ايندڙ ايڊيشن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس جي مناسبت سان هوندو. انهيءَ حوالي سان پنهنجو مواد 1 مارچ تائين موڪلي ڇڏيو، وائيس آف سنڌ جو ايندڙ اسپيشل ايڊيشن 3 مارچ تي پبلش ڪيو ويندو.

 

ڪلهي پاتم ڪينرو

شيخ اياز  ـــــــــــــــــــــــ  ڪمپوزنگ: عبداللطيف انصاري

هڪ نئين ڪتاب جو اضافو! ڊائون لوڊ پيج تي وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

 

 

سنڌي ٻولي، سماج ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي
                                        ـــــــــــــ فهد حسين ميمڻ

 

بنگلاديش؛ سياري جي رات جھڙي ماٺ!
 ڪالم                                آڪاش مهراڻوي (ڍاڪا، بنگلاديش)

 

چيني جي عظيم ديوار
 ڪهاڻي                                غلام عباس ڪوريجو ــــــ قمبر

 

  شاه جي ڪلام ۾ سندس شخصيت جو عڪس (آخري قسط)
                                                                                                                 ــــــــ ڪلياڻ آڏواڻي

 

شاعري:                      سنڌو ماتا خدا جي خدائي          قلب سومرو

 

ڪهاڻي:               ڏوهاري          خليل جبران / غلام مصطفى ملاح

 

شاعري:                       اي سنڌ مٺي سنڌ          قلب سومرو

سنڌي ادب جي وارث قلمڪارن جي نانءُ وائيس آف سنڌ جو هي پيغام!

 
مانوارا اديب ۽ ڏات ڌڻيو!

    اسان وائيس آف سنڌ جي پليٽ فارم تان هر انهيءَ سنڌي ڀاءُ سان مخاطب آهيون جنهن جي هٿ ۾ قلم جي طاقت آهي يا هو قدرت جي عطا ڪيل ڪنهن فطري ڏات ۽ صلاحيت جو مالڪ آهي. پوءِ اهو نئين ٽهيءَ جو ڪو اُڀرندڙ اديب هجي يا اسان جي مانوارن سينيئر اديبن مان شاعر، نثر نويس، ڪهاڻيڪار يا مترجم هجي. اسان  انتهائي ادب ۽ عقيدت سان انهن جي خدمت ۾  پنهنجو هي پيغام پيش ڪرڻ گھرون ٿا.

قلم جا وارثؤ!

    اڄ جڏهن دنيا سڪُڙجي گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. دنيا منجھ انٽرنيٽ جي نئين فاصلن ۽ دورين کان پاڪ دنيا وجود ۾ اچي چڪي آهي. تڏهن ڪافي ڪجھ تبديل ٿيئڻ سان گڏ ثقافت، ادب ۽ ٻوليءَ جي وڌڻ ويجھڻ جي پراڻن معيارن ۽ ماپن کي انٽرنيٽ جي تيز رفتار ترقي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو آهي. هاڻ انهي ئي ٻولي کي زيادھ اهميت ملي پئي جنهن جو وڌ کان وڌ ادبي ۽ ٻيو مختلف نوعيت جو  مواد انٽرنيٽ تي موجود آهي.

    سنڌيءَ ٻولي ادبي حوالي سان پنهنجو هڪ مڃيل مرتبو ۽ مان رکي ٿي، هي ٻولي جتي ڀٽائي گھوٽ، سچل، قلندر، طالب المولى، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ مولانا حاجي احمد ملاح جھڙن ڪيترين ئي شاعرن ۽ فطرت جي ترجمانن جي ادبي خدمتن ۽ روحاني تعليم جو وسيع سمنڊ رکي ٿي. ته اُتي مرزا قليچ بيگ، مولائي شيدائي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، نجم عباسي، تنوير عباسي، پير حسام الدين شاھ راشدي  مولانا ّخير محمد نظاماڻي، امر جليل، ۽ رشيد ڀٽي جھڙين جاکوڙين ۽ نثر نويسن جون تاليفون پڻ هن ۾ سمايل آهن، جيڪي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌيءَ زندھ جاويد ٻولي آهي. هر دور ۾ سنڌيءَ جي ادبي خدمت ڪندڙن جو هڪ وڏو تعداد رهندو آيو آهي. وقت جو ڪو طوفان، حالتن جي اٿندڙ ڪا لهر  يا زماني جو ڪو ڪوسو واءُ هن ٻولي جي وجود کي ختم نٿو ڪري سگھي.  بحثيت سنڌيءَ ۽ قلم ڌڻي هئڻ جي اسان سڀني جو اهو فرض ٿو بڻجي ته پنهنجي هن قديم ٻوليءَ سان محبت جو ثبوت ڏيندي سنڌيءَ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجھ جي لاءِ اسان هر جديد ذريعو استعمال ڪريون.

    هن وقت جڏهن انٽرنيٽ جي اهميت هڪ مڃيل حقيقت آهي، مستقبل ۾ انٽرنيٽ جي وسيع ڪردار کان انڪار جي جرئت اسان نٿا ڪري سگھون ته اسان کي گھرجي ته پنهنجي مستقبل کي نظر ۾ رکندي سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب کي انٽرنيٽ تي پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪريون.

