|
سنڌ قديم تهذيب سان وابسطه هئڻ جي ڪري ڪافي تاريخي ماڳن جو ديس پڻ آهي. هن
تصوير گيلري ۾ توهان کي اهڙن ئي تاريخي جاين ۽ شهرن جون تصويرون ڏسڻ لاءِ ملي
سگهنديون. جنن جو ماضيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ شاندار ڪردار رهيو. اِهو چوڻ بي جا
نه ٿيندو ته هن سلسليءَ جا روح روان وائيس آف سنڌ جا معاون ايڊيٽرز عبدالعزيز
منڱريو ۽ ديدار علي ڌاريجو صاحب
آهن. انهن جي ڪوششن سان ئي اسان اِن قابل بڻجي سگهياسين ته تصوير گيلريءَ جي
حوالي سان ڪو سلسلو شروع ڪريون. جئين ته مٿين ٻنهي دوستن جو تعلق سکر ۽ خيرپور
سان آهي. سکر ۽ خيرپور جو تعلق وري سنڌ جي قديم تاريخ سان آهي، ۽ انهن ٻنهي
شهرن ۾ ڪافي تاريخي جايون سمايل آهن. انهيءَ جي ڪري اسان هن پنهنجي سلسلي جي
شروعات انهيءَ ٻنهي تاريخي شهرن کان عبدالعزيز منڱريو ۽ ديدار علي ڌاريجو جي
تعاون سان ڪريون ٿا. اڳتي هلي هن سلسلي کي ٻين شهرن ۽ ماڳن ڏانهن وڌائينداسين.
انهيءَ جي لاءِ اسان سڀني دوستن کي عرض ڪنداسين ته جيڪڏهن توهان جي علائقي ۾ ڪي
اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي ماڻهن جي دلچسپيءَ جو باعث بڻجي سگھن ٿا، انهن جون
تصويرون اسان ڏانهن موڪليو ته جئين ماضيءَ جي سنڌ جي شاندار تهذيب دنيا اڳيان
اجاگر ڪري سگهجي. اسين ان سلسليءَ ۾ سڀني سنڌ واسين کان ڀرپور تعاون جي موٽ
رکون ٿا. اميد ته هي سلسلو توهان سڀني کي پسند ايندو.
|