ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو!

                                ــــــــــــ  ايڊيٽوريل

ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگي جي آرزو ۾ جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو، سَندرا ٻَڌي هلندا هلو وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
                                                           (استاد بخاري)

انٽرنيٽ تي جڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه جي تاريخ لکي ويندي ته اڄوڪو ڏينهن تاريخ جي انهن صفحن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ هوندو. اڄوڪي هن ڏينهن تي وائيس آف سنڌ جو بنياد رکيو ويو جيڪا اڄ کان ٺيڪ چار سال اڳ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه جي پنهنجي دعوائن سان نمودار ٿي هئي. ۽ اڄ پنهنجي اهڙي سفر جي چوٿين سالگرهه ملهائي رهي آهي. ان موقعي تي اسين تمام ساڻيهه واسين ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان محبت جو اظهار ڪندڙ ساٿين جي خدمت ۾ مبارڪباد جا لفظ پيش ڪريون ٿا.
وائيس آف سنڌ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ موجود ٻين ويب سائيٽن کان انهي ڪري به منفرد آهي جو ٻيون ويب سائيٽون وري به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ذاتي نوعيت جون هونديون آهن پر وائيس آف سنڌ جي مقابلي ۾ اسان اِها بيحد ڪوشش ڪئي آهي ته ان کي پنهنجي ذاتي استعمال کان بچائيندي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي قومي ويب سائيٽ طور اڳيان وڌائجي. ڇاڪاڻ ته اسان چاهيون ٿا ته ”وائيس آف سنڌ“ حقيقي معنى ۾ سنڌ جي انهي آواز جو پڙاڏو بڻجي گونجي جيڪو آواز قديم زمانن کان وٺي سنڌ جي سڃاڻپ رهيو آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي ته دنيا ڀر ۾ رهندڙ سنڌين جي لاءِ اهڙو مواد چونڊي پيش ڪريون جنهن ۾ سنڌيت جي پرچار هجي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي آجپي ۽ بقا جو سڄو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته سنڌي ڪڏهن پنهنجي قوميت جي مرده ٿيندڙ احساس کي زندهه ڪري سگھندا؟ اڄ اسين ڏسون ٿا ته اسان وٽ قوميت جي سوچ پٺتي پوندي وڃي ۽ ان جاءِ تي ذاتي سوچ جو غلبو نظر اچي ٿو اسان هر ڪم جي شروعات توڙي پچاڙي ۾ قومي فائدن بجاءِ ذاتي فائدن جا متلاشي رهندا آهيون. ان جي ڪري ڏٺو وڃي ته قومي لحاظ کان سنڌين جو سفر اڳتي نه وڌي رهيو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان نه رڳو پنهنجي ڪردار کي ان حوالي سان احتساب مان گذاريون ته اسان جنهن ٻوليءَ ۽ قوميت سان دنيا ۾ سڃاڻپ رکون ٿا ان جي لاءِ اسان پنهنجي ڪُل زندگيءَ ۾ ڪيتري ڪوشش ڪئي آهي. پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي روش کي تبديل ڪندي پنهنجي زندگيءَ مان ڪجھه گھڙيون پنهنجي ٻولي ۽ قوم ڏانهن وقف ڪرڻ جي پڻ سنجيده ڪوشش ڪريون. ڇاڪاڻ ته اسان جي نسلن جي روشن مستقبل جي ضمانت سنڌيت جي بقا ۽ واڌ ويجھه سان ئي سلهاڙيل آهي. ان جي ڪري اسان کي قومي مفادن ۽ ٻولي توڙي قوميت جي فڪر کان لاتعلقي وارن روين کي پوئتي ڇڏي اڳتي وڌڻو پوندو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو دارومدار به انهن ئي ڳالهين تي آهي ته اسان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ڏانهن ڪيترو سنجيده رويو رکون ٿا.
وائيس آف سنڌ جي سفر جو محور اهڙن ئي ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ روين کي اڳتي آڻڻ ۽ اهڙي ڪردارسازي کي ممڪن بنائڻ آهي. جنهن سان سنڌيت جو نظريو پروان چڙهي. اسان ڪنهن مخصوص فڪر ۽ نظريي کان قطع تعلق بڻجي اُن سنڌ جي پرچار ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ هزارن سالن جي قديم تهذيب جي مالڪ آهي جتان دنيا ڏانهن جڏهن به ڪو پيغام ويو آهي ته اهو امن جو ئي پيغام آهي. وائيس آف سنڌ پڻ اهڙي امن واري پيغام سان ڀرپور هڪ پليٽ فارم آهي جيڪو پنهنجي دستياب محدود وسيلن جي آڌار تي سرگرمِ عمل آهي. اسان انهن سڀني سنڌين کان هڪ دفعو ٻيهر ان سلسلي ۾ تعاون جي طلب ڪنداسين جيڪي انٽرنيٽ جي اهميت کان واقف آهن ۽ ان کي استعمال ڪندڙ آهن اهي انهي حوالي سان اڳتي وڌي اسان ڏانهن پنهنجو يا منتخب ڪيل مواد ڪمپوز ڪري موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب هڪ وسيع ادب آهي ۽ ان جي انٽرنيٽ تي موجودگي يقيني بنائڻ يقينن ڪجھه فردن جي وس جي ڳالهه نه آهي وائيس آف سنڌ ۾ هيستائين جو ڪجھه به پيش ڪيو ويو آهي سو يقينن انٽرنيٽ تي سنڌي جو وڏو ادبي ذخيرو ته آهي پر پوءِ به سنڌي ادب جي مقابلي ۾ ان جي حيثيت سمنڊ مان جھرڪي جي چهنب ۾ آيل پاڻي جيتري به نه آهي. ان حوالي سان صورتحال ۾ ڪا انقلابي تبديليءَ توهان جي سهڪار کانسواءِ ناممڪن آهي ۽ اسان اهو چوڻ ۾ فخر محسوس ڪريون ٿا ته هاڻ اهڙو رجحان شروع ٿي چڪو آهي ۽ آهستي آهستي ان ۾ تيزي پڻ اچي رهي آهي ۽ هن وقت به ڪافي دوست اسان ڏانهن پنهنجو ڪمپوز ٿيل مواد موڪلين ٿا. ۽ جيڪي دوست هن وقت پنهنجو پاڻ کي صرف پڙهڻ جي حد تائين محدود ڪيو ويٺا آهن انهن کي گذارش آهي ته اُهي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڪافي دوستن جو خيال هوندو آهي ته واندڪائي ڪانهي جڏهن به ڪا فرصت ملي ته ان حوالي سان ڪم ڪبو. ٽائيم جي گنجائش ملي نه ٿي بلڪ ڪڍڻي پوندي آهي هوئن ته اسان ڪافي وقت فضول به وڃائي ڇڏيندا آهيون پر جيڪڏهن روزانو هڪ ڪلاڪ به پنهنجي ٻوليءِ جي لاءِ ڪڍيون ته يقينن اهو ايترو مشڪل نه آهي. ۽ اهڙي طرح اسان مهيني ۾ ٽيهه ڪلاڪ پنهنجي ٻولي کي ڏيئي سگھنداسين ته يقينن اسان جو پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ وقف ڪيل اهو ٽائيم ڪڏهن به رائيگان نه ويندو. ان جي اچو ته اڄوڪي ڏينهن جي مناسبت سان اسان سڀ گڏجي اهو وچن ڪريون ته اسان پاڻ کي دستياب صلاحيت ۽ وسيلن آڌار سنڌي ٻوليءَ جي ترقي جي لاءِ جاکوڙ جاري رکنداسين.


پراڻا ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو.

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com