معاشي بدحالي جي پس منظر ۾ سنڌ جي امن امان جي ابتر صورتحال

                                ــــــــــــ  ايڊيٽوريل

  هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ روزمره جي استعمال توڙي غذائي شين ۾ آيل واڌ جي ڪري ٽئين دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان ۾ پڻ تاريخ جي بدترين مهانگائي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. جنهن جي ڪري معاشري جو اهو غريب ترين طبقو جيڪو اڳ به ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان رهيو ٿي تنهن جي پوزيشن هاڻ فاقه ڪشي تائين وڃي پهتي آهي. صورتحال کي وڌيڪ خراب هتي جون معاشي توڙي سماجي ناانصافي تي ٻڌل حالتون ڪري رهيون آهن. هڪ ئي ملڪ ۾ هڪ طبقي وٽ ڪروڙين ته ڇا پر اربين ۽ کربين روپيا بينڪ بئلينس طور پيل آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ انهن جي سرمائيڪاري ٿيل آهي، ۽ انهن جا ڪُتا توڙي گھوڙا به ٻاهران امپورٽيڊ ٿيل خوراڪون کائن ٿا. ۽ ٻي پاسي اهي غريب انسان آهن جنن کي پنهنجي پگهر وهائڻ باوجود به پيٽ گذر جيترا وسيلا به دستياب نٿا ٿين. جنهن جو نتيجو اڄ اسان جي سامهون آهي، هوئن ته پورو ملڪ جو غريب عوام انهي صورتحال جي متاثرين ۾ شامل آهي پر سنڌ ان ڪري به وڌيڪ آهي جو ان کي پنهنجي ڪمائي جي وڏي حصي کان اڳ ئي محروم ڪيو پئي ويندو رهيو آهي ٻيو ته روزگار جي وسيلن جي اڻ هوند ماڻهن کي اڳ ئي فاقه ڪشي ۽ خودڪشيءَ جي راهه ڏانهن ڌڪي چڪيون آهن. پر موجوده مهانگائيءَ واري صورتحال جي ڪري سنڌي سماج ۾ لاقانونيت جي عنصر جو واڌارو ٿي رهيو آهي. ماڻهو پيٽ گذر جي ڪن معقول ذريعن جي نه هئڻ ڪري چورين ۽ ڦُر توڙي ڌاڙن تي لهي آيا آهن صورتحال اِها آهي ته نه ڳوٺن ۾ ماڻهن جو مال محفوظ آهي نه ئي وري شهرن ۾ مال ۽ جان جي تحفظ جو ڪو احساس باقي رهيو آهي وڌندڙ ڦرن ۽ لاقانونيت جي صورتحال ۾ وڌيڪ ڳنڀير ڳالهه اِها آهي ته ماڻهن کي سرڪاري ادارن کان مليل ڊگھي مايوسيءَ کان پوءِ ماڻهن هاڻ خود فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ڪراچيءَ ۾ ڦورن کي ڏنل باهيون ماڻهن جي انهي مايوسيءَ جي احساس کي ظاهر ڪن ٿيون. اهي ڪاروايون جيڪي جتي سسٽم کان مايوسي کي ظاهر ڪن ٿيون اُتي معاشري ۾ وڌندڙ انارڪي ۽ بي چينيءَ جي پڻ عڪاسي ڪن ٿيون. وقت جي هن موڙ تي به جيڪڏهن حڪمرانن وقت جي نبض تي هٿ رکي هلڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته شايد تبديليءَ جي لاءِ ڪا گھڻي وقت مهلت ملي سگھي ڇاڪاڻ ته حالتون هن وقت تاريخ جي هڪ اهڙي موڙ تي پهچي چڪيون آهن جتان تبديليءَ جو آغاز ئي ٿيڻو آهي. هڪ نئين حڪومت جنهن ۾ عوام جون ڪيتريون لا تعداد اميدون آهن ته هو نه رڳو پوري سسٽم کي بهتر ڪندي پر عام زندگيءَ جنن مشڪلاتن ۾ آهي ان جو به ڪو خاطر خواهه حل ڪڍندي. پر ان جي برعڪس ماڻهن کي سندن رکيل اميدن جو نتيجو ايتري ئي تعداد ۾ مايوسين جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ هي عوامي جمهوري چونڊيل حڪومت سندن زندگين کي تبديل ڪرڻ جي سونهري خوابن کي ڪا حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته پوءِ پيدا ٿيل صورتحال يقينن ڪنهن مثبت يا منفي پر تبديليءَ جي لاءِ ضرور متحرڪ ٿيندي.

