‎ڪٿي ڌاڙيل ها ڌن جا، ڪٿي تن جا، ڪٿي من جا،        ’اياز‘ اڄ دانهن ڏِيون ڪنهن کي ته ساري سنڌ گهيرو آ؟

 

  

Best veiwed in 800 x 600

 www.voiceofsindh.net


وائيس آف سنڌ جو نئون ايڊيشن هر مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ئي شائع ڪيو ويندو.

60 سالا جشنِ آزادي ۽ حقيقتون
                                                      ـــــــــــــ ايڊيٽوريل

    قسط نمبر 4

            ”مون امرجليل کي نه پڙهيو آهي پر، مون هن جي باري ۾ گوڙ گھڻو ٻڌو آهي. هن جي باري ۾ جيڪي ڪجھه ٻڌو اٿم، سو سڀ لڳيم ٿو ديومالائي قصا آهن. لڳايل الزامن مطابق هن پنهنجين تحريرن ۾ جيڪڏهن وڌاءَ کان ڪم وٺندي ملڪ ۽ معاشري کي بدنام ڪيو آهي، ته پوءِ مجوزه قانون تحت ملڪ دشمنيءَ جي ڏوهه ۾ مقدمو هلائي کيس سخت سزا ڏني وڃي. پر، هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪجھه لکيو آهي، سو جيڪڏهن حقيقت تي مبني آهي، ته پوءِ امر جليل کي سزا ڏيڻ بدران معاشري کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.“ (اي ڪي بروهي)   وڌيڪ پڙهو

  s

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هِتي ڪلڪ ڪريو

اسان پارٽي، فورم، سنگت، اين جي اوز اول ٿا ٺاهيون ۽ ڪم ڪهڙو ڪرڻو آهي، اهو پوءِ ٿا سوچيون. مقامي ضرورتن ۽ فنڊنگ کي نظر ۾ رکي اوليت طئي ٿا ڪريون، پِنَ جو ڏوڪڙ، ٺيڪا ۽ ڦرمار جا موقعا ــ ڪنهن به تنظيم جي مينيفيسٽو جي اکرن جا اولڙا آهن ۽ ان هوندي به بنا ڪنهن شرمساريءَ جي، وائڙي ٻار وانگر سوال پڇڻ ٿا لڳئون ــــــ نيٺ پوءِ ڇا ڪريون!؟ ان جو هڪ سڌو سنئون جواب اهو به ٿي سگھي ٿو ــــــــ ته مهرباني ڪري، هن قوم کي معاف ڪري ڪجھه به نه ڪريو! سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پَچَر ڇڏيو. نوڪري ڪريو، ٻنو ڪاهيو، دڪان هلايو. پنهنجو ڍِڍُ ڀرڻ لاءِ قومي ڪاز جو نالو استعمال نه ڪريو. جِهِلَ ۽ جنجال جا ابا! گھر وڃي ويهو. حياتيءَ جو چرخو پنهنجي ٻَلَ تي هلي ٿو. ان جي سَندي رفتار آهي ــــــ ڪڏهن سُست ڪڏهن تيز. گذريل الاهي ڏهاڪن کان سنڌي عوام آڏو ”سجاڳيءَ“ جو تحفو کڻي بيٺل پاڻ هُڙين سُور من جي موجودگيءَ ۾ به اسان جا اَهنج وڌندا ويا آهن. وڌيڪ پڙهو.

نيٺ ڇا ڪجي؟
کاٻي ٻانهن ڀڳل سنڌ جي ڪهاڻي!
 يونس مهر

   

