فتف جعج گرگ هعه گتگ هٿه
مشق نمبر 7: هيٺيان لفظ ٻنهي قطارن جي اکرن مان ٺاهيل آهن، تن کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ
ڪريو:
عقل سوال قلعو قيس رقص پوک ڍڳو چاه صلوات هجت هيج لوڪ پلو ڳل ڳولا ڳپل پڪ پڪار
لاڳ
فقير فڪر پير علي اجل ڪفل ٿوڪ روڪ صدر سور رت رات فساد کول ڍال ڍڍ چس چڪ ڇو
ڪلاڪار
ڇوهو ڇوڪرو ڇوڪري جڳ جاڳي ڪير تارو ستارو ستارا ساڳ سڳو سور ڪلجڳ ڪاپي ڪير تسيا
صدا واڳ وت گپ گود گدلو گدرو گره جک فوتي جوت ڳتيل ڪافي ڪڍ ڪپ وٿي سادو صدقو
تيج
صدقي صديق سٿ ستي پوسل پستڪ پيار لاه گلا ڳورو تور روڪ چوري قصا ڪوري قصور فرار
جادو سجاد قلعو ڪوس قليل سلو هلو گولو پوليو جوس جست ڇسو ڪسي لسي پسي هٿ هاٿي
فقير
مشق نمبر 8: هيٺين قطار۾ پهريائين هوم رو جو اکر آهي، پوءِ مٿين رو جو شفٽ جي
صورت وارو اکر يا نشاني آهي، ان بعد وري هوم رو جو اکر آهي. هيٺين قطار کي ڏھ
ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
اَا ڱٺڱ ڱڄڱ کڃک کپک سضس لُل دِد ڪھڪ فڙف جغج فٽف جثج گڙگ حغه گٽگ هثه
مشق نمبر 9: هيٺين لفظن کي ويھ ڀيرا ڪريو.
ضد قرض ڪٺ ڦتڪو ڊوڙ غسل گھوڙو جھرڪي ڪيڪ آسرو آهي آڱر آجپو آڪھ ضرورت قهر شديد
ٺڪري ٺلهوڄڃ ڇٽ چٽي چرچو چريو ڪچڪول ڪلال ڪوري عاليشان ڦٽو ڦل ٽڪر ٽوڪري قصور
ڳورو جگر گوشو کِلَ چوري چٽي ڇٽي ڪاوڙ جوڙي جوڙو ڍيل ڊڄي ڍوڪي ڪارو ڪجل تجلو لپ
آسا آھ قرضي ڪٺورتا ڪشڪول ڦشري ڦرڪو ڦسي جتي گھورڙيو گھرو شڪل شير شپڪو شاعر
قاضي
شجرو شور شعور شڪار چولو چپ چپات ڳالھ حسد حسرت هڪل حلال هلجي ٿو ٿڪاوٽ ڊوڙ کٽ
هيٺين قطار
هن قطار ۾ کاٻي کان ساڄي ترتيبوار يارنهن اکر يا نشانيون آهن: زZ،
خ
X،
طc،
ڀV،
بB،
نN،
مM،
،<،
.>،
۽ ئ
?
. شفٽ ڪي پريس ڪرڻ جي صورت کاٻي کان ترتيبوار ذ ّ ظ ء ٻ
ڻ ۾ “ ” ؟ جون نشانيون ٽائيپ ٿينديون. کاٻي هٿ جي چيچ سان زZ،
ٻاچ سان خ
x،
وچين سان ط
C،
۽ ڏسڻي سان ڀ
V
۽ ب
B،
ساڄي هٿ جي چيچ سان ئ
/،
ٻاچ سان فل اسٽاپ يا هلڪ ٽٻڪو.، وچين سان سنڌي ڪاما ، ، ۽ ڏسڻي سان م
M،
۽ نN
ٽائيپ ٿيندا.
مشق
نمبر 10 : هن مشق ۾ پهريون اکر هوم رو جو آهي، پوءِ وري هيٺين رو جو، وري هوم
رو جو آهي. هيٺين لائين کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
ازا کئک سخس ل.ل دطد ڪ،ڪ فڀف جمج گبگ هنه
مشق نمبر11: هيٺين لفظن کي ڏه ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
زور ضمير ڪمينو بدلو بيڪار طرح طرز طوطو طويل جميل خاص خمار خليل مڪار مقيم لب
لباب
زمانو زر زارو زار بلب ڊاڪٽ شبد شبير بشير شهمير شناسائي اهميت امن ڀوڪ بصر
منٺار مڱيندو
سخي ڪناٽار فائق لائق وامق خالق خلق خلا خماريل خمير ڪلاونتي ڪامريڊ ڪميونسٽ
لاڪيٽ راڪيٽ
سڀيتا سماٽ سما سيکاٽ ڀاڪر پنا پڙھ نرمل نرڳ مستورات مڪان ڪانئر ڪمي کنڊ هابيل
قابيل لمس لاڀ
نمائش نمونو نثر نڪور نئون نماز ڀيرو ڀڀ ڀيدي قحط رجال ڪانفرنس مسڪين راند
مزدور مريض آب
نينهن نهڪار منٺار ڀليڪار ڀسم ڀون خوب خاص خاميون
مشق نمبر 12: هن مشق ۾ پهريون اکر هوم رو، پوءِ وري هيٺين رو جو شفٽ ڪي پريس
ڪرڻ واري صورت جو، وري هوم رو جو اکر آهي. هيٺين لائين کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
اذا
ک؟ک سّس ل”ل دظد ڪ“ڪ فءف جڻج هٻه
مشق نمبر13 : هيٺين لفظن کي ڏھ ڀيرا ٽائيپ ڪريو.
