بکر
شمس العماء مرزا قليچ بيگ

    فارسيءَ ۾ هن کي بهڪريا يا ڀڪر ڪري لکندا آهن ۽ انهيءَ جو اصل نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو. تڏهين الور (هاڻوڪو اروڙ) وڏو شحر هو. جڏهين اهو فٽو؛ تڏهين بکر آباد ٿيو ۽ پوءِ الور پاڻ انهيءَ جي ٻهراڙيءَ جو ڳوٺ ٿيو. پهرين پهرين سيد محمد مڪئي مشهدي اُتي آيو؛ جو سيد محمد شجاع جو پٽ هو ۽ جنهن جي ماءٌ مشهور شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻي هئي ۽ مڪي ۾ ڄائو هو. جڏهين هن پريندي اچي انهيءَ فرسته شهر ۾ پير پاتو؛ تڏهين فجر جو وقت هو؛ جنهن کي عربيءَ ۾ بُڪرٗ﷥ًﷺ﷦ة چوندا آهن. سيد لهڻ سان چيو ته جَعَل الَله بُڪَرتي في بُقعة المُبارڪ يعني خدا تعالى منهنجو صبح، هن برڪت واري ڳوٺ ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ فرسته کي بڪره سڏڻ لڳا، جو پوءِ بکر سڏجڻ لڳو. اُتي جا سيد محمد مڪئيءَ جو اولاد آهن.

    ڪن جو چوڻ آهي ته لهڻ کان اڳي سيد محمد مڪئيءَ کان سندس ماڻهن پڇيو ته ”ڪٿي بار لاهيون؟“ چيائين ته ”جتي صبح جو ڍڳي جي رنڀ ٻڌو.“ ڍڳي کي عربي ۾ بقر چوندا آهن. انهيءَ هنڌ تي هنن اهڙو آواز ٻڌو ۽ اتي لهي پيا. انهيءَ کان پءِ ڳالهائڻ ۾ بکر ٿي ويو. اڪبر بادشاه جي ڏينهن ۾ مير معصوم شاه ڦِٽل الور جي سِرن مان اُتي قلعو ٺهرايو ۽ سکر ۾ مينارو به جوڙايائين، ۽ اهو قلعو پوءِ نادر شاھ اچي ويران ڪيو. بکر جوقعلو پهرين پهرين شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو، جنهن اهو شحر ورتو. انهيءَ جي قبر گُجي ۾ آهي، جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي. انهيءَ تي سنه 171 ؛ 787ع لکيل آهي. انهي4 مرمت وري شاه بيگ ارغون ڪئي، جنهن سيد ۽ ٻيا ماڻهو لڏايا.

