|
|
نئين آيل جمهوريت جو سفر ۽ سنڌ جي صورتحال!!!! ــــــــــــ ايڊيٽوريل پاڪستان ۾ هن وقت هڪ سويلين سيٽ اپ اقتدار تي موجود آهي. 18 فيبروري 2008ع جي چونڊن کان پوءِ اهو گھڻو واضح هو ته جنرل مشرف جي هٿ مان اقتدار وڃي رهيو آهي. ۽ پوءِ آخر اهو ڏينهن آيو جڏهن جنرل مشرف محفوظ راهداري ملڻ تي استعفيٰ ڏيئي ڇڏي ۽ وري تعجب جي ڳالهه اها آهي ته هڪ فوجي حاڪم کي محفوظ رستو ڏيئي اسان جي ملڪ جي سياستدانن طبلا وڄايا ۽ اهو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو ته هاڻ پاڪستان ۾ فوجي اقتدار هميشهه جي لاءِ ختم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه محض هڪ خوش فهمي ئي ٿي سگھي ٿي. ڇاڪاڻ ته جنرل مشرف خود به اهو ڄاتو ٿي ته ملڪ ۾ بدلجندڙ سياسي ماحول ۾ هن جو وڌيڪ عرصو اقتدار ۾ رهڻ ناممڪن آهي ۽ ان اهڙي ماحول ۾ جنرل جي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو تحفو ٿي ئي نه ٿو سگھي ته ان کي پنهنجي ناجائز اقتدار جي عرصي دوارن جي ڪارگذاري تي معافي ڏني وڃي. ڏٺو وڃي ته جنرل مشرف جي باعزت اقتدار مان رخصتي ڪنهن به طرح ٻيهر اهڙي ڪنهن عمل جي حوصلا شڪني نٿي ڪري جنهن سان وري آڪٽوبر 99ع جهڙو عمل دهرايو وڃي. ۽ وقت جي موجوده حالتن جي پيش نظر جنرل مشرف جي لاءِ ان کان وڌيڪ ڪوبه بهتر رستو نه هو ته هو اقتدار کان الڳ ٿي وڃي ۽ هڪ نئين سيٽ اپ کي ڪم ڪرڻ ڏئي خصوصن اهڙن حالتن ۾ جڏهن ڪنهن به اهڙي مسئلي جو ڳانڍاپو جنرل مشرف سان جڙي رهيو هجي جيڪو بظاهر حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه اچي رهيو هجي. مهانگائي کان وٺي بجلي جي لوڊشنڊنگ تائين جا سڀ مسئلا جنرل مشرف جي ڪنڌ ۾ هنيا ويا. بهرحال جنرل مشرف جو دور هاڻ ماضي جي تاريخ جي هڪ ياد بنجي ويو آهي. ان جي حڪومت ۾ ڪيل هڪ هڪ عمل تاريخ جو حصو بنجي ويو آهي جنهن تي وقت جا مورخ پنهنجي قلم سان فرد جرم لکندا رهندا. پر هاڻ اسان کي انهي سياسي وايو منڊل واري پاڪستان کي ڏسڻو آهي جنهن ۾ جنرل مشرف اقتدار کان ٻاهر آهي ۽ آصف علي زرداري صدارتي چونڊن جي نتيجي ۾ صدر منتخب ٿي چڪو آهي. ۽ اتان کان ئي حڪمران پارٽي پيپلز پارٽي جي اصل آزمائش به شروع ٿئي ٿي، پهرئين ته ڪنهن به بري بڇڙي جي لاءِ بهانو جنرل مشرف هو ان جي ڪنڌ ۾ سڄي ذميواري وجھي باقي سڀ صاف ٿي ٿئي ويا. پر هاڻ ڪنهن به عمل جي ذميداري سئنين سڌي پيپلز پارٽي جي سياسي قيادت تي اچي ويئي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ مڪمل اقتدار هي ٻيو دفعو پيپلز پارٽي جي حصي ۾ آيو آهي جڏهن ان جو ئي نامزد ڪيل شخص وزيراعظم آهي ۽ ان جو شريڪ چيئرمين ملڪ جو صدر بنجي ويو آهي. ان اهڙي وقت پيپلز پارٽي پنهنجو سياسي گرائونڊ تبديل ڪرڻ جي وڏي پوزيشن ۾ آهي هڪ طرف جيڪڏهن ان پارٽي روز بروز مشڪلاتن ۽ سورن حوالي ٿيندڙ عام زندگي جي لاءِ ڪجھه ڪيو ته عوام ۽ پيپلز پارٽي جو رشتو ويتر مضبوط ٿيندو ۽ پيپلز پارٽي ايندڙ ڪئين سالن تائين عوامي سياست تي ڇائنيل رهندي. ٻي طرف جيڪڏهن حڪومت هيل تائين جي ڪارگردگيءَ مطابق ئي پنهنجا قدم کڻندي رهي ته پوءِ صورتحال ڪجھه مختلف رخ وٺي سگھي ٿي. پيپلز پارٽي وٽ هن وقت هڪ سنهري موقعو آهي ته هو صوبن کي پنهنجا حق ڏئي ۽ 60 سالن کان جاري استحصالي پاليسين