ڪمپوزنگ: ڪوثر علي ڀٽو

 

ڪتاب بابت:

 اهي قومون جيڪي انقلاب جي واٽ وٺنديون آھن، تن جي لاءِ رڳو شاعري ۽ ڪهاڻيون سڀ ڪجھ نه هونديون آهن. انهن جي لاءِ سياسي لکڻيون به ايتريون ئي اهم هونديون آهن. ماڻهن جي سياسي شعور کي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ اهڙين لکڻين جي سخت ضرورت هوندي آهي.جيستائين دنيا جي انقلابن، انهن انقلابن کي وجود ۾ آڻيندڙ نظرين ۽ نظرين کي گھڙيندڙ توڙي انهن کي عمل ۾ آڻيندڙن بابت ڄاڻ نه هوندي تيستائين ماڻهو کوھه جي ڏيڏر جي مثل هوندا. دنيا جي هر نظريي هر فلسفي، هر انقلاب ۽ هر انقلابيءَ بابت ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ ضروري آهي.
قادر جوڻيجي انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي چئن عظيم انقلابين هوچي منھ، پئبلو نرودا، ڪم چي ها ۽ بوبي سئنڊس تي لکيو آهي. جيستائين انهن انقلابين تي لکڻ جي سلسلي ۾ چونڊ جو تعلق آهي ته اهي چارئي هن ويجھڙي دور جا آهن. ٻي ڳالھه اها آهي ته انقلابي هئڻ سان گڏ اهي ليکڪ به آهن. پئبلو نرودا دنيا جي عظيم شعرن مان هڪ آهي جنهن کي نوبل پرائز پڻ مليو. هوچي منھ به شاعري ڪئي آهي. ڪم چي ها جو ته ڪردار ئي انقلابي شاعر وارو رهيو آهي. بوبي سئنڊس پنهنجي پٺيان ڊائري ڇڏي ويو. قادر جوڻيجي انهن انقلابي شخصيتن جي زندگي، ڪَم ۽ ڪارنامن تي لکڻ کان سواءِ سندن لکڻين مان ڪجھ ترجما نموني طور پڻ ڏنا آهن. انقلاب جي معنى آهي هڪ بيڪار مردار نظام ۽ ڄمي ويل ڪني تيل جي صورتحال کي بدلائڻ. ان لاءِ عوام دشمن، ڌرتيءَ جي لٽيرن ۽ غاصبن سان جنگ جوٽڻي پوندي آهي. اهي ماڻهو جن جنگ جي ميدان ۾ لڙندي لکيو آهي. (جيتوڻيڪ انقلاب خود پنهنجي جاءِ تي هڪ نئين شئي جي تخليق آهي) تن جي واقفيت قادر جوڻيجي سنڌي پڙهندڙن سان ڪرائي آهي.
ويٽنام جي عظيم اڳواڻ هوچي منھه کان پڙهيل لکيل سنڌي ضرور واقف هوندا. اڄ جي دور جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هن جو نالو عزت سان ورتو وڃي ٿو. هوچي منھه جنهن جو ويٽنامي زبان ۾ معنى آهي ”ساماڻيل ڏاهو“ پنهنجي زندگيءَ جي هر گھڙي ماڻهن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڙهندي گذاري. هن پنهنجي وطن ويٽنام جي ماڻهن کي ڌارين جي غلاميءَ مان آزاد ڪرئڻ جي راھه ڳولڻ واسطي وسيع مطالعي لاءِ ٻاهر جو سفر اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو ٻاهرين ملڪن ۾ سامونڊي جهازن تي ملاح، رستي تي ٻهاري ڏيندڙ، واڍي ۽ هوٽل ۾ بورچيءَ جا ڪم ڪيا. سفر دوران ھن جيڪي مشاهدا ڪيا، ان مواد کي، هن پوءءِ پنهنجي ڪتاب ”فرانسيسي بيٺڪي راڄ جي ناڪامي“ ۾ ڪم آندو. انهيءَ ڪتاب جو قومي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن طرفان وڏو قدر ڪيو ويو.
