ڪمپوزنگ: عبداللطيف انصاري

ڪجهه ڪتاب بابت:

شاهه صاحب کان اڳ ۾ ڪيترائي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن ۽ پوءِ به گھڻا ٿيا آهن پر شاهه صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس مرتبو دنيا جي مکيه شاعرن سان شمار ڪري سگھجي ٿو. جهڙي طرح امراءُالقيس، قبل اسلام عرب جو وڏو قومي شاعر هو ۽ فردوسي ايرانين جو، ۽ شيڪسپيئر انگلنڊ جو، اهڙي طرح شاهه کي بجا طور تي سنڌ جو قومي شاعر سڏي سگھجي ٿو. ڇو ته شاهه صاحب کي سنڌ جي شاعرن ۾ خاص فوقيت حاصل آهي.

هي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه صاحب اڻ پڙهيل هو سو پوريءَ طرح صحيح نه آهي چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو سفر ۽ حضر ۾ هميشه پاڻ سان گڏ قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو رکندو هو. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ان وقت جي علم مان چڱيءَ ريت واقف هو. البت سنديافته عالم نه هئڻ ڪري هن کي علمي ماهرن ۾ شمار نه ٿو ڪري سگھجي. سندس ڪلام ۽ خيالات مان سندس مختلف ذريعن سان حاصل ڪيل معلومات جو پتو پئجي سگھي ٿو. سندس وفات به عين جذب جي حالت ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعو وٽن راڳ ٿي رهيو هو. جڏهن مجلس متي، تڏهن مٿس اچي جذب ۽ وجد طاري ٿيو. عين انهيءَ وقت سندس روح پرواز ڪري راهه رباني ورتي. سندس انتقال جي تاريخ 14صفر 1165هجري بمطابق 1752ع آهي. سندس مزار ڀٽ جي ڳوٺ ۾هالن جي شهر کان 4ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ آهي. سندس مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو. کانئن پوءِ سندن ڀائٽي جو پُٽ سيد جمال، سجاده نشين، ٿيو، اول ۾ گاديءَ تي تڪرار هو، پر آخر ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي فيصلي مطابق سيد جمال، سجاده نشين ٿيو. هن وقت سندس اولاد مان غلام شبير شاهه ولد سيد پير شاهه ڏنو شاهه سجاده نشين آهي. پير شاهه ڏنو شاهه فقيرتن ۽ درويش صفت بزرگ هو. سندس درگاهه تي هر جمع رات تي راڳ ٿيندو آهي ۽ هر سال تاريخ 14،15صفر جي ميلو لڳندو آهي. سندس سلسله طريقت جا مريد ۽ معتقد سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن.

ـــــــــــــــ   غلام مرتضى شاهه (جي. ايم سيد)     
(ڪتاب جي پيش لفظّ تان کنيل ٽۡڪڙو)
 

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 
 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net