ڪمپوزنگ: شاهنواز سومرو

ڪجهه ڪتاب بابت:

 ھن وقت سنڌ ۾ سماجي ابتريءَ جي صورتحال بيحد ڏکائيندڙ آھي. ان جي وڏن سببن مان ھڪ اھم سبب سماج جي مختلف طبقن پاران پنھنجي ذميدارين ۽ فرائض جي ادائگيءَ ۾ شعوري ۽ غير شعوري ڪوتاھي آھي.
ھن ڪتاب جو مقصد سماج جي مختلف طبقن جو پنھنجي ذميداراڻي ڪردار جي طرف توجه ڇڪائڻ آھي. سماج جا مختلف اھم طبقا جيڪڏھن پنھنجي مٿان لاڳو اخلاقي، سماجي ۽ پيشه ورانه ذميداريون ۽ فرائض پوريءَ طرح سرانجام ڏيڻ شروع ڪن ته موجود ابتريءَ جي صورتحال ۾ خرابين کان ڪافي حد تائين بچي سگھجي ٿو.
انھن ذميدارين ۽ فرائض جي عدم ادائگيءَ جي ڪري جتي اسان سنڌي سماج جي لاءِ ڄاڻي واڻي ھٿ وٺي تباھيءَ جا ذميدار بڻجون ٿا. اتي اسان پنھنجي شخصيت ۽ ماڻھپي جي ترقيءَ جا پڻ دشمن بڻجون ٿا. انھيءَ ڪري جو ماڻھوءَ جي شخصيت جي ارتقا ۽ ماڻھپي جي تڪميل جو تعلق سماج ۾ سندس ذميدارين جي ڀرپور ادائگيءَ سان ئي
آھي.
ھيءُ ڪتابڙو سنڌ جي مختلف اھم شعبن جي ماڻھن کي پنھنجي عملي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ آئيني جي حيثيت رکي ٿو. جنھن ۾ ھر ھڪ مخاطب پنھنجو جائزو وٺي ڏسي. اھو واضح ھجي ته ھتي جن ماڻھن کي پنھنجي عملي ڪردار جي حوالي سان مخاطب ڪيو ويو آھي، سي سڀ جو سڀ انھن شعبن جي ڀينگ جا ذميدار ناھن. انھيءَ ڪري ھن آئيني ۾ جيڪو مخاطب پنھنجي عملي ڪردار ۾ سنواريل آھي، سو الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري، پاڻ کي وڌيڪ مؤثر سرگرميءَ سان سماج لاءِ ڪارآمد بڻائي ۽ جنھن کي خرابيون محسوس ٿين ته اھو آئيني تي ڪاوڙجڻ بدران پاڻ کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪري. پنھنجو اصل وساريل ڪم ياد ڪري ۽ پنھنجي بي عمليءَ تي پنھنجي نفس جو احتساب ڪري. اھڙيءَ طرح انسان جي سندن تخليقي مقصدن کي سجايو ڪرڻ لاءِ عمل تي آمادہ ڪرڻ، ھن ڪتاب جو مقصد آھي.
ھن ڪتابڙي ۾ سنڌ واسين جي ذھنن، روحن ۽ قلب جي دروازي تي دستڪ ڏني ويئي آھي. انھيءَ دستڪ جو آواز اسان پنھنجي چوڌاري وڌ کان وڌ ماڻھن تائين رسائي ھڪ طرف پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي قوم لاءِ ذميداريءَ جو ثبوت ڏينداسين ته ٻئي طرف پنھنجي ماڻھن ۾ خدا پرستي ۽ انسان دوستيءَ جي جذبي کي سگھارو ڪرڻ جو ڪارڻ به بڻباسين.
                                                                                           ــــــــــــــــــــــــ نور احمد ميمڻ

 

 

ڪتاب مان کنيل ٽڪرو:

