شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

 عابده پروين

 

    عابده پروين 1957ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ استاد غلام حيدر خان جي گهر ۾ جنم ورتو.سندس والد موسيقيءَ جو وڏو شوقين هو.عابده کي شروعاتي راڳ جون رمزون والد سمجهايون.والد کان بعد هن لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي.هن استاد سلامت علي خان ۽ استاد محمد جمن کي پنهنجو استاد ڪري مڃيو آهي.هن استاد محمد ابراهيم ۽استاد منظور علي خان کان متاثر ٿي سندن انداز مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.

    1970ع ۾ سندس خاندان لاڙڪاڻي مان لڏي مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي.کيس ريڊيو تي آڻڻ وارو دين محمد زمان مٽياري هو.سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ” شوقيه ڳائيندڙن “ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.کيس فن کي نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ شيخ غلام حسين وڏي محنت ڪئي ۽ هن هڪ سال اندر تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪري ورتي.

    1979ع ۾ کيس پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ”سنڌ سينگار“ ۾ متعارف ڪرايو.اردو پروگرامن ڏانهن سندس دلچسپي سلطانه صديقيءَ پيدا ڪئي.هن اردي جي پهرين پروگرام ”سُر سنگم“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري پوري ملڪ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو.ٽي وي سندس ڳايل گيت ”گهوم چرکڙا سائيان دا“ جي مشهوري کانپوءِ سندس آواز جي ڌاڪ مچڻ لڳي.سندس ڳايل اردو غزل ” جب سي تو ني مجهي ديوانا بنا رکا هي“ ملڪ جي سنجيده حلقن جي دلين ۾ گهر پيدا ڪري ڇڏيو.

    هن شاهه عبدللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کي صحيح پڙهڻ لاءِ رات ڏينهن سخت محنت ڪئي. هن مارشل لا دوران ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين قومي شاعرن جي مزاحمتي شاعري ڳائي سنڌ واسين کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    1981ع  ۾ هن لڳاتار ٽن ڪلاڪن تائين ڀٽائيءَ جي شاعري ڳائي رڪارڊ قائم ڪيو. هوءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن.سندس تعليم بي.اي تائين آهي.1975 ع ۾ هن حيدرآباد جي سينيئر پروڊيوسر غلام حسين شيخ سان شادي ڪئي، جنهن 1994 ع ۾ وفات ڪئي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ سارنگ ۽ ٻه ڌيئرون سليما ۽ پرهه آهن.

 

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com