شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

انيتا غلام علي  

 

نامياري تعليمي ماهر انيتا غلام علي ڪراچي ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو فيروز نانا هو ۽ هو وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هو. سندس والده جو نالو شيرين فيروز هو، جيڪا سنڌي ٻولي جي نامياري اديب مرزا قليج بيگ جي فرزند ۽ نامياري ڪهاڻيڪار مرزا نادر بيگ جي ڌيءُ هئي. هن هندستان جي صوبي مهاراشٽرا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي واپس اچي 1950 ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. هن 1954 ع ۾ انٽر جي تعليم ڪراچي جي وومين ڪاليج مان پاس ڪئي. هن انٽر جو ٻن سالن وارو اهو امتحان چئن سالن ۾ پاس ڪيو. هنB.Sc ڊي جي ڪاليج ۾ ٻن سالن بدران چئن سالن ۾ ڪئي. هوءَ پڙهائي ۾ ڪمزور هئي، جنهن ڪري ٿرڊ ڪلاس ايندي هئي. هوءَ شاگردي واري دور کان وٺي ٽيبل ٽينس ۽ بيد منٽن راند جي شوقين رهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا انهن جي چيمپيئن پڻ رهي آهي. سندس خواهش ڊاڪٽر ٿيڻ جي هئي پر ڊاڪٽر نه ٿيڻ ڪري استادي وارو پيشو اختيار ڪيو. هن 1978 ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي ۽ انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ بڻي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي، جنهن ڪري سندس والد تي انتظاميا پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي اهڙين سرگرمين کان روڪي، پر هن اهو چئي کين جواب ڏنو ته ”هوءَ بالغ ۽ شعور يافته آهي، جنهن ڪري پنهنجو برو ۽ ڀلو پاڻ سمجهي سگهي ٿي. مان سندس زندگي جي مقصد ۾ رنڊڪ نه ٿو بڻجڻ چاهيان!“ هوءَ 28 سالن تائين ايم ايس ڪاليج ۾ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن 20 سالن تائين ريڊيو پاڪستان تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪيو. هوءَ 1989 ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿي ۽ اڄڪلهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هوءَ سماجي تنظيمن جي سهڪاري ٿي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي شعور لاءِ ڪوششون پڻ وٺندي رهي آهي. هن پنهنجي نوڪري واري عرصي ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو. هن 250 جي لڳ ڀڳ تعليم ۽ عورتن بابت انگريزي اخبارن ۾ مضمون لکيا آهن ۽ هن سنڌي ڀرت جي اصليت ۽ حويلي جي رازن بابت پڻ انگريزي ۾ ڪتاب لکيا آهن.

 

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com