جڏهن معاشي مسئلا وڌندا ۽ ماڻهن جي گذر سفر جا رستا تنگ ٿيندا کين ٻن ويلن جي پيٽ ڀرڻ جي لاءِ ڪو عزت ڀريو روزگار نه ملي سگھندو ته پوءِ مٿئين صورتحال پيدا نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ اهڙي صورتحال جا ذميدار ڪنهن حد تائين سماج دشمن عناصر هوندا آهن پر سنڌ ۾ ڏوهن ۾ آيل اوچتي ۽ تڪڙي واڌ انهي مهانگائي ۽ معاشي تنگدستيءَ وارين حالتن جي پيداوار ئي محسوس ٿئي ٿي جنهن نوان ڏوهاري ميدان تي آندا آهن. سنڌ حڪومت جيڪا عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت جي ذميدار آهي تنهن کي سنڌ جي موجوده حالتن ڏانهن تڪڙي توجه ڏيئڻ گھرجي ۽ سنڌ جي خراب امن امان واري صورتحال کي معاشي تنگدستيءَ وارين حالتن جي پس منظر ۾ وٺي، ڪو معقول حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. انهي کان علاوه سرڪاري ادارن تي عوام پاران ظاهر ڪيل بي اعتمادي واري صورتحال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي سخت مانيٽرنگ سسٽم سان سڌاري سگھجي ٿو. سنڌ ۾ وڌندڙ معاشي ابتري ۽ ان جي ڪري ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ منفي اثرن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سنڌ پنهنجن آمدني جي وسيلن تي پنهنجو اختيار قائم ڪري ان جي لاءِ سنڌ سرڪار کي بنا ڪنهن دير جي فوري طور تي متحرڪ ٿي سنڌ جي ماڻهن جي ڪيس کي مضبوط نموني سان وفاقي سرڪار جي اڳيان پيش ڪري صوبي ۾ موجود آمدني جي مڙني وسيلن تي پهريون ۽ آخري حق سنڌين جو مڃائڻ گھرجي. موجوده صورتحال جي پيش نظر سنڌ حڪومت قانوني طور تي سنڌ ۾ موجود انڊسٽرين کي پابند بڻائي ته اهي سنڌ جي نوجوانن کي اوليت جي بنياد تي روزگار مهيا ڪنديون. سنڌ ۾ ٻاهران اچي روزگار حاصل ڪندڙن تي ٽئڪس لاڳو ڪيو وڃي ته جئين اهڙن ٻاهرين روزگار جي متلاشين جي پاڻمرادو حوصلا شڪني ٿي سگھي. سنڌي سماج جي بهتري ۽ فلاح ايستائين ممڪن نه ٿي سگھندي ۽ امن امان جي صورتحال ۾ ڪا محسوس ڪرڻ جيتري بهتري اُن وقت تائين هڪ خواب مثل ئي رهندي جيستائين سنڌ جي معشيت کي مضبوط نٿو ڪيو وڃي خصوصن سنڌ جي ٻهراڙي جي معاشي اوسر کي ممڪن نٿو بڻايو وڃي. سنڌ ۾ معاشي ترقيءَ جي حوالي سان ڪافي منصوبا شروع ڪري سگھجن ٿا ان ۾ سرفهرست ٺٽي جي ڪيٽي بندر ۽ ٿر جي ڪول پراجيڪٽ واريون ٻه وڏيون رٿائون آهن جيڪي سنڌ ۾ معاشي حوالي سان وڏي تبديلي آڻي سگھن ٿيون پر انهي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته انهن وسيلن تي سنڌ جي مالڪي قائم هجي. سنڌ جي موجوده سرڪار ٿر ڪول پراجيڪٽ جي حوالي سان جيڪي ڪجھه قدم کنيا آهن اهي يقينن بهتري وارا سڏي سگهجن ٿا. ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي انهي موقف جي موٽ ۾ سنڌ جي عوام کي ڇا ڏيئي سگھي ٿي. ۽ اهو مضبوط مرڪز جنهن جون پنج ئي آڱريون سدائين گيهه ۾ رهيون آهن سو سنڌي عوام جي حق ۽ اختيار کي ڪيتري حد تائين قبول ڪري ٿو. ان کان علاوه اندرونِ سنڌ ڊالڊا جي پيداواري علائقن ۾ خوُردني تيل جون ۽ ڪپهه جي پوکائي ٿيندڙ علائقن ۾ ٽيڪسٽائيل ملون قائم ڪري اندرون سنڌ کي هڪ مضبوط معاشي پليٽ فارم مهيا ڪري سگھجي ٿو ان سان هڪ ته سنڌ جي تباهي حوالي ٿيل زرعي شعبي ۾ ڪجھه جان پوندي ۽ ٻيو ته سنڌ جا وسيلا ٻاهر منتقل ٿي ٻين جي روزگار جا ذريعا بنجڻ بجاءِ، خود سنڌين جي لاءِ ئي روزگار جو سبب بڻبا. انجي لاءِ سنڌ حڪومت کي ان طرف نيڪ نيتيءَ سان قدم وڌائڻ گھرجن.


پراڻا ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com