ذڪر پائڻ ٻڪر ٻوساٽ ۾ ظالم ذرو مڻڪو ٻاڦ ڳالهائڻ ڀلائڻ هڻ کڻ ٻيو ٻاڻ ڀاڻ ظاهر
مڻ وڻڪار نظر
ٻاجھ هڻڻ ٻاڪارڻ کجڻ ملڻ مکڻ بڪڻ ظلمات ذاڪر ڪرڻ ڪاڻ مڻڪو ٻٽو ٻچو ٻچڪار ٻج
ظلم
انگن واري قطار
هن قطار ۾ تيرنهن ڪنجيون آهن. کاٻي کان پهريون ڇھ ڪنجيون کاٻي هٿ جي آڱرين
سان، ۽ باقي رهيل ساڄي هٿ جي آڱرين سان ٽائيپ ڪبيون. اهي ڪنجيون کاٻي کان
ترتيبوار هيٺيون آهڻ:
’ 1 2 3 4 5 6 7 8 9 0 ڏ ڌ
شفٽ ڪي جي صورت ۾
‘ !
دٰ
ءِ ءَ ءُ ءٌ ۽ * ) ( _ +
نارمل حالت ۾ کاٻي چيچ سان ٻه نشانيون يعني سنگل ڪوٽيشن مارڪ ’ ۽ 1، ٻاچ سان 2،
وچين سان 3، ڏسڻي سان 4 ۽ 5، ساڄي هٿ جي چيچ سان ڌ
=،
۽ ڏ_
، ٻاچ سان 0، وچين آڱر سان 9، ۽ ڏسڻي آڱر سان ٽي نشانيون يا
انگ يعني8، 7 ۽ 6 ٽائيپ ڪبا. شفٽ جي صورت ۾ کاٻي هٿ جي چيچ سان ٻه نشانيون يعني
‘ ۽ !، ٻاچ سان ٰ، وچين آڱر سان ءِ، ۽ ڏسڻي آڱر سان ءَ ۽ ءُ، ساڄي هٿ جي چيچ
سان + ۽ _، ٻاچ سان (، وچين آڱر سان )، ۽ ڏسڻي آڱر سان ٽي نشانيون يعني *، ۽، ۽
ءٌ ٽائيپ ڪبيون.
مشق نمبر 14: هن مشق حسب روايت پهريون اکر هوم رو جو، پوءِ وري انگن واري رو جو
اکر يا نشاني، ۽ وري هوم رو جو اکر هوندو. هن لائين کي ڏھ ڀيرا ڪريو.
ا1ا س2س د3د ف4ف گ5 گ ڱڌڱ کڏک ل0 ل ڪ9 ڪ ج8 ج ه7ه ه6 ه
مشق نمبر 15: هيٺين لفظن ۽ انگن جي ميڙ کي ڏه ڀيرا ڪريو.
اوڌر 1675 ڌڪو 786 ڌڌڪو 1043 ڏسڻ 292 ڏيل 23 ڏينهن ڏهين ڏياري ڏچو ڏمر ڏيڏر
ڏيئو ڏمر
ڏک مڏو ڌڪارڻ ڏڌ ڏاند ڏيساور ڏيٺ ڏوڀ ڌم ڌڳڻ ڌيان وڌائڻ
مشق نمبر 16: هن مشق ۾ پهريائين هوم رو جو اکر آهي، پوءِ انگن واري قطار جو شفٽ
واري صورت وارو انگ يا اکر يا نشاني آهي، وري هوم رو جو اکر آهي. هن لائين کي
ڏھ ڀيرا ڪريو.
ا!ا سٰس دءِد فءَف گءُگ ڱ+ڱ ک_ک ل(ل ڪ)ڪ ج*ج ه۽ه هءٌه
مشق نمبر 17: هيٺين لفظن کي ڏھ ڀيرا ڪريو.
ادنيٰ اعليٰ هيءَ پيءُ لاءِ آءٌ پڙلاءَ (نوٽ) ڀڏو ادا! ”سڪايل“ ’شاھ
لطيف‘وڌاءُ اپاءَ آءٌ
ڪنٽرول الٽ دٻائڻ جي صورت ۾
ڪي بورڊ جي ساڄي پاسي واري ڪنٽرول ۽ آلٽ
Ctrl+Alt
کي گڏي پريس ڪرڻ سان ڪجھ ٻيون نشانيون جھڙوڪ
ﷺ، ؤ، وغيره لکي سگھجن ٿيون.
ان حالت وارو ڪي بورڊ هيٺ ڏجي ٿو. انکي ڏسو، پوءِ اهي نشانيون پاڻ ٽائيپ ڪري
ڏسو.

مٿئين ڏنل مشقن کي جيڪر اوهان ڌيان سان ڪيو هوندو، ته هاڻي اوهان جي ڪي بورڊ تي
چڱي مهارت هوندي. اسپيڊ وڌائڻ لاءِ اوهان کي گھرجي ته ڪو به سنڌي ڪتاب کڻو، ان
جو مواد روزانو گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ ڪريو. ائين اوهان جي اسپيڊ به وڌي ويندي. |