ڪمپوزنگ: شاهنواز سومرو

ڪجهه ڪتاب بابت:

غلامُ بنائيندڙ طبقا ۽ قومون، مظلوم طبقن ۽ قومن کي طرح طرح جا نقصان ڏيندا آھن. ھو کين گذر جي وسيلن کان محروم ڪندا آھن. سندن آزادي کسيندا آھن. کين جانورن وانگر وھائيندا آھن. سڀ کان وڏو نقصان اھو ڏيندا آھن ته ھو غلامن جي ذھن ۽ دماغ کي غلام بڻائيندا آھن. ھو سندن سوچ کي جڏو، لُولو ۽ لنگڙو ڪندا آھن، ھو کانئن سندن خود اعتمادي، حوصلو ۽ ھمت ڦُري وٺندا آھن ته جيئن ھو ڪڏھن به پنھنجي آزادي وري وٺڻ بابت سوچي به نه سگھن. جن طبقن ۽ قومن سنڌ کي ھزارين سالن کان غلام پئي بڻايو آھي، تن سنڌي قوم کي سڀ کان وڏو ڌڪ ھنيو آھي، جو سنڌين کي پاڻ مان ويساھه ئي نڪري ويو آھي. سنڌين کي ويساھيو ويو آھي ته ’توھين بيوقوف آھيو، جاھل آھيو، نا اھل آھيو، گِيدي ۽ بزدل آھيو، اوھين پنھنجي قسمت بدلائي نه ٿا سگھو، اوھان سان جيڪا جُٺ ٿي آھي اوھان انھيءَ جا لائق ھئا ۽ آھيو.‘
انھيءَ ڪري جن ماڻھن سنڌي قوم کي جيارڻ ۽ جدوجھد جي ميدان ۾ آڻڻ جو سوچيو ٿي، تن سڀ کان پھرين اھو ضروري ڄاتو ته سنڌين جي دماغن تان دشمن جا چاڙھيل ڪٽ لاٿا وڃن، سندن ذھنن جا زنجير ٽوڙيا وڃن. کين خاطري ڏياري وڃي ته ’اوھان جي غلامي، بي پھچي، بي وسيلائي، نڌڻڪائي، ڪمزوري ۽ اڻڄاڻائي اِھي سڀ عارضي شيون آھن. اوھين به بھادر آھيو. اوھين به سورما ٿي سگھو ٿا. اوھين به پنھنجي آزادي حاصل ڪري سگھو ٿا، اوھين به پنھنجي قسمت بدلائي سگھو ٿا.‘ انھي قومي پاليسيءَ موجب سنڌي ماڻھن مان ڪنھن به ڪا چڱي يا ٿورڙي به مڙسيءَ واري ڳالھ ٿي ڪئي ته ان ڏانھن سڄي قوم جو ڌيان ڇڪايو ٿي ويو. اديبن ۽ لکندڙن ڪوشش ڪري ننڍڙيءَ ۾ ننڍڙي ھمت کي ساراھي، ھمت وارن ماڻھن جي ھمت وڌائي ٿي. ايتري قدر جو ڪنھن خاص مڙسي نٿي ڪئي، رڳو پنھنجي گھر ماٺ ڪيو ويٺو ھو يا ڪنھن رڳو قوم خلاف ڪو ڪُڌو ڪم نٿي ڪيو ته ان جي به تمام گھڻي ساراھه ڪئي وئي ٿي. مثال طور: ڪو وڏو زميندار رڳو قوم دشمن وزارتن ۾ شريڪ نٿي ٿيو يا ڪنھن پنھنجي قوم وڪڻڻ واري ون يونٽ جي ٺھراءَ تي صحيح نٿي ڪئي ته ان کي انھيءَ پاليسيءَ موجب تمام گھڻو ساراھيو ٿي ويو. اھڙيءَ ريت قوم جي مٿان اھو ڀوت لاٿو ويو ته ڪي سنڌي سڀ ڊڄڻا، گِيدي، بزدل ۽ قوم فروش آھن. انھي ڪري سنڌي قوم ۾ ڪافي خود اعتمادي پيدا ٿي ويئي.
