وائيس آف سنڌ جو سفر

                                ــــــــــــ  ايڊيٽوريل

25 جولاءِ 2009ع وائيس آف سنڌ جي پنجين سالگرهه ملهائجي رهي آهي اهڙي طرح سان دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن جي هي پنهنجي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ويب سائيٽ پنهنجي ٺهڻ جا 5 سال پورا ڪندي ڇهين سال ۾ پير پائي چڪي آهي.

ساٿيو! ماضي ۾ اسان تمام تيزيءَ سان انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌيءَ ٻولي جي مواد جي واڌاريءَ جي لاءِ ڪوشش پئي ڪئي آهي پر گذريل سال ڏيڍ جي عرصي کان توهان محسوس ڪيو هوندو ته اسان جي طرفان ويب سائيٽ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو سلسلو ڪجھه ڌيمي رفتار سان رهيو آهي يا کڻي ائين چئجي ته ماهوار طور ويب سائيٽ اپڊيٽ ٿيڻ جو سلسلو برقرار رهي نه سگھيو آهي جئين ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته وائيس آف سنڌ، سنڌ جي هڪ پسمانده ۽ پٺتي پيل لاڙ واري علائقي مان سنڌ جو آواز ٿي اڀري آهي ۽ پاڪستان خصوصن سنڌ ۾ جاري بجلي جي بحران جتي ٻين شعبن ۽ زندگيءَ جي معمول جي ڪاروهنوار تي اثر وڌو آهي اُتي بدقسمتيءَ سان وائيس آف سنڌ پڻ انهي بحران جي زد ۾ آئي آهي ۽ اسان وائيس آف سنڌ جي اپ ڊيٽ ٿيڻ جي تسلسل کي جاري نه پيا رکي سگھون.

موجوده صورتحال کي سامهون رکندي اسين چاهينداسين ته ويب سائيٽ جي اپ ڊيٽ ايڊيشن کي ماهوار بجاءِ سلسليوار يا مرحليوار ڪريون ته جئين به جڏهن به اسان وٽ دوستن طرفان موڪليل مواد ڪنهن اپ ڊيٽ ايڊيشن جيترو جمع ٿي وڃي ته انهيءَ کي ترتيب ڏيئي ويب سائيٽ تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. اسان هميشهه جيان هڪ دفعو ٻيهر هن موقعي جي مناسبت جي حوالي سان توهان کي اهو عرض ڪنداسين ته جهڙي طرح توهان ماضي ۾ اسان سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌاريءَ جي لاءِ پنهنجو تعاون ڪيو آهي ان سلسلي کي اهڙي ريت جاري رکندا ته جئين اسان ويب سائيٽ جي اپ ڊيٽ کي برقرار رکي سگھون. اسين پُر اميد آهيون ته انهيءَ سلسلي ۾ توهان ضرور اسان سان پنهنجو ساٿ نڀاهيندا ۽ ويب سائيٽ جي اپ ڊيٽ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ تمام تر مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي باوجود به پنهنجو ڪم جاري و ساري رکندا. ڇاڪاڻ ته وائيس آف سنڌ اسان سڀني جي قومي ويب سائيٽ آهي هي ڪنهن هڪ فرد واحد جي ذاتي ويب سائيٽ يا ملڪيت نه آهي پر هي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اسان جي سنڌيءَ ٻولي ۽ ان جي ادب جي ترجماني ڪندڙ ويب سائيٽ آهي تنهن ڪري اسان سڀني سنڌي ڳالهائيندڙن جو فرض ٿو بڻجي ته هر ممڪن طريقي سان وائيس آف سنڌ جي سفر جا ساٿي بڻجي انٽرنيٽ تي سنڌي ادب جي تيز رفتار منتقليءَ کي يقيني بڻايون. ته جئين جديد ٽيڪنالاجيءَ واري هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ پٺتي رهڻ بجاءِ هر قدم اڳتي وڌندي رهي.

وائيس آف سنڌ جي سالگرهه جي حوالي سان ويب سائيٽ جو خصوصي سالگرهه ايڊيشن اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌي ادب جا مشهور ڪتاب ۽ ٻيو ادبي مواد انٽرنيٽ تي توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنن به دوستن هن ايڊيشن لاءِ پنهنجو مواد موڪليو آهي اسان انهن جي اهڙي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ انهن جي قومي خدمت ۽ سنڌيءَ ٻولي سان محبت جي جذبي کي سلام ٿا پيش ڪريون.

ساٿيو! ڪميپوٽر وقت جي هڪ اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي اڳي جي بنسبت هاڻ اسان وٽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي به ڪافي ماڻهن وٽ ڪمپيوٽر موجود آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪميپوٽر کي جتي اسان تفريح ۽ پنهنجي تعليمي صلاحتين وڌائڻ توڙي روزگار جي حصول جي لاءِ استعمال ڪريون ٿا ته اُتي ڪجهه اُن جو پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ به استعمال ڪريون. سنڌيءَ ٻولي جي ڪميپوٽر ۾ سپورٽ ۽ ان جو سافٽ ويئر محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ صاحب جي ڪوششن سان گھڻو اڳ وجود ۾ اچي چڪو آهي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ جو رواج اڃان تائين عام نه ٿي سگھيو آهي. اسان جي نوجوانن، شاگردن ۽ خصوصن ادب سان واسطو رکندڙن کي هن طرف ڌيان ڏيئڻ جي ضرورت آهي ڪمپيوٽر ۾ سنڌيءَ لکڻ جي لاءِ ڪنهن به خاص مهارت جي ضرورت نه آهي جهڙي طرح انگلش لکي وڃي ٿي اهڙيءَ طرح سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ صاحب جي ٺاهيل ايم بي سنڌي سافٽ ويئر سان سنڌيءَ لکي سگھجي ٿي ۽ شروع شروع ۾ پيش ايندڙ مشڪلات يا تڪليف هفتي ڏيڍ جي پرئڪٽس کان پوءِ خود بخود ختم ٿي وڃي ٿي. سنڌيءَ ٻولي جو مستقبل ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ آهي جيترا وڌيڪ سنڌي نوجوان ڪمپيوٽر تي سنڌيءَ ٻوليءَ جو استعمال ڪندا اوتري ئي وڌيڪ سنڌي ٻولي جي پائيدار ترقي ممڪن بڻجي سگھندي ۽ سنڌيءَ ٻولي ۾ نون ڪمپيوٽر سافٽ ويئرز جي لاءِ راهون کُلنديون اسان مان هر هڪ کي اها ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته ڪمپيوٽر ۾ سنڌي لکڻ جو سافٽ ويئر عام ٿئي، پنهنجن دوستن، اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ان حوالي سان ٽريننگ ڏيئي تيار ڪري سگھجي ٿو. هوئن ته سرڪاري طرح ڪافي ادارا ٻوليءَ جي ترقيءَ جي هام هڻڻ ۾ پورا آهن پر اڄ ڏينهن تائين به سنڌيءَ ٻوليءَ جي ڪنهن سرڪاري اداري اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته ڪمپيوٽر ٽريننگ جي سينٽرن تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي سکيا به ممڪن بڻائي وڃي.
 

سنڌ سلامت ــــــــــــــــ ساٿ سلامت


پراڻا ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽر

عبدالعزيز منڱريو

 

 

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

 

 

Space Available for Advertisement!

For more information:

Click Here

 


Space Available for Advertisement!
For more Information: Click Here
 

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net