اسان
پارٽي، فورم، سنگت، اين جي اوز اول ٿا ٺاهيون ۽ ڪم ڪهڙو ڪرڻو آهي، اهو پوءِ ٿا
سوچيون. مقامي ضرورتن ۽ فنڊنگ کي نظر ۾ رکي اوليت طئي ٿا ڪريون، پِنَ جو ڏوڪڙ،
ٺيڪا ۽ ڦرمار جا موقعا ــ ڪنهن به تنظيم جي مينيفيسٽو جي اکرن جا اولڙا آهن ۽
ان هوندي به بنا ڪنهن شرمساريءَ جي، وائڙي ٻار وانگر سوال پڇڻ ٿا لڳئون ــــــ
نيٺ پوءِ ڇا ڪريون!؟ ان جو هڪ سڌو سنئون جواب اهو به ٿي سگھي ٿو ــــــــ ته
مهرباني ڪري، هن قوم کي معاف ڪري ڪجھه به نه ڪريو! سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پَچَر
ڇڏيو. نوڪري ڪريو، ٻنو ڪاهيو، دڪان هلايو. پنهنجو ڍِڍُ ڀرڻ لاءِ قومي ڪاز جو
نالو استعمال نه ڪريو. جِهِلَ ۽ جنجال جا ابا! گھر وڃي ويهو. حياتيءَ جو چرخو
پنهنجي ٻَلَ تي هلي ٿو. ان جي سَندي رفتار آهي ــــــ ڪڏهن سُست ڪڏهن تيز.
گذريل الاهي ڏهاڪن کان سنڌي عوام آڏو ”سجاڳيءَ“ جو تحفو کڻي بيٺل پاڻ هُڙين
سُور من جي موجودگيءَ ۾ به اسان جا اَهنج وڌندا ويا آهن.
وڌيڪ
پڙهو.
سنڌ مٿان اڄ به ڪاري رات جو ڪاريهر ويٺو آهي اڄ به مڪليءَ جو چنڊ بيقرارين جي
ڀاڪرن ۾ آهي. اڄ به وحشتن جو زمانو آ ۽ اميدن جي جڳن کي صدمن جون تيليون ساڙين
ٿيون. اڄ جو ڪو ليکڪ خوشامد ۾ کڄي وڃي ٿو ۽ ڀٽائي جي وائي ديس دروهين کي ارپي
ٿو ته ان کان وڏو ڪو ٻيو الميو نٿو ٿي سگھي. . . . اڄ کان پوءِ ڏکن جي صليب تي
چڙهيل هن زماني جي ڪِٿا جڏهن گھٽجيل چهري واري پوڙهي تاريخ پڙهڻ جي شروعات
ڪندي، تڏهن عذاب جڙي ايامن جي ذڪر سان گڏ اها ڳالهه به ضرور ڪندي ته ”جڏهن ديس
جي خوشبوءَ جا خيما ساڙيا پئي ويا، تڏهن ويڪائو ليکڪن جي هٿن ۾ تيليون هيون.
وڌيڪ
پڙهو.
عيسائيت
جڏهن حاڪمن جو مذهب ٿي ته يورپ جي ملڪن ۾ وسندڙ يهودين لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع
ٿيا. انهن مان ڪيترن ڀڄي اچي مسلمان حڪمرانن وٽ پناه ورتي. ڪافي يهودي ته دربار
جي اهم عهدن تي به رهيا. اڄ ڪلهه عيسائي ۽ يهودي پاڻ ۾ ٻٽ نظر اچن ٿا، پر
ماضيءَ ۾ ڪئٿلڪ عيسائين پاران نه رڳو پروٽيسٽنٽ عيسائين تي پر يهودين تي سخت
ظلم ڪيو ويندو هو، ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مسلمان حڪمرانن انهن کي عزت ۽ آبرو پئي ڏني
آهي. پر هاڻي تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته يهودي ۽ مسلمان هڪ ٻئي جا سخت ويري
بنجي ويا آهن. انهيءَ باه کي وڌائڻ ۾ صيهوني تحريڪ جو وڏو رول رهيو آهي.
وڌيڪ
پڙهو.
اسان
ڏٺو ته جڏهن ڪجھه عرصو پهرئين نائين زيرو تان مطالبن جي ڊگھي لسٽ اسلام آباد جي
اقتدار ڌڻين وٽ منظوري جي لاءِ ويئي ته انهي ۾ ڪو هڪ مطالبو به اندرون سنڌ جي
مفاد سان لاڳاپيل نه هو بلڪ اڪثر مطالبا سنڌ جي اڪثريتي آبادي جي مفادن خلاف
هئا. جنن ۾ هن وقت پورو ڪيو ويندڙ هڪ مطالبو سنڌ جي نوڪرين ۾ پنجاه سيڪڙو ڏيئڻ
وارو به شامل هو. جنهن جي اُن وقت وڏي وزير سخت مخالفت ڪئي هئي پر هاڻ انهي
مطالبي تحت ففٽي ففٽي جي بنياد تي ملازمتن جي ورهاست ڪئي پئي وڃي. اخباري
اطلاعن مطابق ففٽي ففٽي جي انهي ورهاست تي عمل درآمد پڻ ڪيو ويو آهي جنهن تي
مختلف کاتن ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيئڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ
پڙهو.
Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real
Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free
Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA
Lottery, Immigration, Google