شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

ڊاڪٽر عبدالقدير خان

 


پيدائش پهرين اپريل 1938

    پاڪستان جو عظيم سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان پهرين اپريل 1938 ع تي ڀوپال ۾ ڄائو.ورهاڳي کانپوءِ هو پاڪستان آيو.ڪراچي مان سائنس ۾ گريجوئيشن بعد کيس ٻن سالن تائين برلن (مغربي جرمني)جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي هالينڊ مان ايم ايس سي جي ڊگري ملي.بعد ۾ کيس يونيورسٽي جي عالمي شهرت يافته پروفيسر ڊبليو جي برگز پنهنجو اسسٽنٽ بڻايو.اپريل 1972 ع ۾ هن يونيورسٽي آف ليون بلجيم مان انجنيئرنگ(فزيڪل ميٽلرجي) ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.هن بين الاقوامي رسالن ۾ 78 کان وڌيڪ سائنٽفڪ پيپر ڇپرايا،جن کي بعد ۾ پڪس آف فزيڪل ميٽلرجي نالي ڪتاب ۾ جمع ڪيو، هي ڪتاب 1972 ع ۾ ايلزي ويئر هالينڊ پاران شايع ڪيو ويو.هن چئن سالن تائين فزيڪل ڊائناميڪل ريسرچ ايف ڊي ۽ هالينڊ جي مشهور فرم وي ايم ايف جي ذيلي اداري ۾ هڪ ماهر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو.بعد ۾ هن يورنيڪوانرجمنٽ پلانٽ هالينڊ ۾ هڪ ماهر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو.هي هالينڊ حڪومت جو گڏيل ادارو آهي.هن ٻن سالن تائين ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ گروپ آف يورپين اڪنامڪ ڪائونسل بلجيم ۾ يونين آف ڊچ انڊسٽريز (وي اين او)جي نمائندگي پڻ ڪئي.

    1971 ع ۾ اوڀر پاڪستان ۽ وري پوءِ 1974 ع ۾ جڏهن ڀارت ايٽمي ڌماڪا ڪيا ته ڊاڪٽر قدير وطن جي خدمت لاءِ پنهنجي نوڪري کي خيرآباد چئي پاڪستان آيو.هن پاڪستان اچي دفاع جو ڪم شروع ڪيو.1976 ع ۾ نيوڪليئر ريسرچ ليبارٽري تعمير ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو ۽ هڪ ڏهاڪي اندر پاڪستان جو نالو عالمي ايٽمي نقشي تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.دفاعي ٽيڪنالوجي ۾ هن جي غير معمولي ڪارنامي پاڪستان دشمن قوتن جي ارادن کي ناڪام ڪري ڇڏيو.

    1981 ع ۾ جڏهن پاڪستاني صدر ڪهوٽا آيو ته سندس حيرت جي انتها نه رهي.هُن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته ڪو اسلام آباد ويجهو ايڏو وڏو پلانٽ تعمير ڪيو ويو آهي ۽ هن انهي عمل کان متاثر ٿي ڊاڪٽر قدير جي نالي اهو پراجيڪٽ ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر قدير پاڪستان کانسواءِ برطانيه،ڪينيڊا ۽ جاپان جي هڪ درجن سائنسي ۽ انجنيئرنگ ادارن جو ميمبر پڻ رهيو.کيس انهن خدمتن عيوض 14 آگسٽ 1989 ع جو هلال امتياز جو اعزاز ڏنو ويو، جيڪو کيس 23 مارچ 1990 ع تي تڏهن جي صدر پاران ڏنو ويو

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com