جو خاتمو آڻي جنهن تحت صوبن جي تمام آمدني جي وسيلن تي هڪ هٽي سان قبضو ڪيو ويو آهي ۽ ننڍن صوبن ۾ ”مرڪز معنيٰ پنجاب“ واري مفهوم کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جيڪا هوئن ته پاڪستان جو خوشحال ترين صوبو آهي، جڏهن به تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٽئڪس ۾ آمدني جو ذڪر ٿئي ٿو ته سنڌ انهي ڪمائي جي حساب سان سڀني کان اڳتي رهي ٿي. پر پوءِ اهو به اسان ڏسون ٿا ته ڪمائي ۾ اڳتي هئڻ باوجود صوبو غربت ۾ به ٻين مڙني صوبن کان گھڻو اڳتي آهي. جنهن جو هڪ ئي سبب سمجھه ۾ اچي ٿو ته سنڌ کي پنهنجي ڪمائي کان محروم رکيو ٿو وڃي. هڪ ڊگھي عرصي کان تسلسل سان جاري انهن پاليسن جي ڪري هن وقت سنڌ جي حالت اها وڃي رهي آهي جو ماڻهو اعلانيه طور تي پنهنجا ٻار وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ڪو پنهنجو گردو وڪڻڻ جا اعلان پيو ڪري؟ سنڌ جو ٻهراڙيون هن وقت جنهن بدحالي جي تصوير بڻيل آهن انهي کي ڏسڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ڪو خوشحال صوبو نه پر آفريڪا کنڊ جو ڪو ڏڪار ستايل ۽ بدحال علائقو آهي. هڪ سنڌي ڄائي کي ايوان صدر پهچڻ يقينن مبارڪ هجي پر کيس اها به خبر هئڻ گھرجي ته سندس جنم ڀومي جي ساڍا پنج ڪروڙ عوام سان جيڪا تاريخي دوکي تي ٻڌل ويڌن ڪئي وئي آهي ان ويڌن اتي عوام جي زندگين کي اجيرن بنائي ڇڏيو آهي ماڻهو ويلو کائڻ کان به مجبور بڻيل آهن. معاشي ۽ اقتصادي طور تي سنڌ جي ماڻهو ۾ هاڻ چيلهه سڌي ڪري بيهڻ جي سڪت نه رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن سدائين پيپلز پارٽي کي پنهنجو مئنڊينٽ ڏنو آهي پوءِ اها الڳ ڳالهه آهي ته اقتدار گُر ڌرين پنهنجي ڪرشمه سازي سان ان کي اقتدار کان پري رکيو آهي. 18 فيبروري تي به سنڌ جي عوام مرحومه ڀٽو سان وچن سمجھي پنهنجو ووٽ پيپلز پارٽي کي ڏنو ان جي ڪري ئي پيپلز پارٽي اڄ اقتداري پليٽ فارم تي واضح اڪثريت سان موجود آهي نه ته ٻين صوبن ۾ ڏٺو وڃي ته پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪٿي به پيپلز پارٽي کي اها ڪاميابي نه ملي سگھي آهي. ان جو مقصد اهو ته پيپلز پارٽي جو اڄ به مضبوط قلعو سنڌ آهي جيڪڏهن قلعو مضبوط هوندو ته دشمن جي هر وار جو منهن ٽوڙ جواب ڏيئي سگھجي ٿو. ان جي لاءِ پيپلز پارٽي کي پنهنجي قلعي يعني سنڌ ڏانهن وڌيڪ همدردي سان توجه ڏيئڻ جي ضرورت آهي. ۽ سنڌ جو عوام مٿي بيان ڪيل جنهن صورتحال مان گذريل ڪيترن ئي سالن کان گذرندو پيو اچي ان کي يڪدم تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڏٺو وڃي ته هيل تائين جي حڪومتي ڪارگردگيءَ ڪا خاطر خواهه نه رهي آهي اهي ئي شين جا بحران ۽ ذخيره اندوزي واريون من مانيون جاري آهن تازو سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿراڌو کوٽ ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي وئي جنهن سان 650 واري ڀاڻ جي ٻوري 1000 کان 1100 روپين تائين وڪرو ڪئي وئي حالانڪه اهڙي صورتحال جو ڪوبه جواز نه هو نه ئي اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪو ڀاڻ جي فيڪٽري بند ٿي هئي ۽ نه وري سنڌ ۾ ڪا زرعي ايراضي ۾ واڌ آئي هئي بس ان سڄي صورتحال جي پس منظر ۾ حڪومت جو اهو فيصلو ٻڌايو