”ادا پنهنجي حڪومت آئي آهي“. . . . . . .!!

                                ــــــــــــ  ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي پيپلز پارٽي جنهن جي نمائندن جي اڪثريت اندرونِ سنڌ مان اليڪشن کٽي آئي آهي، انهي حڪومت جي وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي ماڻهن اميد جي دامن کي ان لفظن سان جھلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ”ادا هاڻ پنهنجي حڪومت آئي آهي.“ اهو حڪومتي سرشتو جنهن جي باري ۾ سنڌ جو عام ماڻهو پنهنجي حڪومت هئڻ جا اصطلاح پيش ڪري رهيو آهي، سو سنڌ جي عام ماڻهن سان ڪيتري قدر پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، ان جو پتو ايندڙ ويجھي وقت ۾ ئي پئجي سگھندو.

  اهو پهريون دفعو ڪونهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي آهي. پر ان کان اڳ به نه رڳو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ايندي رهي آهي. پر وفاقي ليول تي به اقتدار پيپلز پارٽي کي مليو آهي، جنهن جي ڪارڪردگي کي سنڌ جي لاءِ ڪا خاطر خواهه ڪارگذاري نٿو چئي سگھجي. بهرحال ان سڀ جي باوجود وري به پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت ئي سنڌ جي ماڻهن جي اميدن جو مرڪز وڃي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هو گذريل حڪومت جي بدترين صوبائي استحصال مان گذري چڪا آهن. جنهن ۾ سمورا حڪومتي اختيار توڙي انتظام بظاهر هڪ لساني ڌُر جي حوالي ٿيل هئا. جنهن انهي صورتحال مان ڀرپور فائدو وٺندي نه رڳو سنڌين جي لاءِ ڪراچي جهڙي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ سنڌين جي پڙهائي، روزگار گذر سفر جا رستا ته بند ڪيا ئي پر ان سان گڏ اُتي موجود سنڌي ڳوٺن جي خلاف پڻ ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون. ۽ ڪراچي جهڙي بين الاقوامي شهر جتي ديس پرديس جا ماڻهو روزگار ڪري رهيا هجن پر اُتي قانونسازي جي ذريعي ڌرتيءَ جي وارثن جون راهون روڪڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌي پڙهائڻ جي ڪوششن جي مخالفت ڪئي ويئي جنهن سان سنڌ جي گادي جو شهر چورائيندڙ پنهنجي صوبي جي اڪثريتي ٻولي کان محروم رهجي ويو. انهن توڙي اهڙن ٻين قدمن مان اِن لساني ڌُر جي ان ذهنيت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اها هن وقت باوجود سنڌ دوستيءَ جي دعوا ڪرڻ جي عملن لسانيت جي علمبردار آهي. اِن ڌُر وٽ اهو هڪ بهترين موقعو هو ته هو سنڌ سان محبت جي دعوائن جي سچائيءَ جو ثبوت ڏيئي ها پر ان جي بجاءِ ان لساني ڌُر جڏهن ان کي اقتدار ۽ اختيار جي حوالي سان موقعو مليو ته ان سنڌي قوم، ثقافت ۽ تهذيب کي ڀيلڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ان جي اهڙي لساني تضاد تي ٻڌل پاليسي مان شهه حاصل ڪندي ڪراچيءَ جي ڊائو ميڊيڪل ۽ ٻين 30 جي لڳ ڀڳ ميڊيڪل ڪاليجن پڻ مختلف حيلن ۽ بهانن سان لساني امتياز رکڻ شروع ڪيو جنهن تحت انهن اندرونِ سنڌ جي شاگردن جي لاءِ پنهنجن ڪاليجن کي نوگو ايرياز ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تعليمي سطح تي ان ڳالهه کي به نٿو وساري سگجھي ته مختلف امتحاني سوالنامن توڙي نوڪرين جي اشتهارن ۾ ”سنڌ ۽ ڪراچي“ ڄاڻايو ويو جنهن جو مقصد اهوئي ته ڪراچي سنڌ جو ضلعو يا ان جي گاديءَ جو شهر نه پر ڪا الڳ حيثيت رکندڙ آهي. سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد کي پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق ورهايو ويو. ۽ انهي کان سواءِ  اڳوڻي حڪومت ۾ جڏهن ڏي وٺ جي ڪنهن اصول تي ڪو اختلاف ٿيو پئي ته نه رڳو سنڌ حڪومت جو سربراهه پر انهي اتحادي ڌُر جا رهنما چوڌري برادران وٽ پهچي پئي ويا چوڌرين وٽ ڪنهن معاملي جو نبيرو نه پر ڄڻ آڌرياري ٻڪري نبيري لاءِ آئي هجي هڙ انهن پناهگيرن کي ڏيئي انهن پنجابي ــ پناهگير مستقل مفاد جي عملي اتحاد جو ثبوت پئي ڏنو. انهي لساني ڌُر جي ناٽڪي سياست جو پردو اُن وقت بلڪل چاڪ ٿي ويو جڏهن بلوچستان معاملي سميت ڪجھه ٻين معاملن تي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيندي حڪومت کان ڌار ٿيئڻ جو چتاءُ ڏنو ويو پر حڪومت طرفان نه رڳو بلوچستان ۾ آپريشن هلندو رهيو پر نواب اڪبر بگٽي پڻ اُن ۾ شهيد ٿي ويو ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر شازيه کي ڪو انصاف پلئه پئجي سگھيو اِن سڀ جي باوجود به اهي حڪومت ۾ شريڪ رهيا. اهڙي طرح سندن جي ڊرامي واري سياست سڀني جي اڳيان وائکي ٿي. ان کان سواٰءِ 12 مئي 2007ع ۽ 9 اپريل 2008ع جا ڪراچيءَ وارا واقعا پڻ سندن جي سياست تان پردو کڻڻ ٿا. اهي سڀئي حقيقتون گذريل ارباب سرڪار جي ڪاري دور کي ظاهر ڪن ٿيون ته ڪئين نه سنڌ ثقافتي، تهذيبي توڙي معاشي ۽ جغرافيائي سطحن تي پنهنجي تاريخ جي بدترين تباهي ڏانهن ڌڪي ويئي.

