ڪمپوزنگ: سوجهرو ۽ سارنگ منگي

 

ڪجهه ڪتاب بابت:

هيءُ ڪتاب منهنجي عقيدن جو ترجمان آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن ڪتاب ۾ مون پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر جي ترجماني ڪئي آهي. شهيد ڀٽو کي پاڪستاني فوجي ٽولي 1979ع ۾ جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ مون پنهنجي امڙ نصرت ڀٽو جي عقيدن جي به عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ اڄ ڪالهه ملڪ کان ٻاهر ڪينسر جو علاج ڪرائي رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هن ڪتاب ۾ مون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بي انتها سرگرم ڪارڪنن جي خيالن، عقيدن، نظرين ۽ پروگرام تي به روشني وڌي آهي.
پاڪستان جي سياسي زندگي ڊانواڊول ٿي چڪي آهي. پارٽيون فقط نالي ماتر قائم آهن. ان صورتحال کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي الڳ قرار ڏئي سگهجي ٿو. اها هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود عوام جي پيرن ۾ زنجير پاتل آهن. هو گڏجي جلسا ۽ مظاهرا ڪري پنهنجو آواز بلند نه ٿا ڪري سگهن.
هر هنڌ تي پاڪستاني هٿياربند فوج جو نادر شاهي راڄ قائم آهي. ان جي سربراهه جنرل ضياءَ الحق 5 جولاءِ 1977ع تي صبح جو سوير انتهائي مڪاريءَ سان اقتدار تي قبضو ڪري حڪومت سنڀالي ورتي هئي. هن هڪ شائستا ۽ جمهوري حڪومت جي سڄي نظام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. هن هر خودمختيار اداري مثلن اخبارن، پارٽين، عدالتن، وڪيلن ۽ بيرسٽرن جي بارن، منسوخ پارليامينٽ، ٽريڊ يونين ۽ دانش گاهن وغيره جو تاڃي پيٽو تباهه ڪري ڇڏيو. 1973ع جو آئين ڪيتري محنت ۽ خلوص سان تيار ڪيو ويو هو، هن حڪمران فوجي ٽولي ان کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. پاڪستان جي فوج جتي به پنهنجا قبضي گير قدم رکيا، اتي تباهيءَ ۽ برباديءَ پنهنجو ديرو ڄمايو. قاتل فوجي نظام يعني مارشل لا عوام جي ڇاتيءَ تي منڱ ڏرڻ ۾ ڪا به ڪثر باقي نه ڇڏي.
في الحال عوام جو آواز جنرل ضياءَءُ جي حڪم تي پنج لک کان وڌيڪ فوجي لانگ بوٽن جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو آهي. سندن دانهن ۽ چيٽن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. سرڪاري ڪنٽرول هيٺ هلندڙ ريڊيو ۽ ٽيليويزن کي اها هدايت ڏني وئي ته سندن نشريات حقيقتن کي لڪائيندي رهي. اخبارن جي ايڊيٽرن کي اذيت ناڪ سزائن جو خوف ڏئي پاڻ هرتو سينسر شپ هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان خوفناڪ سزا ۾ ڪوڙا (ڦٽڪا) هڻڻ جي سزا به شامل هئي. انهن سزائن جو تفصيل مارشل لا آرڊر (ايم ايل او) ۽ مارشل لا ريگيوليشنز (ايم ايل آر) ۾ درج آهي. اهي وحشانيت ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ تي ٻڌل سزائون فوجي عدالتن طرفان ڏنيون وينديون آهن.
ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو هيءُ سلسلو 6 سالن تائين جاري رهيو. هاڻي اهو اڻ ڄاڻايل عرصي تائين جاري رهي نه ٿو سگهي. عوام کي فوجي بوٽن جي هيٺان هميشه چيڀاٽي رکي نه ٿو سگهجي. عوام هڪ نه هڪ ڏينهن بغاوت جو جهنڊو ضرور بلند ڪندو. آزاديءَ جي متوالي پاڪستاني عوام 69-1968ع ۽ 1971ع ۾ به وقت جي حڪمرانن کي پنهنجي ٻرن مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو هو. جڏهن ظلم جي انتها ٿيندي آهي ته مظلوم ۽ بي وس عوام ”تنگ آمد به جنگ آمد“ موجب وقت جي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪندو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر ظالم ۽ جابر فوج کي گهٽين ۽ بازارن ۾ کلئي عام چئلينج ڪيو ويندو آهي، جيئن 1978ع ۾ ايران ۾ ٿيو، ان صورتحال ۾ ظالم حڪمران پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر هوا ۾ اڏامي ويندا آهن. آزاديءَ جي انتهائي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. پاڪستاني عوام اها قيمت ادا ڪري رهيو آهي.
ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر اسان سوڀارا ٿينداسين.
 

(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)      

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net