ڪمپوزنگ: شاهنواز سومرو، سکر

 

ڪجهه ڪتاب بابت:

 ”سانگھڙ“ جو پھريون ايڊيشن 1963ع ۾ ڇپيو. ايوبي آمريت جي انھيءَ دؤر ۾ ”سنڌ“ جو نالو وٺڻ، شيخ اياز جي چواڻي، ڄڻ ته ڪاريھر تي پير رکڻ ھو. سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪندڙ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ضبط ڪيا ويا. ڏيپلائي صاحب جا ٽي ڪتاب ”1957ع جي آزاديءَ جي جنگ“، ”غازي انور پاشا“ ۽ ”جاپاني گُڏي“ ضبط ٿيا؛ سنڌي زبان جي بي مثال ھفتيوار رسالي ”انسان“ تي بندش وڌي ويئي. خود ڏيپلائي صاحب کي به ٻه دفعا جيل ياترا ڪرائي، سندس ڪاروبار تباھ ڪيو ويو.
اھڙي ڏاڍ ۽ جبر واري دؤر ۾ ”سانگھڙ“ ذريعي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جاري رکڻ جي سعي ڪندي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالھ ڪئي ويئي. ھڪ طرف احساس ڪمتريءَ جي ماريل ۽ ھيسيل سنڌين کي سندن شاندار ماضيءَ کان آگاھ ڪيو ويو، ته ٻئي طرف ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ ذريعي مليل قومي حقن جو وستار ڪري، کين سندن بنيادي حقن جو احساس ڏياريو ويو. حُر تحريڪن جي حوالي سان کين احساس ڏياريو ويو ته حق شناسي، سرفروشيءَ ۽ جانثاريءَ ۾ سنڌي ٻين کان اڳرا آھن. سندن بزرگن جي ڪارنامن جو وستار ڪري انھن کي محدود گروھي دائري مان ڪڍي، ملڪ گير وسعت ڏيڻ، سندن ڪارنامن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ڪرڻ- اھي تمام وڏا ڪم ھئا، جن جو بنياد ”سانگھڙ“ ذريعي رکيو ويو. ’سيٺ سڳني مل‘ جي ڪردار ذريعي ٻڌايو ويو ته تحريڪ ڪنھن فرقي، جماعت يا مذھب تائين محدود نه ھئي.
سنڌ جي ھڪ نھايت اھم سياسي ۽ ادبي شخصيت کي جڏھن ڏيپلائي صاحب ”سانگھڙ“ پيش ڪيو، تڏھن سرورق تي شھيد بادشاھ جي شبيھ ڏسندي، ھن صاحب بي اختيار چيو: ”واھ- ڪھڙو نه شينھن مرد ھو!“
ڏيپلائي صاحب پنھنجي مخصوص لھجي ۾ زيرِلب مسڪرائيندي چيو: ”پر سائين جن ته شايد ھن شير مرد کي ڦاسي ڏيارڻ ۾ پيش پيش ھئا!؟“ ھن صاحب نھايت سنجيدگيءَ سان وراڻيو: ”ڏيپلائي صاحب! شينھن شڪار ٿيڻ کان پوءِ به شينھن ئي رھندو آھي- مُئل شينھن جي به ويجھو وڃڻ لاءِ به دل کپي!“ شھيد بادشاھ جي عظمت بابت، سندس خلاف سازشون ڪندڙ جا اھي لفظ گھڻو ڪجھ ٻڌائين ٿا.
مھذب دنيا ۾ آزاديءَ جي مجاھدن کي جماعتي، گروھي ۽ لساني اختلافن جي باوجود، مڃتا ۽ مانُ ڏيڻ قومي فرض سمجھيو وڃي ٿو. ڪانگريس، گانڌي ۽ نھروءَ جي ڪٽر مخالف سڀاش چندر بوس کي سرڪاري طرح ’نيتاجي‘ سڏيو ويندو آھي- سندس تصويرون سرڪاري آفيسن ۾ گانڌيءَ ۽ نھروءَ جي تصويرن سان گڏ لڳايون وڃن ٿيون- سندس ڪارنامن تي فلمون ٺاھيون وڃن ٿيون. ٽي ويءَ تي پروگرام اچن ٿا. سندس ٺاھيل ”آزاد ھند فوج“ جا سپاھي قومي ھيرو سڏجن ٿا. ڪاش! اسان جا حڪمران ۽ دانشور به شخصي، لساني ۽ جماعتي مفادن جي تنگ دائرن کان مٿڀرو ٿي سوچين.
ھن دور ۾ مھانگائي ۽ ٽي ويءَ، ڪتابن جي خريداري ۽ پڙھڻ لاءِ وقت ڪڍڻ البت مشڪل ڪري ڇڏيا آھن. دنيا ۾ ضحيم ڪتابن جي تخليص يا (Abridgment) انھن مسئلن جو ھڪ ڪارگر حل سمجھيو وڃي ٿو. خود ڏيپلائي صاحب به ترجمي جي حد تائين انھيءَ ٽيڪنڪ کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. سندس ٻه ترجما ”جاپاني گُڏي“ ۽ ”سِسي نيزي پاند“ انھيءَ ٽيڪنڪ جا ڪامياب مثال آھن. ”سانگھڙ“ جي موجودہ ايڊيشن ۾ ناول جي ھڪ حصي کي مختصر ڪري، ضحامت ۾ ڪي قدر ڪمي ڪئي ويئي آھي. اھو عمل نھايت احتياط ۽ ذميداريءَ سان ڪيو ويو آھي، جيئن ناول جي تسلسل، اھم واقعن، ڪردارن ۽ مقامن تي ڪوبه اثر نه پوي. اُميد ته پڙھندڙ ھن ڪوشش کي ستائش جي نظر سان ڏسندا.
 

(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)      

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net