       اهو مختصر احوال ارباب سرڪار جو آهي. جنهن جي حڪومت ۾ اها لساني ڌُر هڪ اهم اتحادي طور شريڪ هئي. هن وقت به  پيپلز پارٽي ۽ اها لساني ڌُر طويل ڳالهين بعد حڪومتي شراڪت تي رضامند ٿي ويون آهن پيپلز پارٽي جي ان حوالي سان ڪهڙي به پاليسي هجي ۽ پوءِ هوءَ ڀلي پنهنجي ان پاليسي کي قومي مفاهمت جو نالو کڻي ڇونه ڏئي  پر سنڌ جي اڪثريت  هن وقت ڪنهن به طرح انهي لساني ڌُر کي سنڌ حڪومت جو حصو ڏسڻ نه ٿي چاهي ان ۾ ڪنهن تعصب ۽ لسانيت جو عنصر ڪارفرما نه آهي پر انهن وٽ مخالفت ۾ وڏو دليل ان جي ماضيءَ واري ڪارڪردگيءَ آهي اها لساني ڌُر جيڪا گذريل حڪومت ۾ مشرف ۽ مشرف نواز پارٽي ق ليگ جي وڏي اتحادي رهي آهي. هاڻ جڏهن ماڻهن گذريل حڪومتي اتحاد کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. تڏهن ان جي اخلاقي ذميواري آهي ته هو مخالف ڌُر ۾ ويهي ۽ پنهنجن ماضيءَ جي غلطين ۽ غير جمهوري روين جو اعتراف ڪري جنهن تحت هو اسٽيبلشمينٽ ۽ غير جمهوري حاڪمن جي مرضي منشا مطابق پنهنجو پاڻ کي استعمال ڪري رهي هئي. اهو چوڻ بي جا نه ٿيندو ته گذريل حڪومت ۾ ان جي ڪارگذاري پنجابي پناهگير مستقل مفاد جي اصول تحت هئي.

