ڪمپوزنگ: شاهنواز سومرو

 

پنهنجي پاران . . .

 جڏھن مون ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ساٿي علي ھينريءَ جي تڪليف جو احساس محسوس ڪندي ڏڪي ٿي ويس، ۽ ڪتاب بند ڪندي ائين ٿي محسوس ڪيم، ڄڻ اھو عذاب مون تي نازل ٿي رھيو آھي. پوءِ ترجمي دوران پڻ ڪافي ڀيرا اُن ڪيفيت مان لنگھڻو پيم. عذاب ..... لڳاتار عذاب، ڏاڍي ڏُکي شيءِ آھي ۽ جنھن ماڻھوءَ ان جي رڳو ھڪڙي جھلڪ به ڏٺي ھوندي تنھن کي ئي ان جو احساس ھوندو. پر آزاديءَ جا پروانا ڪنھن عذاب کان ھرگز نه ڊڄندا آھن. جيل، ھٿڪڙيون، ڦاھيون ۽ ڦٽڪا سندن ڏيج ھوندو آھي، ۽ ان کان پوءِ ھڪ اھڙو صبح اڀرندو آھي، جنھنجي تمنا ھر آزادي پسند کي ھوندي آھي.
جسماني عذاب ۽ اھو به وري لڳاتار، ٻڌڻ سان ئي ڏڪايو وجھي. ھڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ٻڌايو ته لاھور واري قلعي ۾ کيس جنھن تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سڄي روئداد ھن لکي، جيڪا پوءِ ھڪ دوست ھٿان گم ٿي ويئي. سندس چواڻي ته ھن اھا ڊائري جنھن ڪيفيت ۾ لکي ھئي، تنھن جو ھاڻ تصور به نٿو ڪري سگھي.
اسان تي اھو تشدد ڏاڍي منظم رٿابنديءَ سان ۽ مختلف روپن ۾ جاري آھي. ڪڏھن ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ته ڪڏھن ايم- آر- ڊي تحريڪ جو بھانو بڻائي. ڪڏھن ٽوڙي ڦاٽڪ جي روپ ۾ ته ڪڏھن پھرين آڪٽوبر جي روپ ۾، سنڌين جو قتل عام ۽ نسل ڪشي لڳاتار جاري آھي. شھرن ۾ دھشت گرد کلي عام سنڌين جي خلاف ڪاروايون ڪندا ٿا رھن پر اسان جي حڪومت ۽ اڳواڻ محترم اخباري بيانن ۽ مذمت کانسواءِ ڪا وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. حڪومت وعدا ته ڪري ٿي ۽ حڪومتي ايجنسين کي چڱي طرح خبر به آھي ته دھشت گرد ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رھن، پر الائجي ڇو کين ھٿ لائڻ کان ھو ڊڄن ٿا.
باقي اسان جي اڳواڻن سڳورن ۾ ته ايتري ٿوم ڪونھي جو ڪو عملي قدم کڻي سگھن. باقي ڄنڊا پٽ ۽ سازشون ٺاھڻ (سو به ھڪ ٻئي جي خلاف) ۾ ايترا ته ماھر آھن جو کين ڄنڊا پٽ جو نوبل انعام ملڻ گھرجي. انھن مان به وري نام نھاد ڄٽ ليڊرن مان ته مورڳو اڙجي ويا آھيون. ڄاڙيون اھڙيون ٿا ھڻن جو خدا جي پناھ باقي....... باقي ڇا چئجي ۽ ڪھڙا سور اورجن.......
ھي ڪتاب الجزائري صحافي ۽ سورمي علي ھينري جي جيل جي ڊائري آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان موجود آھن. سارتر چواڻي ته ”ھيءُ ڪتاب ڪمزور دل رکندڙن جي پڙھڻ لاءِ نه آھي.“ مون کي حيرت آھي ته علي ھينري فرانسيسي ھوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ھم قوم حڪمرانن خلاف وڙھيو، نتيجي ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيائين، سو سڀ ھِن ڪتاب ۾ موجود آھي. ڪي دوست اسان وٽ پنجابين جي وڪالت ٿا ڪن، پر ھو ڪو ھڪ پنجابي به ڏيکارين، جيڪو سنڌ جي ڪاز لاءِ وڙھيو ھجي، جڏھن ته الجزائر جي جنگ آزاديءَ ۾ سارتر ۽ سندس ساٿي الجزائرين جي حَقن لاءِ وڙھيا، جن مان ڪيترا ته شھيد به ٿيا.
ھا ته ايتري ظلم ۽ بربريت جي باوجود به علي ھينريءَ دغابازي نه ڪئي، ھيڻي نه ٻولي ۽ ڄميو رھيو: ”اوچتو مون کي ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ جو احساس ٿيو ته آءٌ جھُڪيو نه آھيان، ھاڻي مون کي پَڪ ٿي ويئي آھي ته جيڪڏھن ھنن وري قصو شروع ڪيو ته آءٌ سھي ويندس ۽ توڙ تائي ڄميو رھندس ۽ پنھنجو پاڻ کي ماري سندس ڪم کي سولو نه ڪندس.“
۽ ھي ڪتاب اوھان جي حوالي ڪندي آئون اوھان مان اھڙي ئي اُميد رکان ٿو!
 

(يوسف سنڌي)

 

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com