ڪمپوزنگ:  محمد شريف ٽالپر        خصوصي ٿورا:  نور احمد سنڌي (سنڌيڪا اڪيڊمي)

 

ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو

هن ڪتاب جو مکيه مقصد، پڙهندڙ کي اهڙي ترغيب ڏيڻ آهي، جنهن مان هو پنهنجي انهن معاملن جو ٻيهر جائزو وٺي، جيڪي ٿي سگھي ٿو ته اهي سندس لاءِ بي معنى هجن، پر حقيقت ۾ اهي ئي سندس زندگيءَ لاءِ نهايت اهم هجن. انهيءَ جائزي واري عمل ۾ تيستائين کيس پنهنجي ڪٽرپڻي کي پاسي تي رکڻو پوندو، جيستائين انهن معيارن جو نئين سر ڪاٿو نه لڳايو اٿس، جن کي اڳ ۾ پورو ۽ مڪمل سمجھندو هو.
اها ڳالھ به اسان کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته ڪوبه فرد جيستائين ڪنهن نئين معاملي کي ڪٽرپڻي جي نگاھ سان ڏسندو، تيستائين هو ڪنهن به صحيح فيصلي تائين پهچي نه سگھندو ۽ نه ئي ڪو صحيح نتيجو ڪڍي سگھندو. ڳالھ اصل ۾ هيءَ آهي ته ڪوبه شخص جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي صحيح ڏسڻ چاهيندو ته هو ان کي صحيح ڏسندو، پر جيڪڏهن هو ڪنهن شيءِ کي اڳي ئي خراب سمجھندو ته ان جو مطلب ٿيو ته هو فيصلو ڪري چڪو آهي ته اها شيءِ خراب آهي.
هتي ڪٽرپڻي يا فرض ڪري وٺڻ بابت اظهار ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته، ڪوبه شخص اڪيلي سر پنهنجي لاءِ پنهنجي ذهن ۾ ڪي شيون يا ڪي فيصلا ورلي تيار ڪري سگھندو آهي. بلڪ ٿيندو هيئن آهي ته ٻاراڻي وهيءَ کان ئي سندس ذهن کي سندس ماحول يا سماج بي شمار ڳالهين سان ڀري ڇڏيندو آهي. ڪٽنب، دوست ۽ ويجھا عزيز، سندس فيصلي ڪرڻ جي طاقت تي اثر انداز ٿيندا رهندا آهن. خاص ڪري ميڊيا (Media)، جنهن ۾ اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وغيره اچي وڃن ٿا، سي سڀ سندس سوچ ۽ فڪر تي بيحد اثر انداز ٿيندا آهن، ايتري تائين جو ماڻهن جو ڪيترن ئي اهم موضوعن بابت رويو ئي بدلائي ڇڏيندا آهن. ميڊيا (Media) صحيح ڳالھ کي نامنظور، نقصانڪار ۽ اڻ وڻندڙ ۽ غلط شين کي سٺو ۽ وڻندڙ ڪري ڏيکارڻ جي غلط نمائندگي ڪندي رهندي آهي.
اهڙو انسان جيڪو سماج طرفان پيدا ڪيل ڪٽرپڻي جي فضا کي هڪدم قبول ڪري ٿو، سو ڄڻ ته پنهنجي شخصيت جو تمام گھڻو حصو ضايع ڪريو ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي هر عمل جو اظهار ٻين جي اثر هيٺ رهي ٿو ڪري. هو پنهنجي آزادي يا آزاد خياليءَ سان ڪوبه ڪم ڪري نٿو سگھي. ٻين جون اڳيئي ٺهيل طبيعتون، خيال ۽ لاڙا، سندس ڪردار، چال چلت ۽ سڀاءَ تي وڏو اثر وجھن ٿا. ان ڪري هو زندگيءَ جا اهي ئي قدر صحيح ٿو سمجھي، جي کيس ٻڌايا، سمجھايا ۽ ڏيکاريا وڃن ٿا. نه فقط ايترو، بلڪ اهي معاشرا جن جا تهذيبي ۽ ثقافتي پس منظر جدا جدا آهن، تن وٽ سندن ڄاڻ ۽ سمجھ مطابق، نيڪي ۽ بدي، خير ۽ شر، صحيح ۽ غلط جا تصور به جدا جدا آهن ۽ انهن ئي تصورن تي سندن ايمان آهي. ان ڪري اهڙن معاشرن جي ٺاهيل حڪمن يا هدايتن، فتوائن يا فيصلن تي پڄڻ بنا غور ويچار ڪرڻ ۽ اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻ ۾ ڪا دانائي يا سياڻپ ڪانهي. اهڙيءَ ريت اهي عمل جن کي اڄ ڪلھ ڪنهن سماج ۾ خراب يا غلط سمجھيو وڃي ٿو، ٿي سگھي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ انهن کي سٺو ۽ صحيح سمجھيو وڃي.
آدم خورن لاءِ ماڻهوءَ جو گوشت کائڻ عام رواجي ڳالھ آهي. نازي جرمنيءَ جي فاشسٽ سوسائٽيءَ ۾ هڪ پاڳل ليڊر جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪرڻ، اتان جي ماڻهن لاءِ بلڪل عام رواجي ڳالھ هئي. نه فقط ايترو بلڪ ان کي درست سمجھيو ويندو هو. ان زماني ۾ اهي ماڻهو نه فقط پنهنجي بيوقوف ۽ چرئي ليڊر جا پوئلڳ هوندا هئا، بلڪ ان جي هر طرح سان مدد به ڪندا هئا. دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي اهڙا مثال ملندا.
هتي جنهن ڳالھ تي اسين زور ڏئي رهيا آهيون، سا هيءَ آهي ته انڌي تقليد ڪرڻ بجاءِ سماجي جوڙجڪ ۽ ان جي صورتحال تي اڪيلي سر غور ويچار ڪرڻ ۽ هر ڳالھ جي حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ ئي سياڻپ ۽ دانائي آهي. اهڙوئي انسان ڀليءَ ڀتِ پروڙي سگھندو ته سماج جا ٿاڦيل يا هٿ ٺوڪيا ”قدر“ (Values) غلط ٿي سگھن ٿا. جيڪي جيڪڏهن سوچڻ بنا اختيار ڪيا وڃن ته اخلاقي ڏيوالو نڪري سگھي ٿو.
 

(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)

 

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com