|
گل جي جي تصويرن جي پهرين نمائش 1950ع ۾ ٿي . 1959ع کان اڳ گل جي کي هڪ تصويري مصور جي حيثيت سان ڄاتو سڃاتو پئي ويو. ساڳئي دور وقت ۾ هن افغانستان جي سڄي شاهي خاندان جون تصويرون تخليق ڪيون.1960 کانپوءِ کيس هڪ ڪامياب تجريدي مصور طور ڏٺو ويو.گل جي 50 ۽ 60 وارن ڏهاين ۾ شروع ٿيندڙ” ايڪشن پينٽنگ موومينٽ“ کان متاثر هو جهڙي ريت بين الاقوامي سطح تي جيڪسن پولڪ ۽ ايليين هيميلٽن جهڙن فنڪارن جي فن کي خاص اهميت حاصل آهي.گل جي کي تصويرن ۾ غير روايتي شين جو استعمال ڏاڍي عزت بخشي ۽ هن جي تصويرن کي ٻين مصورن کان مختلف بنائي مڃتا بخشي. هو پنهنجي آئل پينٽنگز ۾ شيشا، سون ۽ چاندي جو ورق استعمال ڪندو هو 1960 کانپوءِ گل جي پينٽنگ سان گڏوگڏ مجسما سازي ڏانهن ڌيان ڏنو ان فن ۾ به هي ڪامياب ويو.هن جون تصويرون چمڪيدار ۽ رنگن سان ڀرپور نظر اينديون هيون جيڪي ڏسندڙن جي دلين کي ڇهنديون هيون جن ۾ معصوم مصور جي حساسيت ۽ احترام لائق جذبا جهلڪندي نظر ايندا هئا.دنيا جي مشهور شخصيتن ۽ ملڪي سربراهن جون پڻ هن تصويرون تخليق ڪيون. فيصل مسجد جي مينارن تي موجود چنڊ جي شاهڪار ۾ به هن جي محنت شامل آهي گل جي کي مصوري ۾ مڃتا طور عالمي ۽ قومي سطح تي ڪيئي ايوارڊ ڏنا ويا. 19 ڊسمبر 2007ع ۾ سندس گهر واري ۽ نوڪرياڻي سميت ٽنهي ڄڻن جو لاش گهر مان مليو .قتل جي جاچ جو ان وقت جي صدر ۽ وزير اعظم ڏنو پر قاتل اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا گل جي پڄاڻان سندن فرزند امين گل به مصور طور سڃاتو ۽ ڄاتو وڃي ٿو.
|
|
|