1945ع ۾ بغاوت لاءِ اپيل ڪندي هن چيو هو، ”اسان جي عوام جي تقدير جو فيصلو ڪن وقت شروع ٿي چڪو آهي. اچو ته گڏجي اٿون ۽ پوري قوت سان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرايون. سڄي دنيا جا مظلوم ماڻهو پنهنجي خودمختياري ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. اسين پنهنجو پاڻ کي پوئتي رهڻ نه ڏينداسين.“
هوچي منھه کي ان ڳالھه جو احساس هيو ته دانشور يعني ذهني ڪم ڪندڙ انقلاب جي تعمير ۾ شاندار ڪردار ادا ڪن ٿا. هن 1956ع ۾ ويٽنام پيپلز يونيورسٽي ۾ سياسي ڪورس جي شاگردن آڏو تقرير ڪندي چيو هيو، ”مکيه انقلابي قوتون مزدور ۽ هاري آهن“. انهيءَ جو سبب هي آهي ته اهي سموري دولت جا خالق آهن، جيڪا سوسائٽي کي زندھه رکي ٿي ۽ ڇاڪاڻ ته اهي ڳڻائيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. اهي آباديءَ جا سڀ کان وڌيڪ ڦرجندڙ ۽ لٽجندڙ حصا آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته انهن جو انقلابي جذبو ٻين سماجي طبقن کان وڌيڪ مضبوط ۽ سدائين قائم دائم رهي ٿو. پوءِ به انقلاب جي دانشورن (جن کي عام طور ذهني ڪم ڪندڙ ڪوٺيو ويندو آهي) جي قوت جي ضرورت پوي ٿي. جيئن عوام جي صحت کي قائم رکڻ لاءِ ڊاڪٽر ضروري آهن، تيئن عوام جي ذهني صحت لاءِ دانشور ضروري آهن“. هوچي منھه ان ڳالھه تي زور ڏيندو هيو ته پورهيو ڪندڙ عوام (ذهني پورهيو ڪندڙ ۽ جسماني پورهيو ڪندڙ) کي پنهنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي خاطر هڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ گھرجي. ويٽنام جيڪو فرانس جي ڪالوني هيو، جتي هر ڏهن ماڻهن مان نو ماڻهو هاري هئا، ۽ اڻپڙهيل هئا جن ۾ هوچي منھه ايترو سياسي شعور پيدا ڪيو جو انهن ڪمزور ۽ نٻل ماڻهن پهرين فرينچ فوجن سان وڙهي انهن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو ۽ پوءِ دنيا جي هڪ سپر پاور آمريڪا سان ٽڪر کائي، قربانيون ڏئي نيٺ آزادي ماڻي.
پئبلو نرودا چليءَ جي ماڻهن جو محبوب شاعر هيو. هن پنهنجي زندگي ۽ شاعري چليءَ جي ماڻهن کي ارپي ڇڏي هئي. چلي، لاطيني آمريڪا جو اهو بدنصيب ملڪ جيڪو هميشه آمريڪا جي، سي- آءِ- اي جي سازشن جو شڪار رهيو آهي، اهو اڄڪلھه فوجي آمريت جي چنبن ۾ ڦاٿل آهي.
”مون اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته منهنجي زندگي شاعري ۽ سياست ۾ ورهايل آهي.“ 3 سيپٽمبر 1960ع ۾ جڏهن چلين ڪميونسٽ پارٽيءَ پئبلو نرودا کي صدارت جي عهدي لاءِ بيهاريو هيو ته ان موقعي تي قبوليت واري تقرير ڪندي هن چيو هيو، ”آئون هڪ چلين آهيان، جنهن کي ڪيترن سالن کان پنهنجي قومي وجود جي بدقسمتين ۽ مشڪلاتن جي خبر آهي ۽ جيڪي ماڻهن جي هر ڏک ۽ سک ۾ حصيدار رهيو آهي. آءٌ انهن جي لاءِ ڪو ڌاريو ڪونه آهيان. آءٌ انهن منجھان آهيان، آءٌ ماڻهن جو حصو آهيان، آءٌ هڪ پورهيت ڪٽنب مان آيو آهيان. آءٌ ڪڏهن به اقتدار جي صاحبن سان شامل ڪونه ٿيو آهيان. مون هميشه محسوس ڪيو آهي ته منهنجو ڪم ۽ منهنجو فرض منهنجي عملن ۽ منهنجي شاعري وسيلي چليءَ جي خدمت ڪرڻ آهي. آئون انهن کي ڳائڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ زندھ آهيان.“
