شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

عبدالڪريم گدائي

 

    عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.

    عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.

    سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“

    گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.

    گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

* سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين,

* خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

* اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.

* نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر
 نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر

 نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر
 نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.

* آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي
 هر موڙ مٿان آزادي جي هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:

* ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.

 

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com