تصوير ڳالھائي ٿي!

انچارج: اشفاق احمد ٽالپر

        مون سون جي موسمي اثرن جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيل معمول کان وڌيڪ برساتن ڪافي تباهي آندي آهي. بلوچستان انهي تباهي ۾ وڏي پئماني تي متاثر ٿيو آهي. ۽ بلوچستان مان ٻوڏ جي انهن ايندڙ وهڪرن جڏهن سنڌ ڏانهن رخ ڪيو ته سنڌ جا بلوچستان سان ملندڙ ۽ اپر سنڌ جا ڪافي علائقا پڻ متاثر ٿيا آهن. وڏي پئماني تي مالي نقصان ٿيو آهي. هزارين ماڻهو بي گھر ٿي، بي رحم وهڪرن کان پنهنجي جان بچائي صرف تن تي پيل ڪپڙن ۾ نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. هزارين گھر زمين دوز ٿيا ۽ ڪيئي ڳوٺ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن. ڪيئي پيارا پنهنجن کان وڇڙي ويا. ماڻهو انهي صورتحال ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري جڏهن روڊن ڪناري ۽ مٿانهين پٽ تي پهتا ته وري بي واهري واري صورتحال حوالي ٿي ويا. سرڪاري طور تي ماڻهن جي خاطر خواه گھربل واهر نه ٿي سگھي ۽ اهي سنڌي  ڳوٺاڻا کلئي آسمان هيٺ درد جون ڪٿائون بيان ڪندا رهيا پر اقتداري ايوانن جي مٿي ۾ جونءَ به نه رڙهي. نه وري مدد جو اهو ماحول ٺهي سگھيو جيڪو اڳ ڪشمير ۾ آيل زلزلي دوران پيدا ٿيو هو. ڪيئي اسلامي تنظيمون ۽ فلاحي ادارا اسلام ۽ انسانيت جي نالي تي مدد ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ حڪومت اربين روپيه خرچ ڪرڻ لڳي. ڪٿي سنڌي ڳوٺ ۽ ڪٿي ڪشمير! تقابلي جائزو ناممڪن. هڪ پاسي ڪشمير جنهن تي ملڪ جا طاقتور طبقا 60 سالن کان  جنگ جي ڪيفيت پيدا ڪري پاڙيسري ملڪ جو ڊپ ڏيئي قوم جا اربين روپيه دفاع جي نالي تي موتمار هٿيارن لاءِ خرچ ڪندا رهيا آهن. ته ٻي پاسي هي سنڌي ڳوٺ جيڪي هونءَ به نڌڻڪي ڌرتي سان تعلق رکندڙ آهن. تنهن ڪري ملڪ جي طاقتور اردو ”قومي“ ميڊيا جو اهو اسلامي جذبو به نه جاڳي سگھيو آهي. جيڪو ڪشمير ۾ آيل زلزلي جي تباهي دوران ڏسجڻ ۾ آيو هو.