پئبلو نرودا رڳو شاعري ڪانه ڪئي، پر عملي طور هن چليءَ جي عوام سان گڏجي آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڇاڙتن سان ٽڪر کاڌو. چليءَ جي کاڻين مان پيدا ٿيندڙ قومي دولت کي ڌاريا لٽيندا ڦريندا پئي رهيا هئا، ۽ چليءَ جا ماڻهو غير انساني پورهيو ڪرڻ کان پوءِ به اٽي لٽي ۽ اجھي کان مرحوم هئا. پئبلو نرودا شروع کان وٺي شاعريءَ وسيلي توڙي عملي طرح پنهنجن ماڻهن جي سياسي ۽ معاشي آزاديءَ لاءِ وڙهندو رهيو، ۽ انهيءَ ويڙھه ۾ هو آمريڪا وٽ وڪاميل فوجن هٿان مارجي ويو.
چليءَ جي عوام طرفان چونڊيل صدر آلندي کي سيپٽمبر 1973ع تي ھڪ خونخوار فوجي بغاوت ۾ ماريو ويو ھو. پيبلو نرودا کي ان واقعي سبب گهرو صدمو پهتو. واقعي جي ٽئين ڏينهن تي نرودا پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ جي تڙ تڪڙ ۾ پڄاڻي ڪندي لکيو هيو، ”هوائي جهازن طرفان صدارتي محل تي بمباري ڪرڻ کان هڪدم پوءِ ٽينڪون حرڪت ۾ اچي ويون، ڪيتريون ئي ٽينڪون هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي خلاف وڏي بهادريءَ سان وڙهيون، اهو رپبلڪ آف چليءَ جو صدر ساليونڊر آيندي هو جيڪو شعلن ۽ دونهن ۾ گھيريل پنهنجي آفيس ۾ سندن انتظار ڪري رهيو هيو جنهن کي سواءِ پنهنجي عظيم دل جي ٻئي ڪنهن جو ساٿ ڪونه هيو.... سندس شاندار جسم کي چليءَ جي فوجين مشين گنن سان چيري ڦاڙي پروڻ ڪري ڇڏيو. فوجين هڪ ڀيرو وري چليءَ سان غداري ڪئي هئي“.
هن ڪتاب جي ٽين شخصيت بوبي سئنڊس آهي. هن جو تعلق آئرش رپبلڪ آرميءَ سان هو جيڪا آئرلينڊ جي قومي آزاديءَ خاطر برطانوي سامراج سان ويڙھه کي قائم رکيو اچي. قومي آزاديءَ خاطر وڙهندڙن کي هر هنڌ ڌاڙيل ۽ دهشت پسند سڏي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. برطانوي هڪومت بوبي سئنڊس تي به اهڙائي ليبل هنيا. 27 سالن جي نوجوان بوبي سئنڊس کي گرفتار ڪري 14 سال سزا ڏني وئي هئي. هن مطالبو ڪيو ته کيس ۽ سندن ٻين ساٿين کي جيل ۾ سياسي قيدين جي حيثيت ڏني وڃي، ڇو ته پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌاڙيل يا دهشت پسند نه هوندا آهن، جو انهن کي اخلاقي ڏوهاريءَ جو درجو ڏنو وڃي.
انهن عظيم انقلابي شخصيتن کي سنڌي پڙهندڙن اڳيان قادر جوڻيجي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن توري عام ماڻهن جي ڄاڻ کي وڌائڻ ۽ صحيح سياسي شعور بخشڻ جي سلسلي ۾ ههڙي قسم جي ڪتابن جي گھڻي اهميت ۽ ضرورت آهي.

شوڪت حسين شورو       

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net