ھر شيءِ جا ٻه پاسا ٿيندا آھن. انھيءَ ھمت افزائيءَ واري پاليسيءَ جو ٻيو پاسو به ھو، جو جلد ظاھر ٿيو. اھو ھي ته ماڻھن ۾ ھي تاثر پيدا ٿي ويو ته ’قومي سورمو‘ ٿيڻ لاءِ ڪا خاص مٿا ڪُٽ ڪرڻ، ڪو ڊگھو ۽ لمبي عرصي وارو قومي ڪردار ادا ڪرڻ، ڪي تمام وڏا ڏک ۽ ڪشالا ڪاٽڻ، ڪا واقعي لاجواب بھادري ۽ سورھيائيءَ ڪرڻ، پنھنجي زندگي ھميشہ ھميشہ لاءِ قوم واسطي وقف ڪرڻ، ڪا وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، سکڻ، تحقيق ڪرڻ، زبردست احتياط ۽ خبرداري ڪرڻ واري دور انديشي، دانائي ۽ ڏاھپ کان ڪم وٺڻ، سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ، غلطيون نه ڪرڻ، ھميشہ ھر گھڙي، ھر پل سِر جي سٽ ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانھي. ’سنڌي سورمو‘ ٿيڻ ھاڻي ھڪ معمولي ڳالھ ٿي ويئي. ڪو نعرو ھڻي، ڪو ٻه ٽي ڏينھن يا ٻه ٽي سال، سواءِ ڪنھن خاص ايذاءَ ۽ عذاب جي جيل ۾ رھي يا ڪو مضمون يا ڪتاب لکي يا شعر چوي، سٺي تقرير ڪري يا ڪنھن کي دشمن راھه گناھه ماري وجھي، اُن کي به اسان ھڪدم عظيم سورمي ۽ جوڌي جو لقب ڏيئي ڇڏيو ٿي.
انھيءَ ڪري قوم جي سورھيائيءَ جو معيار تمام پست رھجي ويو آھي. سورھيائي اکر جي معنيٰ تمام خسيس ۽ کِل جھڙي ٿي پئي. ڪن حالتن ۾ ’قومي سورمو‘ ٿيڻ ڄڻ ھڪ تماشو ۽ مذاق بڻجي پيو آھي. ڏٺو ويو آھي ته ھاڻي جماعت اسلامي جھڙن ڪٽر سنڌ دشمن ٽولن جا سنڌي دلال به پاڻ کي ’فلاڻو خان‘_ ’سنڌڙيءَ جو سَپوت‘ ۽ ’جوڌو جوان‘ سڏائڻ لڳا آھن. انھيءَ ڪري ضرورت ٿي آھي ته انھيءَ باري ۾ اسان پنھنجي قومي پاليسيءَ کي درست ڪريون. اڄ انھيءَ ڳالھ جي ضرورت آھي ته سنڌي قوم کي سيکاريو وڃي ته صحيح معنيٰ ۾ ’قومي سورما‘ دنيا ۾ ڪھڙا ٿيندا آھن، ته جيئن سنڌ جا ماڻھو اڳتي ھلي سچا پچا ۽ ’عظيم سورما‘ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪن، ۽ ڪُوڙن سورمن ۽ دشمن جي دلالن کي ھمت ئي نه ٿئي ته ھو پاڻ کي سورھيائي ۽ سورمائيءَ جا ڪُوڙا لقب ڏيئي سگھن. انھيءَ ڏَس ۾ اسين دنيا جي ھڪ سچي سورمي ۽ ھڪڙي سچي سورھيه جي ھيءَ سچي ڪھاڻي پيش ڪريون ٿا.
 

ـــــــــــــــ   رسول بخش پليجو       
(ڪتاب جي مهاڳ تان کنيل)
 

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 
 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net