    ٻوڏ جي ڪري آيل تباهي قدرتي چئي سگھجي ٿي انهي ۾ ڪو انڪار ڪونهي پر هاڻ جڏهن ٻوڏ کان پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي جان بچائي سرڪاري ڪئمپن ۾ پهتا آهن ته تڏهن انهن جي موجوده ابتر صورتحال جي ذميدار ته يقينن سرڪار نامدار ئي چئبي. ماڻهو دانهين پيا ته هن آفت جي گھڙي ۾ ڪير به سندن واهر ڪرڻ نه آيو آهي. سرڪار جي طرفان اعلانيل امداد جيڪڏهن ڪي سياسي وفادار آهن ته صرف انهن جي ئي مقدر ۾ اچي سگھي آهي جڏهن ته عام ماڻهو جنهن کي عرفِ عام ۾ ”الله جو ماڻهو“ ڪري سڏجي ٿو، سي ائين ئي امداد ۽ واهر جون راهون تڪيندا رهجي ويندا آهن. الله جي ماڻهن جي ڳالهه ٿي آهي ته پوءِ سنڌ ۾ مشهور وتائي فقير جو هي قصو به ياد اچي ٿو. جنهن ۾ به اتفاق سان ٻوڏ واري صورتحال جو ذڪر ئي آهي ته هڪ دفعي ڪو بند ٽٽو علائقو ٻڏڻ لڳو ۽ سرڪار پوليس وارن جي ڊيوٽي لڳائي ته چوڪن تي بيهي ڪي ڪم وارا ماڻهو جھلي اچو ته جئين بند ٻڌجي. اهڙو هڪ اهلڪار وتائي جي علائقي ۾ پڻ آيو. چوڪ تي بيهي ماڻهن کي ڏسڻ لڳو، پڇڻ تي ڪو ماڻهو ڪنهن رئيس جو نالو وٺي ته آءُ ان جو ماڻهو آهيان ڪو ڪنهن پير وڏيري جو ۽ پوليس وارو رئيس پير ۽ ڀوتارن جي ماڻهن کي ڇڏيندو پئي آيو سو وتايو به اُتي هو جڏهن هُن جو وارو آيو ته پوليس واري پڇيس ٻڌا ڀلا تو ڪنهن جو ماڻهو آهين وتائي چيو ته هرڪو ڪنهن رئيس پير جو نالو پيو وٺي آءُ ته هوئن به الله جو ماڻهو آهيان سو چئي ڏنائين ته آءُ الله جو ماڻهو آهيان پوليس واري به کڻي قابو ڪيس ۽ وٺي وڃي سرڪاري بيگار ۾ هنيس. هتي به صورتحال اها ئي آهي مير پير، رئيس ۽ وفادار ڀوتارن جا جيڪي ماڻهو آهن امداد به انهن کي ئي ملي پيئي. سرڪاري ذميدار اخبار ۾ خبر ٺاهڻ جي لاءِ علائقي جو دورو ڪن ٿا. باقي پوءِ پٺتي وري به ساڳيا سور هجن ٿا ۽ سرڪاري عملدار جي اڳتي وڌندڙ ڪرولا ڪار جي اڏامندڙ دز هجي ٿي. امداد هڪ ته سرڪاري اعلانن جي حد تائين آهي ٻيو ته صرف سياسي رفيقن جي لاءِ ۽ باقي رهيل مال سان ڪامورا پنهنجا گھر ڀري رهيا آهن. ڪا آفت نه اچي بس هت ڄڻ ڪامورا شاهي جي لئه ٿيو وڃي پنهنجن اختيارن کي مصيبت ماريل ماڻهن جي ڪا مدد ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻڻ جي بجاءِ ايندڙ امداد تي راتاها هڻي راتو پيٽ سامان جون ٽرڪون وڪڻڻ معمول بڻجي وڃي ٿو. هڪ پاسي مصبيت زده انسان ڪنهن واهر جا منتظر هوندا آهن ته ٻي پاسي ڪامورا پاڻ کائڻ ۽ پنهنجا نوازڻ واري ريت نڀاهڻ ۾ رڌل هوندا آهن ان اهڙي عالم ۾ عام ماڻهو يا خلق خدا جي حصي ۾ رڳو درد ڀريون ڪهاڻيون ۽ پاڻي ڀريل پٽ ۾ آيل تباهيون ئي رهجي وڃن ٿيون.

    آفتون ۽ مصيبتون ته ٻين خطن ۽ ملڪن ۾ به اينديون آهن پر اُتي جون حڪومتون فوري طور تي تحرڪ وٺي ماڻهن تائين هر ممڪن سرڪاري واهر پهچائين ٿيون. پر اسان وٽ انهي جي ابتڙ جڏهن وڃي ماڻهو ميڊيا ۾ هاءِ گھوڙا ڪندا ۽ پنهنجي درد جون ڪهاڻيون بيان ڪندا ته پوءِ ميار لاهڻ جي حد تائين سرڪار ڪا وک وڌائيندي. تيسين قدرتي آفتون پنهنجو ڪم ڏيکاريو وڃن.

    هي شروعاتي حالت آهي جيڪا ٻوڏ کان بچي آيل ماڻهن جي آهي، انهي دوران به ماڻهن جي ڪا واهر نه ٿي سگھي آهي ته ڊگھي عرصي لاءِ آيل تباهي مان ماڻهو ڪئين ٻاهر نڪري سگھندا. يقينن سرڪاري امداد ماڻهن جي پنهنجي وسيلن جي متبادل نه ٿي سگھندي پر گھٽ ۾ گھٽ ڪجھه عرصي لاءِ پاڻ ڀرو ٿيئڻ ڏانهن هڪ قدم ته ضرور هوندي آهي جنهن جي هن وقت سنڌ توڙي بلوچستان جي ماڻهن کي شديد ضرورت آهي. سرڪاري ڪئمپن ۾ ويٺل ماڻهو جڏهن پاڻي لهڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڳوٺن ڏانهن موٽندا ته اُتي صرف تباهي جا ڇڏيل آثار ئي انهن جي آجيان ڪندا. نه گذر جو ڪو ذريعو رهيو نه سردي گرمي کان مٿو لڪائڻ جي لاءِ ڪو اجھو بچيو آهي . انهن ماڻهن جي لاءِ اصل امتحان جون ته اِهي گھڙيون آهن. هن وقت جيڪا امداد جنهن نموني ملي پيئي ان کي ڏسندي اهو چئي سگھجي ٿو ته انهن مشڪل حالتن جو مقابلو به اهي پنهنجي اڻ هوند واري ڪيفيت ۾ اڪيلي سر ئي ڪندا. پر وري به ته سرڪار آخر سرڪار آهي ماڻهن جي سمورين اميدن جون راهون انهي جي ايوانن ڏانهن وڃن ٿيون. ماڻهن جي سمورين مطالبن، التجائن ۽ شڪايتن جي آخر ۾ تدارڪ جي گھر وري به سرڪار کان ئي هوندي آهي. انهن جون اکيون شڪايتي نظرن سان ئي سهي پر وري به سرڪاري ايوانن ڏانهن نهارين ٿيون ته من ڪڏهن انهن اقتداري محلاتن ۾ رهندڙن جي دلين ۾ سندن لاءِ بي حسي جي جاءِ تي رحم جو ڪو ذرو پيدا ٿئي.