                       سنڌ مٿان اڄ به ڪاري رات جو ڪاريهر ويٺو آهي اڄ به مڪليءَ جو چنڊ بيقرارين جي ڀاڪرن ۾ آهي. اڄ به وحشتن جو زمانو آ ۽ اميدن جي جڳن کي صدمن جون تيليون ساڙين ٿيون. اڄ جو ڪو ليکڪ خوشامد ۾ کڄي وڃي ٿو ۽ ڀٽائي جي وائي ديس دروهين کي ارپي ٿو ته ان کان وڏو ڪو ٻيو الميو نٿو ٿي سگھي. . . . اڄ کان پوءِ ڏکن جي صليب تي چڙهيل هن زماني جي ڪِٿا جڏهن گھٽجيل چهري واري پوڙهي تاريخ پڙهڻ جي شروعات ڪندي، تڏهن عذاب جڙي ايامن جي ذڪر سان گڏ اها ڳالهه به ضرور ڪندي ته ”جڏهن ديس جي خوشبوءَ جا خيما ساڙيا پئي ويا، تڏهن ويڪائو ليکڪن جي هٿن ۾ تيليون هيون.  وڌيڪ پڙهو.

ماضيءَ جي مزاحمتي سنڌ ۽ سرِ بازار قلم جو وڪرو!

لطيف جمال

   

        سنڌي ماڻهن وڏي اچرج، ڏک، ڪاوڙ ۽ پريشانيءَ سان انهن تعليمي سڌاري جي نام نهاد سفارشن کي ڏسڻ لڳا، جيڪي دراصل کين ذهني، تعليمي ۽ ثقافتي تباهيءَ جي اهڙي اونهيءَ کاهيءَ ۾ اڇلڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون، جتان اهي ڪڏهن به نڪري نه سگھن. انهن نام نهاد سفارشن جي خلاف ڪيترائي پمفليٽ، سوين ليک ۽ ياد داشتون، ايڊيٽوريل نوٽ، سنڌي ماڻهن جي صحيحن سان عرضداشتون، سنڌي ماڻهن جي هر طبقي ۾ هر نقطئه نظر جي ماڻهن ۽ تنظيمن طرفان پيش ڪيو ويون. جن ۾ ڪيترا ئي قابلِ ذڪر هن مضمون ۾ پڻ شامل آهن.  وڌيڪ پڙهو.

سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل  

قسط نمبر 2

پروفيسر اعجاز  قريشي

ڪمپوزنگ: شاهنواز سومرو           مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هِتي ڪلڪ ڪريو

       عيسائيت جڏهن حاڪمن جو مذهب ٿي ته يورپ جي ملڪن ۾ وسندڙ يهودين لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا. انهن مان ڪيترن ڀڄي اچي مسلمان حڪمرانن وٽ پناه ورتي. ڪافي يهودي ته دربار جي اهم عهدن تي به رهيا. اڄ ڪلهه عيسائي ۽ يهودي پاڻ ۾ ٻٽ نظر اچن ٿا، پر ماضيءَ ۾ ڪئٿلڪ عيسائين پاران نه رڳو پروٽيسٽنٽ عيسائين تي پر يهودين تي سخت ظلم ڪيو ويندو هو، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مسلمان حڪمرانن انهن کي عزت ۽ آبرو پئي ڏني آهي. پر هاڻي تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته يهودي ۽ مسلمان هڪ ٻئي جا سخت ويري بنجي ويا آهن. انهيءَ باه کي وڌائڻ ۾ صيهوني تحريڪ جو وڏو رول رهيو آهي.   وڌيڪ پڙهو.

يهودين جي اجتماعي نسل ڪشيءَ جي حقيقت

حبيب سنائي

   

       اسان ڏٺو ته جڏهن ڪجھه عرصو پهرئين نائين زيرو تان مطالبن جي ڊگھي لسٽ اسلام آباد جي اقتدار ڌڻين وٽ منظوري جي لاءِ ويئي ته انهي ۾ ڪو هڪ مطالبو به اندرون سنڌ جي مفاد سان لاڳاپيل نه هو بلڪ اڪثر مطالبا سنڌ جي اڪثريتي آبادي جي مفادن خلاف هئا. جنن ۾ هن وقت پورو ڪيو ويندڙ هڪ مطالبو سنڌ جي نوڪرين ۾ پنجاه سيڪڙو ڏيئڻ وارو به شامل هو. جنهن جي اُن وقت وڏي وزير سخت مخالفت ڪئي هئي پر هاڻ انهي مطالبي تحت ففٽي ففٽي جي بنياد تي ملازمتن جي ورهاست ڪئي پئي وڃي. اخباري اطلاعن مطابق ففٽي ففٽي جي انهي ورهاست تي عمل درآمد پڻ ڪيو ويو آهي جنهن تي مختلف کاتن ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.   وڌيڪ پڙهو.

