”مثنوي
رومي“ تصوف جي رمزن ۽ اخلاقي هدايتن جو هڪ اهڙو ڀنڊار آهي جنهن مان مسلمان توڙي
ٻيا ايامن کان وٺي ڪري علمي ۽ عملي طرح سيراب ٿيندا رهيا آهن. ان جو معروف
آکاڻين جي صورت ۾ سمجهائڻ وارو طريقو ايترو ته موثر مڃيو ويو آهي جو صدين گذرڻ
پڄاڻان به انهيءَ جو استفادو جيئن پوءِ تيئن سگهارو مڃيو پيو وڃي.
اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران مثنوي روميءَ جي ڪل ڇهن دفترن مان ٽن دفترن جو
ترجمون پڌرو ڪيو ته سنڌ ۾ ان کي بيحد مقبوليت حاصل ٿي. هينئر مثنوي روميءَ ۾
شامل ڇهن ئي دفترن جون مڪمل آکاڻيون پڙهندڙن تائين پڄائيندي اسان کي بيحد خوشي
حاصل ٿي رهي آهي. هي آکاڻيون نامياري ليکڪ ۽ شاعر محترم احمد آصف خان مصراڻي
جون ترجمون ڪيل آهن. سندس لائق نياڻي محترمه گلبدن جاويد مرزا سنڌي ادبي بورڊ ۾
ماهوار سرتيون رسالي جي ايڊيٽر آهي، سا پنهنجي والد جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ
هميشه ڪوشان پئي رهي آهي. سندس ئي ڪوششن سان اسان پهريائين محترم آصف خان
مصراڻي جي ٻارن لاءِ جمع ڪيل شاعري جا ڇهه حصا ”ٻاراڻا ٻول“ ڇپايا هئا. هن ڪتاب
جو اوريجنل مسودو به کانئس ئي اسان کي حاصل ٿيو آهي ۽ اهڙي طرح ههڙو اهم علمي
ذخيرو پڙهندڙن تائين رسيو آهي.
اميد آهي ته هي ڪتاب به پڙهندڙ وٽ مثنوي روميءَ جي اڳ شايع ٿيل ڪتاب وانگر بيحد
مقبوليت ماڻيندو ۽ اسان جي ماڻهن جي اخلاقي سڌاري جي هڪ وڏي وِٿ ثابت ٿيندو.
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google