    بلوچستان ۽ سنڌ سان تعلق هئڻ جي ڪري شايد هي اسلامي جذبي تحت مدد جا حقدار نه به سمجھيا وڃن پر انسانيت جي ناطي جيڪڏهن فلاحي ادارا ۽ تنظيمون انهن جي ڪا واهر ڪن ته يقينن سهارو ملڻ تي هي ٻوڏ جي تباهي کي ماضي جي ياد بنائي وري پاڻ ڀرو ٿيئڻ جو سفر شروع ڪري سگھن ٿا.

 

پياسي درياءُ ۾ سمايل وقت جو وڏو درد

     ڪنهن وارياسيءَ صحرا جو ڏيک ڏيندڙ مٿينءَ تصوير هن وقت ڇولين کان محروم ۽ ماضي ۾ شاه درياءَ سڏيو ويندڙ سنڌوءَ جي آهي. هي اُهوئي درياءَ آهي جنهن جي پاڻي جي دهشت کي شاه سائين هن طرح بيان ڪيو آهي:

دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛
نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ؛
دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛

  اڄ جڏهن سنڌوءَ ۾ پاڻي جي جاءِ تي واريءَ جي دڙن والاري آهي تڏهن وري سڄي سنڌ ۾ سرسبزي، خوشحالي، جي جاءِ تي غربت، بدحالي، پسماندگيءَ جي ڪارن ڪڪرن جا پاڇا  ڇائينل آهن. سنڌوءَ جي پيٽ ۾ واريءَ جي دڙن بجاءِ وهندڙ مست ڇولين ۽ انهن جي وجود سان وابسطه سنڌڙيءَ جون رونقون ۽ ماروئڙن جون مُرڪون واپس آڻڻ لاءِ تاريخ هن موڙ تي سنڌين کي پاڻ مان اختلاف، جھيڙا جڳهڙا، قبيلائي تڪرار، حسد، بغض، ڪوڙ، فريب، مڪاري ۽ منافقيءَ جھڙن ڊگھيءَ غلامي مان جنم وٺندڙ قومي خامين کي پاڻ مان تڙي، قومي ٻڌي ۽ ايڪيءَ جي لاءِ سڏ ڪري رهي آهي. پاڻيءَ کان خالي سنڌوءَ جي هن واريءَ ڀريل پيٽ ۾ انهن قومي خامين بابت وقت جو وڏو درد ۽ انهن خلاف تاريخ جي هڪ صدا سمايل آهي.

 

Next

Contact Us:
+92-332-3895458


هوم پيج

 ڀليڪار
 تعارف
 ايڊيٽوريل
 ڪالم
 خبرون
 تصوير ڳالهائي ٿي
 سنڌ جو ڪيس
 تاريخ
ڪتاب
 ادب
مضمون
 ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
مختصر مختصر . . .
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
 مواد موڪليو


ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

معاون ايڊيٽرز:

عبدالعزيز منڱريو
ديدار علي ڌاريجو
حبيب سنائي

 

sindh,Pakistan,E-books,Free E-Books,
Library,Earn Money,اسلام، عورت، تصاوير,
islam,islamic books,urdu ,poetry,
urdu stories,urdu novels,urdu forum,
urdu cummunity,urdustan,urdupoint.com,
urduone.net,sindhi fonts,english fonts,
corel draw tutorial,Adobe Photoshop tutorials,SindhuDesh,Free Sindh,
bbcurdu.com,bbc urdu,tutorials,
urdupoint.com,urdu news,web designing,
webdesigning,urdu forum,make
your own website,website templates,easy to
make website,easy website,
free web designing,free web hosting,
rdu writers, Urdu Adab,urdu litrature,
indian litrature,history of india,
pakistan and india,war between
 pak & india,iraq war,Google adsense,earn money online,online banking,earn $,$$,

earn money, google, shadi,health,child,children,
insurance,Indian Music,apniisp,isp,domain name,web hosting,
marriage,student loans,scholarship,national songs,cia

science,technology,mobile,sms,indian sms,funny sms

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  editor@voiceofsindh.net