شخصيتن جا پروفائل


موڪليندڙ:
سليم گل چنا، ڪراچي

فريال ٽالپر

 

    فريال ٽالپر 26 اپريل 1958 تي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. هي حاڪم علي زرداري جي ڌيءُ، آصف علي زرداري جي ڀيڻ ۽ منور علي ٽالپر جي گهر واري آهي. هن جي ماءُ بلقيس سلطانه 12 نومبر 2002 ۾ هن فاني جهان مان موڪلائي وئي . هوءَ سڀني ڀينرن مان عمر ۾ ننڍي آهي تنهن ڪري گهر وارا کيس پيار مان انا بي بي سڏيندا اٿس. هن جون ٻه ٻيون به ڀينرون آهن جن ۾ ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جيڪا قومي اسيمبلي جي ميمبر آهي ۽ فوزيا بي بي شامل آهن. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي.

    فريال ٽالپر ايم اي سوشلاجي ۾ پهرين سال جو امتحان ڏنو جڏهن ته ٻئي سال جو امتحان هاڻي ڏيندي. فريال ٽالپر سياست ۾ 1997 ڌاري حصو ورتو جڏهن هن جو والد حاڪم علي زرداري، ڀاءُ آصف علي ۽ ور منور علي ٽالپر جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ هئا تڏهن هن مخالف ڌر لاءِ خال ڇڏڻ ممڪن نه سمجهيو. نوابشاهه ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 160 تي 1997 ۾ چونڊ وڙهي پر ان ۾ ڪاميابي نه ماڻي سگهي. هوءَ 2001 ۾ مڪاني چونڊن ۾ ضلعي ناظمه چونڊجي وئي ۽ عوام کيس ترقياتي ڪم ڏسي 2005 ۾ ٻيهر ڪامياب ڪرايو جيڪا هاڻي تائين ضلعي نوابشاهه جي ناظمه طور پنهنجا سرانجام ڏئي رهي آهي. فريال ٽالپر جو هڪ پٽ سرور علي ڦوهه جواني ۾ وفات ڪري ويو. ٻه نياڻيون جن ۾ تانيه بي بي جيڪا شادي شده اٿس ۽ 6 ورهين جي عائشه بي بي آهن. فريال ٽالپر صوفي ازم جي پاڻ کي قائل سمجهي ٿي هوءَ اڪثر درگاهن تي ويندي آهي. صدارتي چونڊ 2007 ۾ هن به پنهنجي نامزدگي وارو فارم ڪورنگ طور جمع ڪرايو صدارتي چونڊ 2007 ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ واحد عورت اڳواڻ آهي.

 

 

واپس

 

 

 

هوم پيج
ڀليڪار
تعارف
ايڊيٽوريل
ڪالم
خبرون
تصوير ڳالهائي ٿي
سنڌ جو ڪيس
تاريخ
ڪتاب
ادب
مضمون
ڪهاڻيون
شاعري
پهاڪا
شاهه جو رسالو
شخصيتن جا پروفائل
مختصر مختصر
موسيقي
تصوير گيلري
ڪمپيوٽر
سنڌي فونٽس
لنڪس
پاليسي
رابطو
مواد موڪليو
اشتهارات لاءِ

ايڊيٽر ۽ ويب ماسٽر:

مير آفتاب احمد ٽالپر

سب ايڊيٽر:

مير اشفاق احمد ٽالپر

 

VoiceOfSindh.Net

Promote Your Page Too

literature, forex, tradding, sales, e-markeeting, gold

 

Banking, Forex, E Trade, Credit, Loan, News paper, Newspaper, Real Estate, Internet, Antivirus, Spyware, PHPBB Forum, Free Hosting, Free Domain, Free Website, Web Designing, United State Visa, Free VISA Lottery, Immigration, Google

          انٽرنيٽ جي دنيا تي سنڌيءَ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ توهان به اسان ڏانهن معياري مواد موڪلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهو ٿا. سنڌي ۾ مواد لکڻ ۽ موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو انهي جي علاوه اسان جي اي ميل ايڊريس تي به رابطو ڪري سگهجي ٿو .  voiceofsindh12 [AT] Yahoo [DOT] com