    انٽرنيٽ جي انهي ئي اهميت کي مدنظر رکندي ۽ انٽرنيٽ تي سنڌيءَ ٻولي ۽ ادب کي فروغ ڏيئڻ جي مقصد ۽ نيت سان اسان اڄ کان ڏيڍ سال اڳ وائس آف سنڌ جي نالي سان هن سنڌي ويب سائيٽ جو آغاز ڪيو. ڪنهن به اداري يا مقصد واري ڪم جي لاءِ شروعاتي سال آزمائش ۽ اهميت وارا هوندا آهن، اسان ڪيترين ئي فني توڙي مختلف نوعيت جي مسئلن ۽ پريشانين باوجود انهي ڪوشش کي جاري رکيو پيا اچون ته وڌ کان وڌ سنڌيءَ مواد انٽرنيٽ تي شايع ڪريون. اڄ کان ڏيڍ سال اڳ جڏهن ويب سائيٽ جي شروعات ڪئي سين ته اِها هڪ يا ٻن صفحن ۽ سلسلن تي مشتمل هئي، پر اڄ اسان جي ڪوششن ۽ مختصر پر هر دم جاکوڙيندڙ انتظاميه جي ڪري نِج سنڌيءَ رسم الخط تي مشتمل هي ويب سائيٽ ڪافي وسيع ٿي چڪي آهي. اهو سڀ اسان جي نيڪ نيتيءَ ۽ انتظاميه جي بي لوث محنت جو ئي نتيجو آهي. هن وقت اسان باقائده آن لائين سنڌي نيٽ ورڪ جي حيثيت ۾ اڳتي وڌي رهيا آهيون. اسان پنهنجي انهيءَ وائس آف سنڌ آن لائين سنڌيءَ نيٽ ورڪ تحت هن سنڌيءَ ويب سائيٽ کان سواءِ انٽرنيٽ تي پهريون سنڌيءَ فورم به هلائي رهيا آهيون. پنهنجن اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن تائين سنڌ جو آواز پهچائڻ ۽ سنڌ جي ثقافت کان روشناس ڪرائڻ جي لاءِ هڪ اردو ويب سائيٽ پڻ سنڌ ڪاز جي حوالي سان جاري ڪئي آهي.

    ڪمپيوٽر ۾ سنڌيءَ يونيڪوڊ جي سپورٽ ڪرڻ ۽ انهي کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ مڪمل رهنمائي سنڌيءَ جي ويب سائيٽ توڙي فورم تي تمام تفصيلن ۽ تصويرن سان موجود آهي، جتان ڪوبه نئون ايندڙ دوست سنڌيءَ جي حوالي سان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو.

سنڌي ادب جا وارث قلمڪارو!

    اڄ جي وقت جي تقاضا آهي ته اسان سڀ گڏجي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي جي فروغ جي لاءِ جاکوڙيون. اسان سنڌي ٻولي انجي ادب ۽ ثقافت جي وارثيءَ جا دعويدار آهيون ، جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ پنهنجي ٻولي جي وارثيءَ جي حق ادائيگيءَ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي ته پوءِ يقينن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءِ جا مياري چئباسين.

انهيءَ جي لاءِ اچو!

   وائيس آف سنڌ جا هي سلسلا ۽ انهن جا اليڪٽرونڪ صفحا توهان جي ادبي ڪاوشن جي لاءِ منتظر ۽ حاضر آهن. وائيس آف سنڌ هر ڏينهن اڳتي وڌندڙ ۽ تسلسل سان اپ ڊيٽ ٿيندڙ سنڌيءَ ويب سائيٽ جو نانءُ آهي. دوستن جي طرفان ملندڙ معياري مواد کي بر وقت انٽرنيٽ تي شايع ڪيو وڃي ٿو.

    آخر ۾ اسان پنهنجن سنڌي ڀائرن، قلم ۽ ڏات ڌڻين کان اِها توقع رکون ٿا ته هو وائس آف سنڌ جي هن ادبي قافلي ۾ شامل ٿي دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ادبي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي موجود غربت واري حالت ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اسان وٽ مثال طور پري نه پر پنهنجي پاڙيسڙي ٻوليءَ ”اردو“ جو هڪ بهترين مثال موجود آهي جنهن جي ڳالهائيندڙن بغير ڪنهن ذاتي لالچ، لوڀ ۽ مفادن جي اردو جي ڪافي ادبي ذخيري کي انٽرنيٽ تي آندو آهي. اسان کي به انهي ئي جذبي هيٺ پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي واڌ ويجھ جي لاءِ پاڻ پتوڙڻو ۽ جاکوڙڻو پوندو.
 

 


وائيس آف سنڌ ”اردو“ ۾ نئون اضافو!


”وائيس آف سنڌ“ آن لائن سنڌي نيٽ ورڪ

www.voiceofsindh.net

 

 سنڌي ويب سائيٽ:

www.voiceofsindh.net/urdu

 

 وائيس آف سنڌ ”اردو ايڊيشن“

www.voiceofsindh.net/forum

 

 ”سنڌ“ فورم

www.voiceofsindh.net/music

   وائيس آف سنڌ موسيقي

www.voiceofsindh.net/webdesigning

   وائيس آف سنڌ ويب ڊيزائنگ:

 

”وائيس آف سنڌ“ ويب ڊيزائنگ

نهايت ئي سستي اگهه ۾ سنڌي، اردو ۾ پنهنجي ويب سائيٽ ٺهرايو. مفت ڊومين نيم ۽ فارورڊنگ، مفت هوسٽنگ ۽ ٻيو گھڻو ئي ڪجھه. (سنڌي ادب وارن جي لاءِ خصوصي رعايت. . .!) وڌيڪ معلومات لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.