ڪمپيوٽر هن وقت هر گھر ۽ هر آفيس جي
ضرورت آهي. هر شخص ڪمپيوٽر بابت معلومات پڙهڻ گھُري ٿو. هيءُ ڪتاب به ڪمپيوٽر
جي باري ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ڪمپيوٽر جي تاريخ کان وٺي ڪمپيوٽر جي بنيادي شين
تائين سڀ ڪجھه سيکاريو ويو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مائيڪروسافٽ ورڊ، مائيڪروسافٽ
ايڪسل ۽ پاورپوائنٽ پڻ باتصوير انداز ۾ سيکاريا ويا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌيءَ زبان
۾ ڪمپيوٽر جي متعلق پنهنجي نوعيت جو واحد ڪتاب آهي، ۽ سنڌين جي لاءِ هڪ غنيمت
ئي چئبي. نهايت ئي سٺي انداز سان ڪمپيوٽر جي باري ۾ سيکاريو ويو آهي. محترم
حبيب سنائي جي چواڻي ته:
”اڄ جو
دور انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. ان دور ۾ خواندگي جو معيار اهو آهي ته
ماڻهو ڪمپيوٽر جو استعمال ڄاڻي ٿو يا نه. ان ضرورت جي پورائي لاءِ دنيا جي هر
ٻوليءَ ۾ اوهان کي ڪتاب ملندا. پر افسوس ڪو ڪتاب سنڌي ۾ نٿو ملي. انهي کوٽ جي
پورائي لاءِ هي پيار جو پورهيو ڪيو اٿم.“
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google