ڪمپوزنگ: مير اشفاق احمد ٽالپر

 

ڪجهه ڪتاب بابت:

اسان وٽ عام طور تي اهو تصور ڪيو وڃي ٿو ته عوام ۽ قومن سان لاڳاپيل اجتماعي سوچ، مفادن، حقن ۽ جدوجهدن جو ڪم فقط سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جو آهي. باقي سڄو معاشرو انهن سڀني ذميوارين کان آجو آهي. نه رڳو اهو پر اهو پروفيشنلزم، غيرجانبداريءَ، گھرداريءَ ۽ ڪم سان ڪم رکڻ جي بهاني پاڻ کي مطمئن ۽ خوش رکندو رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته عوام کي خوشحالي، برابري ۽ انصاف مهيا ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين جو هوندو آهي. پر معاشري ۾ رهندڙ مختلف فردن ۽ ادارن جي پڻ اها بنيادي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته اُهي عوام جي مفادن پٽاندڙ هلندڙ قومي عوامي ۽ جمهوري جدوجھد جو گھڻ ــــ طرفو ساٿ ڏين. اهي اخلاقي، عملي، معاشي ۽ شعوري خدمتن سان عوام جي حقن لاءِ ڪوشش ۽ جدوجهدن جو حصو بڻجي، ان کي سگھه بخشين.
جيڪو ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي، آئون سمجھان ٿو ته هڪڙي وڏي عرصي کان پوءِ سنڌيءَ ۾ ايترو نرالو، فڪر انگيز، مستقبل جا سياسي گس چِٽا ڪندڙ ۽ سياسي پارٽين لاءِ راهون ۽ رايا هموار ڪندڙ خيالن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ ماضيءَ ۽ حال جي تجربن جو گھرائيءَ سان ادراڪ ۽ مشاهدو ڪندي، مستقبل جي خدشن، امڪاني نقصانن ۽ اُميد ڀري جدوجھد جو نه صرف گھرائي سان تجزيو ڪيو ويو آهي بلڪ ان ۾ قومي، عوامي مفادن جي بچاءُ جا به رستا واضح ڪيا ويا آهن.
جامي چانڊيي جن موضوعن جي چونڊ هن ڪتاب ۾ ڪئي آهي، ان جي افاديت ۽ اهميت ايندڙ وقت ۾ سالن تائين اڃان وڌندڙ نظر اچي ٿي. جامي صاحب پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جي لحاظ کان هن وقت نوجوان ٽهيءَ ۾ صفِ اول جو دانشور ۽ ليکڪ آهي. مون هن کان تمام گھڻو سکيو آهي. ساڻس گڏجاڻين ۾ اڪثر فلسفي، سائنس، تاريخ، عظيم شخصيتن، بين الاقوامي ۽ قومي سياست تي بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن. پاڻ هميشهه خلوص، قرب ۽ شائستگيءَ سان ڪچهرين کي مچائيندو آهي. مون کين ڪڏهن به بحث ۾ اختلاف رکڻ دوران اجايو جذباتي ٿيندي نه ڏٺو آهي ۽ هميشهه کيس لکڻين توڙي ڪچهرين ۾ صاف ۽ مثبت سوچ سان سچ ۽ ساڃاهه جي ترجماني ڪندي محسوس ڪيو آهي. جامي نه رڳو ادب، صحافت، فلسفي، تاريخ ۽ سياست تي عملي عبور رکندڙ آهي. پر پاڻ سياسي جدوجھدن ۾ به عملي طور سرگرم رهيو آهي. سندس شائستگي، فهم، ساڃهه، مثبت سوچ ۽ عمل اسان نوجوانن لاءِ سدائين اُتساهه جو سبب رهيو آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ مايوسي، بي يقيني، خودقياسي ۽ فراريت جي ڪڏهن به گنجائش نه رهي آهي. جامي صاحب جي قومي ۽ عوامي مفادن سان ڪمٽمينٽ ۽ ايمانداري سندس لکڻين توڙي عمل ۾ واضح رهي آهي. خاص طور تي ايم ڪيو ايم تي لکيل سندس تازي ڪتاب ۽ هُن ڪتاب ۾ هُن دليريءَ ۽ ڏاهپ جو تسلسل قائم رکيو آهي.
هڪ طرف سنڌ ۾ سياسي جدوجھدن جو چاڙهه آهي، ته ٻي طرف بلوچستان ۾ عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سڌي ٽڪراءُ جو منظر سڀني اڳيان چٽو ٿي بيٺو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ پنهنجي باضمير قلم جي پختگيءَ سان سنجينده ۽ فڪر انگيز موضوعن تي نهايت سادي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ لکيل هي ڪتاب قوم ۽ عوام دشمن قوتن تي سنڌ جي شعور جو هڪ زبردست وار ۽ قومي بقا جي جدوجھد جي راه تي هلندڙ ساٿين لاءِ هڪ مشعل ثابت ٿيندو.
 

(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)      

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net