ـــــــــ احمد سومرو

 

ڪتاب مان کنيل ٽڪڙو:

نفسياتي تنقيد / اڀياس :
”انساني فهم ۽ ادراڪ لاءِ تنقيد ايتري قدر اهم آهي جو ٽي.ايس.ايليٽ ان کي ساهه جيان ضروري سڏيو آهي. انساني فهم ۽ ادراڪ جي پهلوئن مان تخليقي ادب صرف هڪ آهي پر انساني شخصيت لاءِ ايترو اهم آهي جو ان کان سواءِ انساني زندگيءَ جو تصور ئي محال آهي. جيڪڏهن ادب انساني احساسن جي تهذيب جو نالو آهي ته ادبي تنقيد وري ان تهذيب جي سونهن کي اجاگر ڪندي آهي.“ (2)
تنقيد ڇا آهي؟ هن موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهنڪري هتي تنقيد جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه آهي. تنقيد جي اهميت تي به سنڌيءَ ۾ گهڻن نقادن قلم کنيو آهي تنهنڪري اهو موضوع به بحث هيٺ آڻڻ لازمي نه آهي. هتي اسان جو موضوع ڇاڪاڻ ته نفسياتي تنقيد ۽ اڀياس سان لاڳاپيل آهي تنهنڪري صرف نفسياتي تنقيد ۽ ان جي مقصد تي بحث ڪجي ٿو. نفسياتي تنقيد کي نفسياتي نظرين ذريعي سمجهڻ ۾ مدد ملندي، جيڪي اڳتي ترتيب وار بيان ڪبا. هتي سڀ کان پهريان نفسياتي تنقيد ۽ اڀياس جي اهميت ۽ طريقي ڪار تي مختصر انداز ۾ نظر وجهجي ٿي.
ادب جي ٻين تنقيدن جهڙوڪ: رومانوي تنقيد، جمالياتي تنقيد ۽ سماجياتي تنقيد جيان نفساتي تنقيد به هڪ اهم شاخ آهي. تنقيد جي ٻين قسمن ۾ فن ۽ فڪر جي پروڙ مقرر ڪيل اصولن تحت ڪئي ويندي آهي، جيئن رومانوي نقاد ڪنهن به تخليقي فن پاري مان رومانويت جي تلاش ڪري ان جي معيار جو تعين ڪندا آهن. جمالياتي نقاد وري تخليق جي جماليات تي غور ويچار ڪندا آهن ۽ سماجياتي نقاد وري ادب جي سماجي ڪارج جي پروڙ ڪندا آهن. انهن سڀني قسمن جي ڀيٽ ۾ ادب جي نفسياتي تنقيد مختلف آهي، جنهنجو بنياد اڻوهين صدي عيسويءَ ۾ پيو، جڏهن ناليواري نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ، نفسيات جي علم کي فلسفي کان ڌار ڪري هڪ جدا علم جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو. نفسياتي تنقيد ۽ ٻين قسمن جي تنقيدن ۾ فرق اهو آهي ته ٻين تنقيدن ڪن فڪري لاڙن ۽ تحريڪن مان جنم ورتو جڏهن ته نفسياتي تنقيد علم نفسيات جي هڪ ضمني شاخ آهي. جديد نفسيات ۾ شخصي تصورن جو رجحان ۽ ادب ۽ ٻين تخليقي فنن جو تجزيو ڪرڻ نفسيات جي اڀياس ۾ شامل آهي تنهنڪري نفسياتي تنقيد ٻين تنقيدن جي ڀيٽ ۾ ادب ۽ فن جي وڌيڪ ويجهو آهي. ادب لاشعور جي پيداوار هوندو آهي تنهنڪري ادب تي صحيح معنيٰ ۾ تنقيد توڙي تحقيق به نفسياتي اصولن تحت لاشعوري محرڪن جي ڳولا ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ ڪيل تنقيد ۽ تحقيق محض سطحي محسوس ٿيندي.
فرائيڊ هڪ نفسياتي معالج هو. هن نفسياتي بيمارين جي علاج خاطر هڪ نئون علاج جو طريقو تخليق ڪيو، جنهنکي ”تحليل نفسي“ (Psycho Analysis) چئجي ٿو. فرائيڊ لاشعور جي دريافت ڪري، تحليل نفسي جي طريقي ذريعي ڪيترن ئي نفسياتي مريضن جو ڪامياب علاج ڪيو، جنهنجي ڪري نفسيات جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿي ويو ۽ تحليل نفسيءَ جي نظريي زندگيءَ جي هر شعبي کي متاثر ڪيو.

      

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net