ٽالپرن جي دور جي سماجي صورتحال

مرحوم رحيمداد خان مولائي شيدائي جي ڪتاب جنت السنڌ تان ورتل

           ٽالپرن جڏھن سنڌ فتح ڪئي ھئي، ان وقت مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ ڪري سنڌ جا شھر ۽ وسندڙ ڳوٺ  بلڪل ويران ٿي ويا ھئا. مورخ الفنسٽن، مدد خان جي ڪاھ کي قيامت صغرى لکي ٿو. ھر ڪا فاتح قوم پنھنجن ناانصافين کي ۽ ڪيلن گناھن کي تي پردي وجھڻ لاءِ مغلوب قوم تي نازيبا الزام مڙھي، ان کي بدنام ڪري ۽ پنھنجن ڪافر ماجرائن کي حق بجانب ڏيکارڻ لاءِ ڪوشش وٺندي آھي. مغربي قومن مان خاص ڪري انگريز خاص ڪري اھڙي فن ۾ ڪامل عيار آھن. سندن قوم جي مورخن ٽالپر حاڪمن جي راڄ کي مفت ۾ بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي. ان ۾ شڪ ڪونھي انگريزي راڄ ۾ ميونسپالٽين، آگبوٽن، تار برقي، ريلوائين، ھوائي جھازن جون نعمتون ھندستانين کي نصيب ٿيون، مگر جنھن زماني جو بيان اسان ھت لکي رھيا آھيون، انھن ڏينھن ۾ ھندستان جا باشندا مٿين ترقئ جي نعمتن کي فرنگي جي دائمي غلامي ھيٺ رھڻ لاءِ فولادي زنجيرون تصور ڪندا ھئا. ھندستان جو آبادگار توڙي دولتمند طبقو انگريزي راڄ کان نالان ۽ پريشان ھو. ھو گذريل سادگي ۽ آسودگي جي دور کي ياد ڪري رت رئندا ھئا. اھو ئي سبب ھو، جو جڏھن سنڌ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 14 ورھيه مس گذريا ھئا ته سڄي ھندستان اندر انگريزن خلاف بلوو پئجي ويو. جيڪڏھن سک ۽ گورکا مٿئين بلوي ۾ انگريزن جي مدد نه ڏين ھا، ته 1947 کان گھڻو اڳ انگريزن جا ھندستان مان ٽپڙ گول ٿي وڃن ھا. ٽالپرن جي صاحبي جي زماني ۾ صوبو مغربي تھذيب کان ايترو متاثر ڪونه ھو، جيترو ھندستان. ھن صوبي جي پيداوار ھتي جي رھاڪن جي گھرج کان گھڻو وڌيڪ ھئي بلڪ ڪڇ ۽ مارواڙ توڙي بلوچستان جي ڏڪر جي ستايلن جي ھي صوبو پرورش ڪندو ھو.  اڄ به ھي صوبو پاڪستان اندر بچت وارو صوبو آھي.

           ميرن جي صلح پسند پاليسيءَ ڪري ھي صوبو بيروني ڪاھن کان محفوظ ھو، ۽ سنڌ اندر امن امان ھو. ٽالپر فرمانروا پاڻ جنگجو بلوچ ھئا، مگر رعايا جي فلاح ۽ بھبودي ڪاڻ کين جنگين کان نفرت ھئي. مير صاحبن جي زندگي بلڪل سادي ھئي، فقط سير ۽ شڪار سان دل وندرائيندا ھئا. ٽالپرن جملي سٺ ورھيه حڪومت ڪئي. انھن سٺ سالن اندر انھن جيڪي سنڌ اندر شھر ءِ ٽنڊا تعمير ڪرايا، اوترا سنڌ اندر اڳ ڪڏھن ڪونه تعمير ٿيا ھئا. ميرن جي زماني ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۾ چوپائي مال، ان، گيھ، ڪڪڙن جي سستائي ھئي. انگريزي ايجنٽن وقت بوقت سنڌ متعلق ڪلڪتي جي سپريم ڪائونسل کي جيڪي رپورٽون پيش ڪيون، تن ۾ سنڌ جي شھرن ۾ سستائي جو ذڪر ڏنل آھي. سٺي ۽ سستي غذا ملڻ ڪري، سنڌ جا باشندا تندرست ھئا.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com