وڃي ٿو جنهن تحت حڪومت ٻاهران ڀاڻ امپورٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڀاڻ جي انهي کوٽ جي ڪري سنڌ جي زراعت شديد متاثر ٿي ۽ سنڌ ۾ چانورن جي پوکائي ڪندڙ آبادگار تمام پريشان رهيو. هوئن ته سنڌ سڄي مسئلن جي انبار ۾ ڍڪيل آهي پر سنڌ ۾ هن وقت جيڪي فوري توجه طلب مسئلا آهن انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي معاشي بحالي جنهن ۾ سنڌ جي مڙني روزگار جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري پيداواري ۽ غير پيداواري وسيلن تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي. ۽ سنڌ ۾ روزگار جي وسلين ۾ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ جي زراعت ڏانهن خاص توجه ڏيئڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي جو ذريعه معاش ته آهي پر ڪافي عرصي کان وٺي حڪومتي لاپرواهي ان شعبي جو مقدر بنيل رهي آهي. سنڌ ۾ امن امان جي ابتر ٿيندڙ صورتحال (جنهن مطابق ڌاڙيل ماڻهن کي ائين اغوا ڪندا رهيا آهن جئين ڍور ڪاهجن ٿا.) ڏانهن فوري توجه ڏيئي سنڌ ۾ اقتصادي سرگرمين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. سنڌ جي تعليم جي روز بروز ابتڙ ٿيندڙ صورتحال به اسان جي حڪمران لاءِ باعث فڪر هئڻ گھرجي. سنڌ جي پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تعليم جي معيار کي سڌارڻ جي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسين سمجھون ٿا ته جيڪڏهن مسئلن جي ڍير مان سنڌ سرڪار اهي بنيادي نوعيت جا ٽي چار مسئلا به ڪنهن حد تائين حل ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ته اهو به پيپلزپارٽي توڙي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن غنيمت کان گھٽ نه هوندو. سنڌ حڪومت کي سنڌ جي ماڻهن جي معاشي صورتحال سان پنهنجو پاڻ کي به سلهاڙڻ گھرجي هڪ طرف صوبو آمدني جي جائز حصي کان محروم آهي ٻي طرف ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي ٽئين طرف سنڌ حڪومت آهي جيڪا شاهاڻه خرچ ڪري رهي آهي. زرداري صاحب جي صدر چونڊجڻ کان پوءِ سنڌ جي قومي ناڻي مان لکين روپين جا مبارڪبادي اشتهار ڇپايا ويا. جنن جي هڪ بدحال صوبي وٽ ڪابه ضرورت نه هئي پر جيڪڏهن انهن اشتهارن جو پئسو ڪن غريب خاندانن جي بحالي تي خرچ ڪيو وڃي ها يا سنڌ جي ڪنهن اسڪول جي صورتحال بهتر بنائڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي ها ته ان سان سلهاڙيل ڪئين ماڻهن کي فائدو پهچي ها. سنڌ حڪومت کي پنهنجو وقت ۽ ناڻو فضول ۽ نمائشي ڪمن ۾ ضايع ڪرڻ بجاءِ عوامي فلاح لاءِ خرچ ڪرڻ جڳائي ٿو ڇاڪاڻ ته هو جمهوري ۽ عوامي حڪومت هئڻ جي دعويدار آهي. موجوده جمهوري سيٽ اپ کي آئي 8 مهينن کان مٿي جو عرصو ٿي ويو آهي پر اڃان تائين عوام کي ڪوبه رليف نه ملي سگھيو آهي بلڪ هيستائين عوام کي جيڪي ڪجھه سبسڊي طور رعايتون حاصل هيون اهي به هڪ هڪ ڪري واپس ورتيون پيون وڃن جن جو جواز اهو پيش ڪيو ٿو وڃي ته اسان جو قومي ناڻو ان جو بار برداشت نٿو ڪري سگھي. انهي حڪومتي ڪارگذاري عام ماڻهو کي ڪافي مايوس ڪيو آهي. ماڻهن جي قوت خريد نه هئڻ جي برابر آهي. اهوئي سبب آهي ته عيد واري عرصي ۾ به سنڌ جون بازارون خريدارن کان خالي ۽ ويران رهيون. |
|
|