محروميت جي احساسن جو وفاق کان صوبي تائين سفر

اشفاق احمد ٽالپر

   
 

ڪمپوزنگ: سعيد سنڌي ، جيڪب آباد     مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هِتي ڪلڪ ڪريو

 

      پرڀات جي رنگن جھڙو اسان جو منُ، اُداسي ۽ ويڳاڻپ جون سفنيون تخليق ڪري جڏھن جيون ۾ نوان پيچرا جوڙيندو آھي تـه ائين محسوس ٿيندو ڄڻ الله سائين حيات تيsignature ڪري کيس پنھنجن پيرڙن کي ماڻڻ لاءِ نا اُميديءَ جو سمنڊ ساڻ ڏئي، اُميد جي درياءَ ۾ ڇڏي ڏنو ھجي، شايد اِن لاءِ تـه فطرت جي اصول تحت ڪڏھن بـه درياءَ سمنڊ کان سواءِ ڪنھنجي بـه ھنج ۾ نـ آيا آھن، (اھا ٻئي ڳالھـ آھي تـه غير فطري طرح سنڌوءَ کي سوڙھو ڪيو ويو آھي). . . جوڀن جي گھوڙي تي سوار اڄ جي دؤر جي اُداسي ۽ ويڳاڻپ جيڪا جوڀن جي سرحد کان، ڪجھـه پل پھريان انتھا تائين پھچي عجيب قسم جي بي يقيني وڇائي ڇڏين ٿا، جيڪا ذھنن کي ھڪ سطح جي محور ۾ آڻي بيھاري ٿي   وڌيڪ پڙهو.

اسين روح جي لباس ۾ گناه سِبي رهيا آهيون ....

نثار ٻانڀڻ، ڪراچي

   

ڏسان ٿو   (شاعري)                  نانڪ

   

      ”هفت زبان ڇا ٿينـــدو آهي؟ هفت زبان جو مطلب ڇا آهي؟ ـ هفت زبان ڪا به شيء دنيا ۾ اڄ نه ٿينــــدي آهــــي ـ سچـــل ستــــن زبانـــن ۾ چــوي يا سترنهن زبانن ۾، سچل جو مقام جيڪو آهي، سو سڀنـــــي کان بــــالا آهـــي. هـــن جـــو ڪنٽـــريبيوشـــن فقــــط اهو فڪر آ، اهو فلسفو آ، اهو پيغام آ، جيڪــو هــــن ڏنــــو آهــــي پنهنجـــي ڪــــلام ذريعي. انهي کي ئي اسان کي سوچڻ، پرورڻ ۽ پرجهڻ گهرجي“. . . ”سچل سائيـن حقيقــــي معنـــيٰ ۾ فقــط ٻن ٻولين سنڌي ۽ سرائيڪي جو شاعر هو، هن وڌيڪ ٻن ٻوليــــن يعنــــي فارســـي ۽ اردو ۾ نــــظم نگـــاري يـا رسمي شاعري ڪئي آهي، پر اها سندس سنڌي ۽ سرائيڪي شاعري جو مٽ نـــاهي.......سچـــل سائين کــــي ”هفــــت زباني شاعــــر“ سڏڻ حقيقت جـــي خلاف آهــــي . . . “  وڌيڪ پڙهو.

سچل سرمست هفت زبان شاعر يا چئن ٻولين جو شاعر

مخمور بخاري
موڪليندڙ: سعيد سنڌي

   

خواب ڇا آهن؟   (شاعري)           مخمور بخاري  (موڪليندڙ: مشتاق علي ڪيريو)

   

تصوير ڳالهائي ٿي . . .

وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.




هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net  

nt>