ڪمپوزنگ: ڪوثر علي ڀٽو، سوڀو ديرو

ڪجهه ليکڪ ۽ ڪتاب بابت:

جبران خليل جبران جنهن دور جي پيداوار آهي، جنهن معاشري ۾ هن پنهنجو ٻالاپڻ کان جوانيءَ تائين، جيڪو ڊگھو عرصو بسر ڪيو، ان عرصي دوران، هن پنهنجي معاشري کي پنهنجي حساس طبيعت سان محسوس ڪيو. سندس دور مذهبي ڪٽرپڻي جو دور هو، جنهن ۾ عيسائي مذهبي رکوال، عام ماڻهن جي هر چرپر کي، سندن هر پسند کي، اڃان به سندن هر آزاد سوچ کي، مذهب جي آڙ ۾ آڻي، ٿڏي ڇڏيندا هئا ۽ کين هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ زندگي بسر ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا.
اهڙي معاشري ۾، جنهن ۾ رڳو خوف ئي خوف هجي، ماڻهو پنهنجي سمجھ ۽ سوچ آهر ،پنهنجي زندگيءَ کي بھتر کان بهتر ۽ بهترين ڪيئن ٿي بڻائي سگھيو. ان دور ۾ عيسائي ڪليسيا جي هٿ هيٺ حڪومتون هلنديون هيون ۽ اهي پڻ مذهبي اڳواڻن جي عقاب کان آجيون نه ٿي رھي سگھيون، جنھن ڪري ڪابه حڪومت چاهيندي به ماڻهن جي حقن جي حفاظت ڪري نه سگھندي هئي. جبران خليل ان کي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي جنم ڀوجبران کي پنھنجي جنم ڀوميءَ سان بيحد لڳاءُ هو ۽ هن پنهنجي معاشري جي اوڻائين ۽ براين جي نشاندهي ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ جيئن ته اها نشاندهي، ڪليسيائي قانون جي خلاف ڄاتي ٿي وئي، انڪري کيس ڪافر قرار ڏئي، ملڪ مان لوڌي ڪڍيو ويو،جنهن بعد هن ”خليل ڪافر“ نالي افسانو لکيو.
جلاوطني پنهنجي ليکي هڪ قيد آهي. اهڙو قيد، جنهن ۾ ماڻهو ظاهري طرح آزاد هجڻ جي باوجود، ڪڏهن به اوڏانهن وڃي نه ٿو سگھي، جنهن لاءِ هو زنده هجي. جنهن زمين جي مٽيءَ سان جڙيو هجي، ۽ جتي داڻو پاڻي کائي وڌيو ويجهيو هجي، جنهن ڌرتيءَ کي گلزار بنائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هجي، پنهنجي چاهت، پنهنجي خواب کي خوابن کان سواءِ پائي نه سگھي.
جبران پنهنجي جلاوطنيءَ جي دوران لکڻ بند نه ڪيو. سوچڻ ڇڏي نه ڏنو ، پنهنجي ديس جي معاشري جي هر برائيءَ جي نشاندهي ڪرڻ کان ڪين ڪيٻايائين. هن جون دوربين اکيون، آمريڪا ۾ ويهي لبنان جا نظارا ڏسنديون هيون ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي ماروئڙن تي مذهب جي آڙ ۾ وڙهندڙ هر ويل جو جائزو وٺندو رهيو. هن ايترو دور هوندي به پنهنجي مادر وطن ماڻهوئڙن جي اهنجن ۽ ايذائن کي پنهنجن لکڻين ۾ آڻيندو رهيو.
”بندي ٻيا قرار، اسان لوچيون لوھ ۾،
مٿي تن ترار، سدا ساميئڙن جي_ “
سندس لبنان لاءِ سوچ ۽ لوچ کائنس”تُنهنجو لبنان، منهنجو لبنان“ لکرائي.
ان جلاوطنيءَ جي دور ۾ به جو ڪجھ لکيائين، اهو ان ئي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن ٻوليءَ ۾، ماءُ جي جهوليءَ ۾ لوليون ٻڌيون هئائين. جنهن سان کيس بيحد لڳاءُ هو. پر هن هڪڙو ناولٽ انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو، اهو آهي The Prophet دي پرافٽ نه صرف آمريڪا ۾ مشهور ٿيو، پر اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اوترو ئي مقبول ٿيو،جيترو انگريزيءَ ۾ ۽ آمريڪا ۾ _
هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي.
جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
هن ناولٽ ۾ جبران جي پنهنجي انهن احساسن جي اپٽار آهي جيڪي هو پنهنجي ديس واسين ۾ ڏسڻ پيو گھري. حقيقت ۾ جبران جون سڀ لکڻيون، چاهي اهي افسانه هجن، چاهي ناولٽ هجن، چاهي سندس شاعري هجي، ان ۾ فيلسوفياڻا نقطا آهن، جيڪي عام انسانن سان گھرو تعلق رکن ٿا.
 

ـــــــــــــــ   ستار پيرزادو      
 

 
 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 
 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net