محمد طور
پروفيسر محبوب علي چنا

    سومرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ (583ھ : 752 )، هي شهر لاڙ ملڪ جو نڪ هوندو هو، ۽ سومرن جي نامياري گاديءَ جو هنڌ. مسٽر مجمدر پنهنجيءَ مشهور رپورٽ ۾ ڏيکاريو آهي ته سومرن پنجويھ ڪوهن جي عريض ايراضيءَ ۾ ننڍا شهر ۽ ڳوٺ، شاهپور تعلقي جاتيءَ کان وٺي رحمڪي بازار تائين، ۽ پريان ٿرپارڪر تائين ٻڌايا، جن کي ”سومرن جون ماڙيون“ ڪري سڏبو آهي، جي سرن ۽ پٿرن مان ٺاهيون ويون هيون. پٿرن ۽ سڙيل سرن جا ڍير اتي انهن پراڻن هنڌن تي پيا آهن. هي شهر پراڻي نديءَ جي ڪناري تي ٺاهيا ويا هئا، جن جا نشان اڃا به ظاهر آهن. هن محمد طور جي ڀرسان ٻيا به شهر مشور هئا، جھڙوڪ رَڙهي ۽ ٿرڙي. رڙهيءَ جا واپاري ايترو ته مشهور هئا جو انهن ڏينهن ۾ ڪنهن به شاهوڪار ماڻهو کي چئبو ته ”تون ڪو رڙهيءَ جو واپاري ته نه آهين“ انهن هاڪارن هنڌن جو ذڪر ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻيءَ پنهنجي نامياري ڪتاب، ”سنڌ جو سيلاني“ ۾ ڪيو آهي ۽ بندي به انهن مڪانن تي پنهنجن ٻن مقالن ــــــ ”مير پور بٺورو“ ۽ ”شاھ عبدالطيف، سامونڊي سيلاني“ ـــــ ۾ روشني وڌي آهي.
    محمد طور سومرو 654ھ : 1256ع ۾ سنڌ جو تاج ڌڻي ٿيو، ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين. ان شهر جو باني هي بادشاھ هو، جو هن جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. سنگھار سومري کان پوءِ سندس زال هيمو پاڻ ادرڪ جي ڪوٽ ۾ رهي ۽ پنهنجن سڳن ڀائرن کي محمد طور ۽ ٿرڙي ۾ رکيائين. اهو 752ھ : 1320ع ڌاري هو. جڏهن غازي مَلڪ سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر وٺي، پوئينن غزنوي بادشاھ خسرو خان کي لاهي، پاڻ دهليءَ جو حاڪم بنيو، تڏهن، سن 752ھ : 1351ع ڌاري، سومرن جي حڪومت پوري ٿي ۽ سما وارد ٿيا. آخرين سومرو تاجدار، سپڙ سومرو، سمن سان وڙهندي مارجي ويو، ۽* سومرا محمد طور ڇڏي ڪڇ ڏي هليا ويا ـــــ پر اُتي به ابڙي سمي نه ڇڏين ۽ سڀني کي مارائي ڇڏيائين. جڏهن سما سنڌ جي حڪومت تي براجمان ٿيا، تڏهن هنن محمد طور جو شهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجا ٻيا شهر، درڪ پرڳڻي ۾، ڪلان ڪوٽ، ساموئي ۽ ٺٽو آباد ڪيا. پوين ٻن شهرن جو ذڪر بعد ۾ ڪبو. هيءَ به هڪ روايت آهي ته جڏهن علاءُ الدين جو لشڪر سنڌ ۾ وارد ٿيو هو ته هن به محمد طور کي بي طور ڪري ڇڏيو.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com