 ڪنهن به سماج جي ترقي ۽ اوسر جي لاءِ جتي فرد جون سوچون ۽ عمل بنيادي سبب هوندا آهن اُتي حڪومتي پاليسيون ۽ رويا پڻ سماجي جوڙجڪ جي حوالي سان اهم سمجھيا وڃن ٿا سنڌ جنهن جي سماج سان حڪومتي سطح تي هميشهه لاوارث ٻار جهڙو سلوڪ روا رکيو ويو آهي جنهن جي  نتيجي ۾ سماج منفي ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندي صدين جون تهذيبي سڃاڻپون وڃائي رهيو آهي. ماڻهو معاشي حوالي سان گذر سفر جي تنگ رستن جا راهي بڻجي بک جي هٿان بدحال ٿي خودسوزي ۽ خودڪشي جهڙن انتهائي قدم جي لاءِ مجبور ٿي رهيا آهن. سنڌ جيڪا دنيا ۾ امن جي ڌرتيءَ هئي اڄ خود امن اُتي امان پيو گھري حڪومتن طرفان سنڌي سماج جي حقيقي مسئلن کان چشم پوشي سماج کي مايوسين ۽ نا اميدين ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. سنڌ وسيلن سان ڀرپور ڌرتيءَ هئڻ باوجود ڌرتيءَ واسي غربت زده ۽ وسيلن کان محروم رکيل آهن اهو سڀ ڪنهن اوچتي ۽ پاڻمرادي عمل جي ڪري نه آهي پر ان سڄي صورتحال جون ذميدار ماضيءَ ۾ حڪمرانن جون جوڙيل پاليسيون رهيون آهن. جنن پنهنجي ذاتي مفاد جي پورائي کي خاطر ۾ رکندي قوم ۽ ڌرتيءَ جي مجموعي فائدي کان چشم پوشيءَ ڪئي بلڪه مفاد جي حاصلات ۽ ”مٿين“ وٽ پنهنجي وفاداري خاطر قوم ۽ ڌرتيءَ لٽائڻ کان به نه ڪيٻايو. سنڌي قوم جي خسته حالي جو ذميدار جتي خارجي استحصالي طبقو آهي اُتي اسان جي پنهنجن به ڪڏهن انهن کان پوئتي قدم نه هٽايو آهي. سنڌ جون اڄوڪيون حالتون اسان کي بحثيت هڪ قوم جي پنهنجي وجود جي خاطر فڪرمندي جي دعوت ڏيئي رهيون آهن جيڪڏهن اسان جا ميمبر، اسانجا وزير ۽ اسانجا حڪمران پنهنجن کان ائين بيگانا رهيا ۽ سدائين اباڻن ڪکن جي قيمت اقتدار جي مضبوطي ۽ شاهه سان وفاداري طور وصول ڪندا رهيا ته پوءِ سدائين سور ئي هن قوم جو مقدر بڻيل رهندا؟ محروميون ۽ مايوسيون هتان جي نوجوان زندگين جو خون ڪنديون رهنديون. سوال آهي ته آخر ڇو سنڌي قوم اهو سڀ ائين ئي برداشت ڪري؟ ڇا سنڌي نسل رڳو محرومين جا مرثيا ئي ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا رهندا؟ ڇا اهي سدائين ڏکن جي خزائن حوالي رهندا؟ ڇا بهار ڪڏهن انهن جي حصي ۾ نه ايندي؟ نوجوان، جنهن تي اميدن جو سج اُڀري ٿو ۽ هو سڀني جي اميدن جو مرڪز هوندو آهي، پر هي سنڌ جو نوجوان آهي ڪجھه ڏينهن اڳ جي اخبار ۾ خبر لڳي ته سنڌ جي هڪ نوجوان ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ته ”واپڊا ۾ ملازمت جي لاءِ ٿيندڙ انٽرويو ۾ پنجاب جي اميدوارن کي ته گريس مارڪون ڏيئي پاس ڪيو ويو پر هن کي انهي حق کان محروم رکيو ويو“ پوءِ ڪورٽ سڳوري سندس جي حق ۾ فيصلو ڏيندي کيس گريس مارڪن سان پاس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهي نوجوان کي پنهنجو حق مليو به يا وري کيس ڪامورا شاهي جي مختلف تاويلن ۽ حيلن بهانن جو شڪار بڻجڻو پيو سا ته خبر ناهي پر اهو ضرور ظاهر آهي ته سنڌ جو نوجوان ڪيترو نه نظرانداز ٿي رهيو آهي؟ اهو هڪ واقعو آهي پر اهڙا سوين نه پر هزارين نوجوان ملي سگھن ٿا جيڪي اهڙي تعصبي صورتحال مان گذريا هوندا. روزاني جي اخبار کڻو جيڪا سماج جي لاءِ آئيني جي حيثيت رکي ٿي، توهان کي ڪيترائي واقعا خودڪشين جا نظر ايندا! توهان کي ڪيترائي داستان بدحالين جا پڙهڻ لاءِ ملندا! توهان کي ڪيترين تصويرن ۾ پوڙها وجود بيمارين وگھي اسپتالن جي فرش تي ڦٿڪندي نظر ايندا! روزاني جي اخبار ڇا آهي سواءِ آهن ۽ سسڪين جي، سواءِ دانهن ۽ فريادن جي، ظلم ۽ محرومين جي داستانن جي ٻيو ڇا آهي! اخبار ته هڪ آئينو آهي جيڪو آئيني سامهون هوندو اهوئي نظر ايندو. اخبار کي ڇڏيو خود اسان ۽ توهان جي چوڌاري روز اهڙا ڪيترا منظر گذرن ٿا جنن ۾ بي ڪسي هوندي آهي، جيڪي مجبوري جا اهڃاڻ هوندا آهن ڇا اهو منظر گهٽ آهي ته روز ڪيترائي اهڙا ٻار گند جي ڍيرن تي توهانکي ڪاغذ چونڊيندي ملندا جنن جي عمر تعليم پرائڻ جي هوندي آهي پر اهي غربت جي راڪاس جي هٿان پنهنجي مستقبل جا خواب يرغمال ڪري ويهن ٿا ۽ پوءِ ڪاغذ چونڊيندي پنهنجي معصوميت جا ڏينهن ڪاٽي ڇڏين ٿا. اهي ٻار جيڪڏهن ايٿوپيا ۽ صوماليا يا ڪنهن ڏڪار ماريل ۽ جنگ سٽيل علائقي يا ملڪ جا هجن ها ته انهن جي غربت جو سبب به سمجھ ۾ اچي ها پر اهي منظر ان سنڌ جا آهن جيڪا ملڪي خزاني ۾ 70 سيڪڙو ڏيئي ٿي، جتي جون زمينون نه صرف زرخيز آهن پر سون اُپائين ٿيون. جتي جي ڌرتيءَ پنهنجي اندر معدني دولت جا اڻ ميا خزانا رکي ٿي. اهي وسيلا جيڪي گذريل ڪيتري ئي وقت کان جاري آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهڙن وسيلن ۾ واڌ ايندي رهي ٿي پر پوءِ به سنڌي ماڻهو پنهنجي جياپي جي لاءِ پريشان آهي، اهو ان ڪري ته سنڌ جي انهن مڙني وسيلن مان غير ته نوازيل آهن پر مقامي سنڌ واسي شروع کان وٺي نظراندازي جي حوالي آهن ڇاڪاڻ ته اهي اسلام آباد جا پنهنجا ناهن ۽ انهن وسيلن تي حق انهن جو مڃيو وڃي ٿو جيڪي اسلام آباد، لاهور ۽ پنڊي جا هجن يا اهي شهر جنن جي وارثيءَ جا دعويدار هجن اهي ئي انهن وسيلن مان فائدو حاصل ڪري سگھندا. باقي هي سنڌي انهن کان ته انهن جا پنهنجا ئي ووٽ وٺي وارثي کان ائين لاتعلق ٿي ويهن ٿا جو ڄڻ صدين کان ڪو ناتو ۽ تعلق جڙيل ئي نه هجي. مذڪوره شهرن طرفان انهن جي وارثيءَ جي دعوا جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پنهنجن جي انهي لاوارثيءَ جي صورتحال جو نتيجو اڄ سنڌي سماج بي انتها بي چينيءَ  جي صورت ۾ وصول ڪري رهيو آهي.

