ڪمپوزنگ: عبدالجبار شيخ
ليڪچرار گورنمنٽ اسلاميه سائنس ڪاليج سکر

 

ڪجهه ڪتاب بابت:

مذهب ۽ اخلاقيت جي نطام جو هڪ وڏو تعداد اسان جي تهذيب جي هڪ اهم خوبي رهي آهي. انسان جي ازل کان اها ڪوشش رهي آهي ته اهو پهنجي تخليق جو سبب ڄاڻي ۽ ان ڪائنات ۾ پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام جي سمجھ حاصل ڪري. اهو هن قدرت جي نظام ۾ پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام کي ڄاڻڻ لاءِ هميشه ڪوشش ۾ لڳو رهيو آهي.
ممتاز تاريخ دان آرنلڊ صدين تي محيط انساني تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پوءِ ان ڏهن جلدن تي مشتمل پنهنجي تحقيق جو نچوڙ پيش ڪيو. ان جي ڪتابن جو خلاصو هي آهي ته پوري انساني تاريخ ۾ مذهب کي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. 24 آڪٽوبر 1954ع ۾ ”دي آبزرور“ ۾ شائع ٿيل مضمون ۾ لکي ٿو ته؛
”مان ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته تخليق جي حل جي چاٻي مذهب وٽ ئي آهي“.
آڪسفورڊ ڊڪشنري مطابق مذهب جي وصف ڪجهه هن طرح آهي؛
هڪ اهڙي انساني قوت کان مٿانهين قوت تي يقين رکڻ، خاص ڪري ذاتي خدا يا خدائن تي يقين رکڻ جيڪو اطاعت ۽ عبادت جي لائق هجي.
سمورن مذهبن ۾ اسان کي عالم الغيب ۽ قادر مطلق خدا يا اعلي اقتدار جي مالڪ جو تصور ملي ٿو. پوءِ سمورن مذهبن جي مڃڻ وارن جو هي تصور آهي ته اهي جنهن خدا تي يقين رکن ٿا ۽ جنهنجي فرمانبرداري ڪن ٿا اهو سمورن انسانن جو خدا به آهي.
ڪيترائي ”غير مذهبي“ عقيدا مثال طور مارڪسزم، فرائيڊزم وغيره منظم طور مذهبن جي بنياد تي حملي جي ڪوشش ڪئي آهي. دلچسپ ڳالهه هي آهي ته هي غير مذهبي اعتقاد به ڪنهن مذهبي اعتقاد جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. مثال طور جڏهن ڪيترن ملڪن ۾ ڪميونزم يعني اشتراڪي نظام رائج هيو ته ان جي اشاعت تبليغ ايتري پيماني، انداز ۽ دلي طور تي ڪئي ويندي هئي جهڙي ريت مذهبن جي تبليغ ڪئي ويندي هئي. مطلب ته مذهب انساني وجود جو اهم جزو آهي.
قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته؛
”اي نبي صه چئه اي اهل ڪتاب اچو هڪ اهڙيءَ ڳالهه جي طرف جيڪا اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪجهڙي آهي. هي ته اسان الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ان سان گڏ ڪنهن کي شريڪ نه بڻايون ۽ اسان مان ڪوئي الله کانسواءِ ڪنهن کي پنهنجو رب نه بڻائي ان دعوت قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڪو منهن ڦيري ته صاف چئي ڇڏ ته شاهد رهجو اسان ته مسلم(صرف خدا جي ٻانهپ ۽ اطاعت ڪرڻ وارا) آهيون. “
دنيا جي مذهبن جو مطالعو منهنجي لاءِ گهڻو فائديمند ٿيو آهي ۽ منهنجو يقين نئين سر مستحڪم ٿيو آهي ته خدا تعاليٰ هر انسان کي پنهنجي وجود جي سمجهه سان پيدا ڪيو آهي. انسان جي نفسياتي ترڪيب ڪجهه ان طرح آهي ته اهو آساني سان خالق عظيم جو تصور قبول ڪري ٿو. ٻي صورت ۾ خدا جي نه موجود هئڻ جي لاءِ ان کي ڪيترائي دليل ڏيڻا پون ٿا. ٻين لفظن ۾ خدا تي يقين جي لاءِ ڪو شرط ناهي مگر خدا جي تصور کي رد ڪرڻ جي لاءِ شرط يا دليلن جي ضرورت پوي ٿي.

      

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net