ونڊوز ۾ سنڌي لکو!
آفتاب احمد

ونڊوز 2000 ۽ ايڪس پي ۾ يونيڪوڊ جي مڪمل سهولت هوندي آهي، مگر ونڊوز ايم اي ۽ ونڊوز 98 ۾ يونيڪوڊ جي محدود حد تائين سپورٽ هوندي آهي. انهيءَ سپورٽ سان اوهان صرف يونيڪوڊ ڏسي سگهو ٿا مگر لکي نٿا سگهو. سڀ کان پهريائين آئون اوهان کي ونڊوز 98 ۽ ايم اي ۾ سنڌي لکڻ ٻڌائيندس ۽ ان کانپوءِ ونڊوز 2000 جي باري ۾ ۽ پوءِ آخر ۾ ونڊوز ايڪس پي ۾!.

          هن وقت مائيڪرو سوفٽ ونڊوز 98 ۽ ايم اي ۾ سنڌي لکڻ لاءِ  ”ان پيج“ استعمال ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ سنڌي لکڻ بيحد مشڪل آهي. انهي ڪري اسان انهي کي ڇڏي هڪ ٻيو طريقو اوهان کي ٻڌائينداسين. ۽ اُهو آهي Web Based Sindhi Editor هن جي ذريعي اوهين بلڪل آساني سان سنڌي لکي سگهو ٿا. اهو اسانجي هڪ سنڌي دوست سرفراز احمد چانڊئي جو ٺاهيل آهي. هن ۾ اوهين سنڌي لکي ڪري هن کي ڪاپي ڪري مائيڪروسوفٽ ورڊ وغيره ۾ پيسٽ ڪري سگهو ٿا.

ويب بيسڊ سنڌي ايڊيٽر کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

          هيٺ انهي جي هڪ تصوير ڏني وئي آهي:

          انهي ۾ سنڌي ٽائپ ڪرڻ تمام آسان آهي. انهي سان گڏوگڏ اسان جي ويب سائيٽ تي به آن لائن سنڌي ايڊيٽر موجود آهي جنهن ۾ به اوهين سنڌي ٽائيپ ڪري سگهو ٿا.  اهڙي ريت اوهين ونڊوز 98 ۽ ايم اي ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا.

 

 مائيڪرو سافٽ ونڊوز 2000 ۾ سنڌي ٽائيپ ڪريو:

          مائيڪروسافٽ ونڊوز ۾ يونيڪوڊ جي چڱي سپورٽ آهي. هن ۾ توهان براه راست سنڌي ٽائيپ ڪري سگهو ٿا.

 جنهن لاءِ اوهان کي هيٺين هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو:‎

1.     سڀ کان پهريائين اوهان ونڊوز 2000 جي سي ڊي لڳايو.

2.     ان کانپوءِ اوهان اسٽارٽ مينو ۾ وڃو ۽ اتي سيٽينگز مان ڪنٽرول پينل سليڪٽ ڪريو.

3.     اتي ريجنل سيٽنگز مان ليگويج جي ٽيب Arabic جو چيڪ باڪس چيڪ ڪري ڇڏيو.

4.     ان کانپوءِ Apply تي ڪلڪ ڪريو. ڪمپيوٽر سي ڊي مان ڪجھ ڪاپيون ڪاپي ڪندو.

5.     ان عمل کانپوءِ اوهان کي ري اسٽارٽ ڪرڻ جو پڇيو ويندو. توهان ok ڪري ڇڏيو.

6.     جڏهن ڪمپيوٽر وري مڪمل طور تي کُلي وڃي، ته توهان MB SIndhi Keyboard جي سيٽ اپ تي ڊبل ڪلڪ ڪري کوليو. سيٽ اپ سڀ ڪم پاڻهي ڪري وٺندو. ڪجھ دير کان پوءِ هڪ ونڊو ٻي ايندي. اوهان اتي Close بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

7.     هاڻي وري ڪنٽرول پينل ۾ وڃيو، ۽ اتي ’ڪيبورڊ‘ تي ڪلڪ ڪريو.

هاڻي اتان Input Locals جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو

انهي کانپوءِ Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

 هاڻ Input لينگويج مان ڪابه Right to Left ٻولي منتخب ڪريو. مثال طور Farsi سليڪٽ ڪريو.

 انهي کانپوءِ  keyboard Layout/IME مان MBSindhi 2004 سلڪيٽ ڪري Ok ڪريو.

                   هاڻ اوهان وٽ سنڌي جي سپورٽ ان ايبل ٿي وئي آهي. هاڻ اوهين ڪنهن به پروگرام ۾ جهڙوڪ مائيڪرو سافٽ ورڊ يا اهڙن ٻين پروگرامن ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. سنڌي لکڻ لاءِ لينگويج بار مان Farsi سليڪٽ ڪريو ۽ پوءِ سنڌي لکو. 

 

مائيڪرو سافٽ ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي لکو:

          مائيڪروسافٽ ونڊوز ايڪس پي ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ جو طريقو به ونڊوز 2000 وانگر ئي آهي مڙيئي ٿورو فرق آهي. سڀ کان پهريائين ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي لڳايو. انهي کانپوءِ Languages ٽيب تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ اتان Install Files for complex script and right-to-left languages جي چيڪ باڪس کي چيڪ ڪريو. ان کانپوءِ ok تي ڪلڪ ڪريو. ونڊوز اوهان کان ري اسٽارٽ ڪرڻ جو پڇندي. اوهان yes تي ڪلڪ ڪريو.

جڏهن ڪمپيوٽر وري مڪمل طور تي کُلي وڃي، ته توهان MB SINDHI KEYBOARD جي سيٽ اپ تي ڊبل ڪلڪ ڪري کوليو. سيٽ اپ سڀ ڪم پاڻهي ڪري وٺندو. ڪجھ دير کان پوءِ هڪ ونڊو ٻي ايندي. اوهان اتي Close بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

انهي سڄي ڪم کانپوءِ اوهان وري ساڳي هنڌ وڃو يعني ڪنٽرول پينل مان ريجنل اينڊ لينگويج سيٽنگ تي وڃو ۽ پوءِ اتان لينگويج ٽيب تي ڪلڪ ڪريو. ۽ پوءِ اتان Details بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

انهي کانپوءِ Add بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

 هاڻ Input لينگويج مان ڪابه Right to Left ٻولي منتخب ڪريو. مثال طور Farsi سليڪٽ ڪريو.

 انهي کانپوءِ  keyboard Layout/IME مان MBSindhi 2004 سلڪيٽ ڪري Ok ڪريو.

                   هاڻ اوهان وٽ سنڌي جي سپورٽ ان ايبل ٿي وئي آهي. هاڻ اوهين ڪنهن به پروگرام ۾ جهڙوڪ مائيڪرو سافٽ ورڊ يا اهڙن ٻين پروگرامن ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. سنڌي لکڻ لاءِ لينگويج بار مان Farsi سليڪٽ ڪريو ۽ پوءِ سنڌي لکو.