ڪمپوزنگ: آفتاب احمد ٽالپر

 

ڪتاب مان کنيل ٽڪرو:

سنڌ جي ويجھڙائيءَ واري صورتحال سڀني وطن دوست ۽ دردمند ماڻهن جي لاءِ ڏکائيندڙ آهي. سنڌ جي معيشت، سنڌ جي تعليم، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ اخلاقي قدرن جي لتاڙ، اهي سڀ ڳالهيون صورتحال جي سنگينيءَ جو گهنڊ وڄائينديون رهن ٿيون ۽ اسين آهيون جو ڪنن کي آڱريون ڏيئي پاڻ کي مطمئن رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.
پاڻ کي مطمئن رکڻ جي لاءِ به اسان جا عجيب اڍنگا طريقا آهن. هڪ طريقو هيءَ آهي ته پاڻ ڪجهه نه ڪريون ۽ ٻين جي ڪمن تي ڀرپور تنقيد ڪريون. انهن جي گلاخوري ڪريون، انهن جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھون ۽ تيستائين آرام سان نه ويهون جيستائين ٻي جي ڪم ۾ ڀنڊڻي نه پوي. انهيءَ ڪري جو ٻئي جو ڪم اسان جون پنهنجيون بي عمليون وائکيون ٿو ڪري. اهو ٻين جو ڪم ڳائجي ٿو، ڳڻجي ٿو ته اسان جي لاءِ روح جو عذاب بڻجي ٿو پوي. ننڊ ڦٽي ٿي پوي ۽ سيني تي مڱ ٿا ڏرجن. پوءِ بجاءِ انهيءَ جي ته ڪو به پنهنجي حصي جو، پنهنجي ڏانءَ جو ۽ پنهنجي مهارت جو ڪم ڪري اسان به ان مڃتا جا مستحق بڻجون، ان مهانتا جا مهندار ليکجون؛ شروع ٿيون ٿا انهن ڪمن مان ڪيڙا ڪڍڻ، ڪمزوريون بيان ڪرڻ، گلا ڪرڻ، نيتن جا طرف مقرر ڪرڻ، ۽ پوءِ ڪم ڪندڙ ماڻهوءَ جي آباءَ ۽ اجداد کان شروع ٿي اچي انهيءَ جي ٻارن ٻچن تي توڙ ڪريون ٿا ــــــ حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته هي سڀ ڪم اڻ پڙهيا ۽ اڌ پڙهيا نٿا ڪن، بلڪ سماج جا اصلي معتبر ۽ وڏا اصلي اديب ۽ دانشور، اصلي پروفيسر ۽ مُهان ماڻهو اِهو پريڪٽس وڏي فخر ۽ ڪرڦر سان انجام ڏين ٿا. جھڙا گلائون ڪندڙ تهڙا ٻڌندڙ! حلقي ۾ ڪو به اهڙو ڪو نه ٿو هجي جيڪو ان عمل جي حوصله شڪني ڪري، احتجاج ڪري ۽ ردِ عمل ظاهر ڪري. مروت مريادا واري قوم جو آهيون! هينئر اسان جي سموري مروت ۽ مريادا هتي اچي ڇيهه ڪري بيٺي آهي ته مروت ۾ گلائون ٻڌون، بلڪ سُر سان سُرُ ملايون، ٽهڪ برچايون، ڳالهه ڪهڙي به هجي ان ۾ مرچ مصالحي جو پاڻ به اضافو ڪريون!
هي سڀ ڪجھه اسان جي اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن جي ڪارگذاري ته آهي ئي آهي پر اسان جا ادارا به هن ريت کان بچيل ڪوهن. اتي ڪو به فضيلت ڀريو مثالي ڪم ٿيڻ جي بجاءِ ساڳي ڀڳت ۽ ساڳي ڪرت جو وهنوار هلندڙ آهي. اهو عمل مدتن پڄاڻان هلندڙ آهي ۽ هاڻي اسان ان جا ايڏا هيراڪ بڻجي ويا آهيون جو اسين اهڙي ڪنهن به نشست کانسواءِ رات جو سڪون سان سمهي نٿا سگهون. هينئر اسان کي گلا گلا نٿي لڳي بلڪ اسان ان کي پنهنجو قومي فرض سمجهي ادا ٿا ڪريون. پاڻ کي اهو دلاسو ڏئي ڪري ته اسان چورن کي وائکون ٿا ڪريون، هوڏانهن اسان جي بزدليءَ جي حالت هيءَ آهي جو اسين سالن کان وٺي ڪنهن به چور کي چور چوڻ لاءِ ان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھڻ لاءِ اڳتي نه وڌيا آهيون، انڪري جو اسان جو پنهنجو وجود ”چور“ جو روپ سروپ بڻيل آهي. جيڪڏهن اسان جو ڪنهن مادي چوريءَ تي وس نه پهتو آهي يا موقعو نه مليو آهي ته اسان ڊيوٽيءَ ۽ فرضن جي ادائگي جي چوريءَ مان وسان نه گهٽايو آهي. نتيجي ۾ چوريءَ جو عمل اسان جي ڊائريءَ ۾ ”بڇڙائي“ جو عمل رهيو ئي ڪونهي. اهي ئي سبب آهن جو اسان وٽ چور وڏي بهاريءَ ۾ رهيا آهن. اهي چور هوندي به وڏين مهانتائن جا صاحب آهن. اهي مرندي گھڙيءَ تائين ادارن جا سربراهه، محفلن جا مور ۽ مهمانِ خصوصي بڻيا ويٺا هوندا آهن. ۽ وري اسان ئي اهي آهيون جيڪي انهن کي اهو اعزاز بخشيون ٿا ۽ انهن جي آمد تي تاڙين جي وڄت ڪيون ٿا.
گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان ائين ٿيندو پيو اچي ۽ مسلسل ٿيندو پيو اچي. هينئر اهو ايترو رواج ۾ اچي ويو آهي ته ڪنهن کي به ڪا محنت ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ٻه چار ڪهاڻيون لکي، ٻه چار شعر ۽ ٻن چئن ڪتابن جا مهاڳ لکي هن قوم جو رهبر بڻجي سگهي ٿو. ڏسندي ئي ڏسندي مهانتائون هُن جا قدم چُمنديون ۽ مجلسن جون صدارتون ان جي لاءِ بيتاب هونديون.
نتيجو هي وڃي بيٺو آهي ته اسان وٽ نه علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو ڪو عڪس ٿو سامهون اچي، نه مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو اولڙو ٿو نمايان ٿئي، نه شهيد الله بخش جو نائب ٿو نروار ٿئي، نه مولانا دين محمد وفائي جو عملي وارث ٿو جاڳي. ڪو به شعبو ڪونهي جتي اسان عالمي ليول جا مثالي ماڻهو پيش ڪري سگهون، مقامي ليول جا ڪي مثالي ماڻهو پنهنجي نئين نسل جي نقشِ قدم تي هلڻ لاءِ پيش ڪري سگهون.

                                                                      (ڪتاب مان کنيل ڪجھه ٽڪرا)

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net