خليق جمالي

 

ڪتاب بابت:

اسان جو سماج زرعي سماج سڏائي ٿو، اسان جي سماج ۾ پڙهيل لکيل طبقو گھٽ ۽ هاري طبقو وڌيڪ نظر ايندو. ان جو شايد هڪ سبب اهو به آهي ته اسان وٽ بيروزگاري وڌي وڃڻ ڪارڻ ماڻهن جو تعليم ڏانهن لاڙو گهٽ رهيو آهي، انهي لاءِ سنڌ اندر هڪ چوڻي مشور آهي” اُتم کيتي، نيچ نوڪري“. اسان جو گھڻو سماج سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان محروم پڻ آهي، انهي لاءِ اسان جي سماج ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ ٻيون ٽيڪنالاجيز گهٽ استعمال ٿي رهيو آهن (اڳي کان سنڌي ماڻهو وڌيڪ سائنس ڏانهن لاڙو ڪري رهيا آهن). اسان جو هاري ويهي پراڻيون يوناني ڏندڪٿائون ته ٻڌائي سگھي ٿو، پر هو اڄ جي ماڪسزم ۽ سيڪيولر ازم جي ڄاڻ نٿو رکي، اسان جو ماڻهو لطيف ۽ سچل تي ته دسترس رکي ٿو پر گوئٽي ۽ شيڪسپيئر بابت ڪجهه نٿو ڄاڻي. انهي جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جو ماڻهو ٻاهر نڪتو ناهي. دنيا جا ماڻهو اهو ڄاڻ انٽرنيٽ وسيلي گھر ويٺي ئي حاصل ڪن ٿا. پر اسان جو سنڌي ماڻهو فجر جو ڍڳا ڇوڙي، شام جو واپس گھر ايندو آهي، رات جو اوطاق (ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا اوطاق آڪسفورڊ يونيورسٽي جو درجو رکندا هئا. پر اهي اوطاق هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا آهن) ۾ ويهي، پوءِ آرام ڪري صبح جو وري ساڳيو ڪم. بهرحال ڪهڙا به سبب هجن پر هڪ ڳالهه صاف آهي ته اسان جو ماڻهو ٽين دنيا ته ڇا پر ٻين دنيا جي ٽيڪنالاجيز کان به محروم آهي.
مون هن کان پهريان به ٻه مختلف سافٽويئرز بابت سنڌي ۾ گائيڊ (سمجهاڻيون) ڏيون هيون جيڪي تمام ننڍيون آهن، ان ۾ ننڍيون ننڍيون شيون ڏيون ويو آهن. گورن جي سامهون انهن جي ڪابه اهميت ڀلي نه هجي پر سنڌ (سنڌي ٻولي) اندر انهن شين جو وڏي کوٽ آهي. انهي لاءِ هي ننڍيون ننڍيون شيون اوهان جي سامهون رکندي به وڏي خوشي ٿيندي آهي ته اسان جي سنڌي ۾ ڪجهه مواد جو اضافو ته ٿيو. هن مان سنڌي ماڻهن خاص ڪري نوجوان طبقي کي ڪجهه فائدو ضرور پهچندو، آئون سنڌي نوجوانن کي هڪ عرض ڪندس ته اوهان به سنڌي لاءِ ڪم ڪريو، ٻيو نه ته ونڊوز پينٽ جي باري ۾ هڪ گائيڊ ته موڪيلو، ۽ آئون افسوس سان ٿو چوان ته ونڊوز پيٽ جهڙي ننڍي سافٽوير جي گائيڊ به اسان جي سنڌي ٻولي ۾ ناهي. ڪيڏي افسوس جوڳي ڳالهه چئبي ته سنڌي ٻولي ۾ ننڍيون ننڍيون شيون به ناهن ته اسان وڏي شيءِ جي دعوا ڪيئن ڪريون.
مون کي اميد آهي ته اوهان مووي ميڪر کي وڌيڪ ٽائيم ڏيندا، اوهان جيترو وقت ڏيندا اوترو اوهان جو ڪم خوبصورت طريقي سان ٿيندو، مون ڪمپيوٽر سکڻ لاءِ ڪو سينٽر جوائين نه ڪيو، آئون سڄي رات جاڳي ڪمپيوٽر جا مختلف سافٽويئر سکندو هئس، دراصل ڳالهه آهي دلچسپي جي، اوهان جڪڏهن مووي ميڪر يا ڪمپيوٽر ۾ دلچسپي وٺو ٿا ته پوءِ اوهان ڏاڍو سٺو ڪم ڪري سگھندا. جي اوهان جي دلچسپي ناهي ته پوءِ اوهان جو سکڻ مشڪل آهي.

خليق جمالي
8.1.2008
 

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net