|
پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي سافٽ وئير انسٽال ڪريو!
ـــــــــــ آفتاب احمد
مائيڪروسافٽ
ونڊوز ايڪس پي ۾ پراڻين ونڊوز جي مقابلي ۾ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا. جن
۾ ڪسٽمائز ڪيبورڊ سسٽم پڻ آهي. جيتوڻيڪ اِهو فيچر ونڊوز 2000 ۾ پڻ موجود آهي پر
ونڊوز ايڪس پي ۾ انهيءَ فيچر کي اڃان به وڌيڪ موثر بڻايو ويو آهي.
ڪمپيوٽر ۾
سنڌي لکڻ لاءِ ڪيترائي سافٽ وئير استعمال ڪيا ويندا آهن جنن ۾ خطاط ۽ ان پيج
سرِفهرست آهن. پر ”ايم بي سنڌي“ سافٽ وئير جي اچڻ سان انهن جو استعمال آهستي آهستي
گهٽ ٿي رهيو آهي. انهيءَ جا ڪيترائي سبب آهن جنن ۾ هڪ اهم هيءُ به آهي ته ”ايم بي
سنڌي“ مڪمل يونيڪوڊ بيسڊ آهي تنهن ڪري انهن جي فونٽس جي تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌي
رهي آهي. ٻيو اِهو ته هيءُ سافٽ وئير مڪمل طور تي فري وئير آهي ۽ توهان انهيءَ کي
بلڪل مفت استعمال ۽ ڊسٽريبيوٽ ڪري سگهو ٿا.
هيٺ اسين ايم
بي سنڌيءَ کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ جو طريقو تحرير ڪريون ٿا.
ياد رهي ته
ايم بي سنڌيءَ سافٽ وئير کي ونڊوز ايڪس پي ۾ انسٽال ڪرڻ لاءِ توهان کي ”ونڊوز ايڪس
پي“ جي سي ڊي ضرور کپندي.
1.
ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊيءَ کي سي ڊي روم ۾ لڳايو.
2.
اسٽارٽ مينو مان
Settings
۽ پوءِ
اتان
Control Panel
تي ڪلڪ ڪريو.

3.
ڪنٽرول پينل مان
Regional and
Language Options
تي ڪلڪ ڪريو.

4.
هڪ
ڊائيلاگ باڪس کُلي ايندو، اُتي
Languages
جي ٽيب تي ڪلڪ ڪريو.
5.
اُتي
Install Files for complex script and right-to-left languages
جي چيڪ باڪس کي چيڪ ڪريو.

6.
انهيءَ سڄي ڪم کان پوءِ
OK
تي ڪلڪ
ڪريو.
7.
ونڊوز توهان کي ري اسٽارٽ جو پڇندي. توهان
ok
تي ڪلڪ ڪريو ته جيئن ونڊوز ري اسٽارٽ ٿي وڃي.

8.
جڏهن ڪمپيوٽر وري مڪمل طور تي کُلي وڃي، ته توهان ايم بي سنڌيءَ جي سي ڊيءَ کي سي
ڊي روم ۾ لڳايو ۽
MB SINDHI
KEYBOARD
جي سيٽ اپ تي ڊبل ڪلڪ ڪري کوليو.

-
سيٽ
اپ سڀ ڪم پاڻهي ڪري وٺندو. ڪجھ دير کان پوءِ هڪ ونڊو ٻي ايندي. توهان اُتي
close
بٽڻ تي ڪلڪ ڪري ڇڏجو.

10.
انهي سڄي ڪم کانپوءِ اوهان وري ساڳي هنڌ وڃو يعني ڪنٽرول پينل مان ريجنل اينڊ
لينگويج سيٽنگ تي وڃو ۽ پوءِ اتان لينگويج ٽيب تي ڪلڪ ڪريو. ۽ پوءِ اتان
Details
بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

11.
انهي کانپوءِ
Add
بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

12.
هاڻ
Input
لينگويج مان ڪابه
Right to Left
ٻولي منتخب ڪريو. مثال طور
Farsi
سليڪٽ ڪريو.

13.
انهي کانپوءِ
keyboard
Layout/IME
مان
MBSindhi 2004
سلڪيٽ ڪري
Ok
ڪريو.



هاڻ اوهان وٽ سنڌي جي سپورٽ ان ايبل ٿي وئي آهي. هاڻ توهين ڪنهن به پروگرام ۾ جهڙوڪ
مائيڪرو سافٽ ورڊ يا اهڙن ٻين پروگرامن ۾ سنڌي لکي سگهو ٿا. سنڌي لکڻ لاءِ لينگويج
بار مان
Farsi
سليڪٽ ڪريو ۽ پوءِ سنڌي لکو.
سنڌي ٽائيپنگ
ڪيئن ڪجي؟
ايم
بي سنڌيءَ سافٽ وئير انسٽال ٿيڻ کان پوءِ توهان جي ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي هڪ
”لينگويج بار“ اچي ويندي. جنهن تي ڪلڪ ڪري ئي توهان انگلش ۽ سنڌيءَ ڪيبورڊ تبديل
ڪري سگهو ٿا. مثال طور توهان
Farsi
لينگويج کي سليڪٽ ڪريو ۽ پوءِ ورڊ يا ٻئي ڪنهن سافٽ وئير ۾ سنڌي ٽائيپ ڪريو.
|