    بکر ۽ ان جي آسپاس لوهري يا روهڙي سميت جيڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا ۽ جن جون قبرون اُتي آهن، تن مان ڪي مٿين (1) سيد محمد مڪئي ۽ (2*) حيدر حقانيءِ کان سواءِ هيٺ ڏجن ٿا: (3) شاه حاجي دريائي. انهيءَ جي نسبت ۾ چوڻ ٿو اچي ته انهيءَ هنڌ هڪڙي انڌي قلندر مڇي مارڻ لاءِ ڪنڍي وڌي هئي. هڪڙي صندوق ۾ ڪنڍي وڃي اٽڪيس. آخر اُها ڪڍيائين ته اکين کان سڄو ٿيو ۽ ڏسڻ لڳو. صندوق کوليائين ته انهيءَ ۾ هڪڙي لاش پيئي هئي. جا کڻي پوريائين. خواب ۾ هن کي معلوم ٿي ته انهيءَ فوتي جو نالو شاه حاجي آهي ۽ عرب مان هليو هو، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي مرشد بهاءٌالدين جي پاسي ۾ دفن ٿئي. انهيءَ بزرگ جي قبر به اُتي درياه جي ڪنڌيءَ تي هئي. هن جي لاش به خدا جي قدرت سان اُتي اچي نڪتي. اهي ٻئي قبرون اُتي گڏ آهن. (4*) شاه مقصود، جنهن جو لقب ”موجود“ هوندو هو. انهيءَ جي قبر اُمرڪس جي هُن ڀر آهي. هر سال هر مهيني جي 14 تاريخ آچر جي ڏينهن ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ رات چوندا آهن ته اُتي غيبي بازاريون لڳنديون آهن. هڪڙي ڀيري ڪنهن شخص انهيءَ غيبي بازار جي هڪڙي دڪان وٽ پنهنجي ترار گروي رکي. صبح جو بازار جو نشان ئي اُتي ڪونه هو. جڏهين انهيءَ مٿين حقيقت جي خبر پيس، تڏهين ٻئي مهيني تائين منتظر رهيو. جڏهين ٺهرايل رات آئي، تڏهين انهيءَ ساڳئي دڪان تي وڃي پنهنجي ترار ڇڏايائين. شاه مقصود جو ڀاءٌ حاجي غيب جي به اُتي قبر آهي. (5*) شيخ نوح ڀکري هڪڙو وڏو شيخ ٿي گذريو آهي، جو شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو مريد هو. بکر ۾ رهندو هو. (6) مير ابوالغيث بکر جي وڏن سيدن ۽ اميرن مان هو، نهايت پرهيزگار شخص هو. (7) مير ابوالبقا به بکر جي وڏن ساداتن مان هو. همايون بادشاه جڏهين اُتي آيو، تڏهين هو اُتي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ وڏي عزت حاصل ڪيائين؛ پر بکر جي ڪامورن انهيءَ ڳالھ ڪري هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو ۽ همايون کي هن جو ڏاڍو ڏک ٿيو.

    سنه 624ھ : 1227ع ۾ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الدين محمد بن اسعد بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ ناصر الدين کي ڀڄائي ڪڍيو، جو درياه لنگهندي اتفاق سان ٻڏي مُئو. سنه 649ھ : 1251ع ۾ ناصر الدين محمود بن التمش وڏي لشڪر سان بکر جو قلعو اچي ورتو ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ڏي ويو. سنه 696ھ : 1296ع ۾ سلطان علاءٌالدين جي حڪم پٺيان نصرت خان ڏهن هزارن ماڻهن سان بکر ۾ آيو ۽ مخالف قومن کي امري مڃايائين ۽ پوءِ هيٺ سيوهڻ ۽ ٺٽي تائين به ويو. سنه 720ھ : 1320ع کان پوءِ سگهوئي سلطان غياث الدين تغلق شاه دهليءَ جي بادشاه سنڌ ۾ سومرن جي فساد جو ٻڌي خواجه خطير کي بکر جو حاڪم ڪري موڪليو. سنه 752ھ : 1351ع ۾ جڏهين فيروز شاه دهليءَ جو بادشاه ٿيو، تڏهين ٺٽي ۾ سورمن کي شۡڪست ڏيئي موٽي بکر ۾ اچي ويھ ڏينهن رهيو ۽ مَلَڪَ رُڪن الدين کي پنهنجي پاران سنڌ جو نائب مقرر ڪري اتي رکيائين ۽* اخلاص خان لقب ڏنائينس *۽ مَلڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان يا مالي حاڪم مقرر ڪيائين. 772 ھ : 1370ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاھ ڪئي ۽ پهرين بکر وٺي پوءَ سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏي ويو. سنه 755ھ : 1354ع ۾ ڄام اُنڙ سمي اچي بکر ورتو ۽ دهليءَ جي بادشاه سلطان علاءٌالدين جي حڪم سان مَلڪ تاج الدين ڪافوريءَ اچي بکر ورتو. جڏهين مرزا پير محمد تيمور خاني بکر ۽ آسپاس جي فسادين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪاهي آيو، تڏهين بکر جي شهر جا ماڻهو ڀڄي ويا؛ پر اتي جي سيدن جي منت آزيءَ تي هن انهن کي معافي ڏني. ڄام نظام الدين يا نندو سنه 896ھ : 1490ع ۾ ٺٽي کان بکر آيو ۽ اتي هڪ ورهيه اچي رهيو ۽ فسادي قومن کي سيکت ڏنائين.

بکر جي باري ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.
 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com