سنڌي ميمبرو! جتي توهان جي خود غرضي ۽ لاپرواهي توڙي لاتعلقي واري پاليسي هن قوم جي ٻيڙي ٻوڙيندي رهي آهي اُتي توهان جي ٿورڙي توجه سان به هت ڪافي تبديليءَ اچي سگھي ٿي. صورتحال جي ڪنهن ممڪن حد تائين تبديليءَ شايد ٽائيم وٺي پر جيڪڏهن توهان ماڻهن کي سندن وارثيءَ جو يقين به ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا ته اها ڳالهه به ڪنهن حد تائين سنڌي سماج جي لاءِ سٺو سنئوڻ سمجھي ويندي. سنڌي ميمبرن کي سوچڻ گھرجي، سنڌ جي ماڻهن کين ووٽ رڳو چهرن جي تبديليءَ يا ايوانن ۽ منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ لڳندڙ نالن جي تختين ۾ تبديلي جي لاءِ نه ڏنو آهي پر انهن ووٽ نظام جي تبديليءَ لاءِ ڏنو آهي انهي نظام جي تبديليءَ خاطر جيڪو نظام پوين 60 سالن کان سندن جو خون چوسيندو ۽ ماس پٽيندو رهيو آهي.  

پيپلز پارٽي جي قيادت کي هن وقت احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي سنڌ جي ماڻهن انهن کي پنهنجن مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ جيڪو واضح مئنڊينٽ پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ڏنو آهي ان جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ هن وقت سنڌ جي ماڻهن جي حڪومتي جوڙجڪ جي حوالي سان جيڪا راءِ آهي ان کي پُٺي نه ڏيئڻ گھرجي ڇاڪاڻ پيپلز پارٽي جيڪا بقول سندس قيادت ته جمهوري اصولن ۽ روايتن تي يقين رکي ٿي ته پوءِ ان کي جمهور جي آواز ڏانهن به ڪن ڏيئڻ گھرجن. سنڌ جا ماڻهو جيڪي گذريل حڪومت جي جبر ۽ استحصال جا ستايل آهن انهن جي مشڪلاتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي ڪراچي ۾ سنڌين جي مستقل آباديءَ جي پلاننگ، کين روزگار جو حق ڏيئڻ ۽ گذريل حڪومتي دور ۾ ڪراچي جي حوالي سان جيڪا به متنازعه قانونسازي ڪئي ويئي جنهن جي ذريعي لساني ڌُر سنڌين جا پنهنجي مرڪزي شهر ڏانهن وڌندڙ پير روڪڻ ٿي گھريا کي رد ڪري سنڌين جي ڪراچي ۾ آبادڪاريءَ انهن جي وسندين توڙي روزگار جي حق کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي ۽ گذريل حڪومت ۾ اندرونِ سنڌ جنهن مايوسي ۽ محرومي واري صورتحال مان گذري آهي ان جو ازالو ڪندي سنڌ جي عوام سان صوبائي توڙي وفاقي ليول تي جيڪا به نا انصافي جي روش اختيار ڪئي ويئي ۽ ان جي ڪري جيترو نقصان سنڌي قوم کي برداشت ڪرڻو پيو ان جي فوري ازالي جا قدم کنيا وڃن. سنڌ جي ماڻهن جي اڳيان جتي صوبائي ليول تي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ لساني ڌُر جي بليڪ ميلنگ واري پاليسي جي ڪري ٿيل قانونسازي جو خاتمو ضروري آهي اُتي وفاقي ليول تي انصاف ڀرئي حق جو حصول به لازمي آهي ان جي لاءِ اڳوڻي حڪومت ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجن هڪ کان وڌيڪ دفعا پيش ڪيل متفق قرادادن جي پيروي ڪري ۽ معاملو مرڪزي سرڪار جي اڳيان سنڌ جي ماڻهن جي ٺوس موقف مطابق پيش ڪرڻ گھرجي ته جئين سنڌ جا ماڻهو فطرتي ۽ قدرتي طور تي مهيا ڪيل پيٽ گذر ۽ جياپي جي وسيلن مان فائدو حاصل ڪري سگھن. ۽ سنڌي سماج جي بي چينيءَ واري صورتحال جو خاتمو ممڪن ٿي سگھي.

اسان پر اميد آهيون ته سيد زادي جي اڳواڻي ۾ قائم سنڌ جي نئين آيل سرڪار سنڌ جي عوامي جذبن ۽ دردن کي محسوس ڪرڻ توڙي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ کين عوامي خدمت جو جيڪو موقعو مليو آهي ان کي سنڌ جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ ڪُتب آڻيندي.

 


پراڻا ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com