 اسان جي ڀٽڪڻ اسان کي بيحد ڀوڳايو آھي. پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به عذابن مان گذريا آھيون ۽ قومي زندگيءَ ۾ به اسان جي ڀوڳنائن جو ڪو انت ڪونھي. انھيءَ ڪري اچو ته پاڻ بدلايون ۽ فضيلتن ۽ ماڻھپي جو، خدا کي گھربل نئون جھان اڏيون. سڀ کان پھرين پنھنجي خواھشن ۽ ماحول جي اثر ۾ چونڊيل ڪوبه ھٿ ٺوڪيو مذھب ۽ طريقو پنھنجي مٿان مسلط نه ڪريون بلڪه اھڙا سڀ طريقا ڇڏي پالڻھار جي پاران انسانيت جي لاءِ موڪليل حتمي ھدايت قرآن جي ذريعي پنھنجي خلقيندڙ ۽ پالڻھار ذات سان وفاداري ۽ اطاعت جو عھد ڪريون. الله تعاليٰ جي ٻڌايل ضابطن کي اکين تي رکئون ۽ سندس رضا ۽ مھربانيءَ کي ان جي خلق ۾ تلاش ڪريون. صرف قرآن کي پنھنجو مرشد، ھادي ۽ رھنما بڻائي ان جي ھدايت کي پنھنجو لائحه عمل بڻايون. پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرڻ بند ڪريون ۽ انساني مقصدن ۾ سڀ جو خير گھرڻ شروع ڪريون. پنھنجي وسيلن ۽ ھوند کي پاڻ وٽ مالڪ جي امانت سمجھي جيئن پنھنجي اولاد تي خرچ ڪريون تيئن حال سارو پنھنجي عزيزن ۽ چوڌاري ماڻھن جو حصو به ان ۾ سمجھون. پاڻ ۾ قربانيءَ جو ڪلچر پيدا ڪريون ۽ ھر ھڪ مسلمان ۽ ھم وطن کي عملي طرح پنھنجو ڀاءُ مڃڻ شروع ڪيون.
ـــــــــــــــــــــــــــ  ارڙھين صديءَ ۾ اسان جو واسطو ڌرتيءَ جي بدترين عالمي ڦورن ۽ غنيمن يعني انگريزن سان پيو جن اسان کي غلام بڻائي ورتو. ھنن کي، ڌرتيءَ تي سوين قومن کي غلام بڻائي کين پنھنجي پنجي ۾ ڦاسائي رکڻ جو ھڪ عالمي رڪارڊ حاصل ھو. ھنن اسان جي غلاميءَ کي سگھارو ڪرڻ رکڻ لاءِ سنڌ کي بمبئيءَ سان ڳنڍي ھڪ طرف اقتصادي طور اپاھج ۽ لاچار بڻائي ڇڏيو ته ٻئي طرف ھندو مسلم نفاق جو ٻج ڇٽي مستقل سياسي عدم استحڪام ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. ھنن جاگيرداري ۽ مرشديءَ جي مشرڪاڻي سسٽم کي سگھارو ڪيو ته جيئن اسين جھالتن ۽ محڪوميءَ جي گھڻين ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل ھجون. ھنن اسان کي ھڪ الله جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جي لاءِ غلامين جون سوين صورتون پيدا ڪري ڏنيون ته جيئن ان سان اسان انيڪ ڏچن جي ور چڙھيل ھجون. ھنن ڇھ ھزار ماڻھن تي مشتمل خانگي ڊريس ۾ ھڪ انٽيليجنس فورس تيار ڪئي، جنھن ۾ جعلي مرشدن، مولوين ۽ ڪاٽڪو معتبرن جي لوڌ پيدا ڪري اسان جي سماج کي جھالت، فرسودہ عقيدن ۽ ھاڃيڪار روايتن ۾ وڪوڙي ڇڏيو. پوءِ جڏھن اسان ھڪ الله جو در ڇڏيو ته سوين غلامين اسان ۾ واسو ڪري ورتو. ائين ڏيڍ سؤ سالن جي غلاميءَ جي پنجوڙن اسان جي سماجي نقشي کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ـــــــــــــــ
اسان جي توحيد پرست عالمن ۽ اڳواڻن توحيد جي پيغام ذريعي ھميشه اسان جي جھالتن ۽ بد رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعليم، تبليغ ۽ تربيت ذريعي ھر دور ۾ وڏا وس ڪيا. انھن اسان کي انگريزن جي غلاميءَ مان ڪڍڻ جون پنھنجي جاءِ تي وڏيون ڪوششون ڪيون پر ھينئر ڌرتيءَ جي بدترين غاصبن سان واسطو پيل ھو. پير صبغت الله راشدي (پھرين ۽ ٻئي) حر تحريڪن جي ذريعي، سيد تاج محمد امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري ريشمي رومال تحريڪ جي ذريعي انگريزي اقتدار جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو. پر چالاڪ انگريزن پنھنجي انٽيليجنس ايجنٽن جي ذريعي ھنن تحريڪن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ عوام جون تحريڪون بنجڻ نه ڏنو ۽ وقت کان اڳ ۾ ئي انھن کي چٿي ڇڏيو. 1857ع جي جنگ آزادي، حر تحريڪ، ريشمي رومال ۽ ٻين تحريڪن انگريزن کي نيستو ضرور ڪري ڇڏيو ھو. پوءِ جڏھن ٻي عالمگير جنگ جي پڄاڻيءَ تي انگريزن ھندوستان کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ته اسان جي سنڌ کي اُن جي اصلي صورت ۾ آزاد ڪرڻ بجاءِ ھن خطي ۾ پنھنجي عالمي سامراجي مفادن جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل ڪارن انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان جا نوان آقا پنھنجي پيشرو (انگريز) آقائن کان مختلف ثابت نه ٿيا. اسين حقيقي آزاديءَ جي عمل مان ڪونه نڪتاسون. فرق رڳو ھيءُ ھو ته اسان اڇن جي بدران ڪارن جا غلام بڻيل رھياسون.

                                                                      (ڪتاب مان کنيل ڪجھه ٽڪرا)

 
 

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪريو

 

      ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ رائٽ ڪلڪ ڪري Save Target As تي ڪلڪ ڪريو. ياد رهي ته تمام ڪتاب پي ڊي ايف فارميٽ ۾ آهن، جنن کي کولڻ لاءِ توهان کي ايڊوب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ  ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.


 

Back

 

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منگريو
ديدار علي ڌاريجو

 


www.sundarhost.com

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net